ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اين ايف سي ايوارڊ ۽ 18هين ترميم کي رول بيڪ ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش جي سخت مخالفت جو اعلان ڪيو آهي.
مراد علي شاهه سنڌ ۾ شاگردن جي حاضري کي مانيٽر ڪرڻ لاءِ ڊجيٽل نظام جو افتتاح ڪري ڇڏيو.
تقريب کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته حاضري سسٽم صوبي جي اسڪولن کان پوءِ ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ به لاڳو ڪنداسين، اسان کي ڄاڻ هجڻ گهرجي ته ٻار ڪاڏي وڃي رهيا آهن.
ان کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته اين ايف سي ايوارڊ ۽ ارڙهين ترميم کي رول بيڪ ڪرڻ واري ڪنهن به ڪوشش جي مخالفت ڪنداسين.
هن وڌيڪ چيو ته اين ايف سي ۽ ارڙهين ترميم کي ڪنهن به صورت ۾ رول بيڪ ٿيڻ نه ڏينداسين، ڇو ته ارڙهين ترميم ۾ ٻيون به ڪيترائي اهم معاملا شامل آهن.
وڏي وزير جو اين ايف سي ايوارڊ ۽ ارڙهين ترميم کي رول بيڪ ڪرڻ وارين ڪوششن جي مخالفت جو اعلان
You might also like