شدت پسنديءَ حڪومت لاءِ ڄڻ کيل تماشو بڻجي وئي آهي، جن سان ويٺا ٿا گولين جي نشاني تي کيڏن جو ڪنهن مهل باغين جي گولي اهلڪارن کي چُٽي ٿي وڃي ۽ ڪنهن گهڙي اهلڪارن جي گولي باغين جا سينا ۽ نرڙ ڦاڙي ٿي رکي. حڪومت جي شدت پسندي پنهنجي جاءِ تي پر قومن جي پولرائيزيشن سبب اٻوجهھ قومن پنهنجي جان جي بازي لڳائي ڇڏي آهي. اهي قومون پنهنجن نسلن، زمينن، معدنياتي دولتن، تعليم، صحت جي کوٽ جي ڪري، امن امان ۽ آجياپي جي لاءِ سينن تي گوليون ٿا سهن. جنهن جو تازو مثال بلوچستان ۽ ڪي پي جي سياسي اڻبڻت يا غلط فيصلن جي موٽ ۾ ڪيل رت جي راند مان وٺي سگهجي ٿو. حڪومت ان ڳالهھ تي بضد آهي ته خلق انهن جي هرممڪن ڳالهھ مڃي ۽ انهن سان ڪنهن ڳالھ تي خلق ڳتِ نه ڏئي، جنهن ۾حڪومت جو نيشنل (پنهنجو پنجاپي) غريب بلوچ جي زندگي عذاب ۾ ڇو آهي، ريڪوڊڪ ۽ سينڊڪ منصوبن مان ڪمايل دولتون ڪاڏي ٿيون وڃن، ايران جي رستي شين جي امپورٽ تي ادارا ڀتا ڇو ٿا وٺن (يا درد ڪٿا جي قسط اها به آهي ته ٿر جو ڪوئلو ساهيوال، فيصل آباد ۽ لاهور جي صنعتن کي ڏئي اربين روپيا ڪمائن ٿا پر ان ڪوئلي جي ڪمائي تي ٿري خلق جو ڪو حق ناهي) روزگار، صحت، تعليم ، پيئڻ جو صاف پاڻي، روڊ رستا، اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽون جي انهن بلوچن جي حصي ۾ نه ٿيون اچن ته آخر انهن دولتن ۽ معدني ڌن جو بلوچن کي ڪهڙو فائدو جو هيءَ نه هيءَ مهل نوجوان بلوچ کنڀي کڻي ٿا وڃن ۽ انهن جون منڍيون لڻي ۽ بلوچ نوجوانن کي ان ڳالھ تي اڪسائي ٿي ته اهي خودڪش حملا به ڪن، رياستي طاقتن سان مهاڏو به اٽڪائن. عام خلق جي لاءِ وائڙائپ جي حد اها به آهي ته هيل خودڪش حملو هڪ عورت جو ڪيل آهي، جيڪا پاڻ چين مان اعلي تعليم يافتا هئي، جنهن جي خاندان جا سڀ ڀاتي ڪميشنڊ آفيسر به آهن، ته اهي بلوچستان اندر اعلي سرڪاري عهدن تي فائز به آهن.. آخر ادارا ڇا ٿا چاهن ۽ بلوچ پاڻ کي رياست کان ڌار ڇو ڪيون ويٺا آهن؟ رياست انهن جي نوجوانن کي آخر ايتري نفرت ڇو ٿي ڪري، جو اهي گم ڪرڻ کانپوءِ لڀن ئي نه ٿا. انهن جي پويان انهن جون مائرون، ڀينرون، ڌيئرون، زالون ۽ پيئر اها ڳالهھ سمجهي آسرو لاهي ٿا ويهن ته انهن جي ڪمائڻ جو آسرو هاڻي ناهي رهيو ۽ واضع پيغام آهي ته جيڪي به زالون هونديون اهي مڙسن کان محروم ٿي وينديون، مائرون ۽ پيئر پٽن کان، ڀينر ڀائرن کان. اهي جيڪي به خاموش بلوچ جدوجهد جا باني آهن، اهي بس تماشائي آهن يا تماشو بڻجي ٿا وڃن. ان ڪري ته ڪوئٽا ۾ هيليڪاپٽر ڪري، بگٽي قتل ٿئي، گوادر ۾ رت وهي، پوليس اسٽيشن تي چڙهايون ٿين، ريلوي تي ڌماڪا ٿين، 35 گاڏين کي باهيون لڳن، بلوچ ماريا وڃن يا عسڪري ڪيمپن تي حملا ٿين، جن ۾ درجنين عسڪري جوان شهيد ٿي وڃن، ۽ پوءِ اهو چوڻ آسان هجي ته انهن جي پويان بلوچ لبريشن آرمي جو هٿ آهي. ادارا ضربِ عضب ڪن، ردالفساد ڪري وجهن يا هاڻي 20 ارب روپين جي عيوض عزم استحڪام جا نعرا هڻن. پر رياست اهي سڀ پيسا جي انهن ماڻهن جي حقن، انهن جي بنيادي سهولتن، انهن جي روزگار جي وسيلن ۽ امن امان جي لاءِ خرچ ڪري،
حالتون هاڻي نازڪ نه ٿيون چئي سگهجن، ان ڪري اهو نازڪ موڙ هاڻي پوئتي رهجي ويو آهي ۽ حڪومت کان حڪومت نه ٿي سنڀالجي، جنهن جي شاهدي هاڻوڪا واقعا ڏئي سگهن ٿا، جو ماڻهن کي ڀلي ڪنهن به اڻڄاتل خوف ۾ وڪوڙن ته ”جيڪڏهن ڪنهن به ”فايروال“ اورانگهي ته ان جو حشر بُرو ٿيندو“ پر موسي خيل ۾ (ڪنهن به) انهن سڀني ماڻهن جي سڃاڻپ ڪري انهن جا سينا گولين سان پروڻ ڪيا، جن پاڻ کي غيربلوچ ڳڻايو، هاڻي ڇا سمجهون يا ڪنهن کي غلط چئون!؟ سوال کڙو ٿو ٿئي ته آخر اها گهرو ويڙھ ڪڏهن ختم پزير ٿيندي، جو مقامي ماڻهو سُک جو ساھ کڻندا، ان ڪري ته امن، سُک، شانتي، آرام، عيش، زندگي، پيسو، برڪت، صنعتون، زرعي انقلاب، پيٽ ڀرائي، ارب پتي خلق، اسٽبلشمينٽ جا مزا، وڏيون نوڪريون، بادشاهي ۽ شڪر وارا لمحا رڳو اسلام آباد ۽ پنجاب ۾ آهن، جتي ڪا به دهشتگري، ڪا به وحشت پسندي، مقامي مذهبي اڻبڻت يا عسڪري بربريت ناهي. پر مسئلو رڳو ڪي پي، بلوچستان ۽ سنڌ جي علائقن ۾ آهي، جتي زندگي روئي ٿي، جتي ماڻهو غمزده ۽ خوفزده آهن ته انهن جا نوجوان هيءَ نه هيءَ مهل رياستي ايجنسين جي هٿان کنڀجي ٿا وڃن، ان ڪري چپ رهو ۽ خاموش زندگي گذاريو ۽ ڪنهن جو به نالو نه وٺو، ان ڪري ملڪ جا باقي نسل هٿيارن جي ڇانوري هيٺ آهن.