بلوچستان جي علائقي موسيٰ خيل ۾ 26 آگسٽ تي بيگناهه ۽ بي هٿيار سويلينز کي بسن مان لاھي گوليون هنيون ويون. حملي ڪندڙ اڪثر مسافرن کي سندن سڃاڻپ ڪارڊ ڏسڻ کان پوءِ قتل ڪيو. مقتولن مان اڪثريت جو تعلق ڏکڻ پنجاب جي شهرن سان هو.ڪجھه سينٽرل پنجاب جا ۽ ٻه بلوچستان سان تعلق رکندڙ ھئا ۽ اھي ٻئي پشتون ھئا.
موسيٰ خيل بلوچستان، خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب جي سرحد تي واقع آهي. هن جي اوڀر ۾ تونسه شريف، اولهه ۾ لورا لائي، اتر ۾زوب ۽ ڏکڻ ۾ بارکان آهي. هن علائقي ۾ پختون آبادي جي اڪثريت آهن جيڪي موسيٰ خيل قبيلي سان تعلق رکن ٿا ۽ ميانوالي تائين پکڙيل آهن. موسيٰ خيل جي ماڻهن جو ڪاروبار ۽ مٽيون مائٽيون پنجاب کان وٺي خيبرپختونخواهه تائين پکڙيل آهن، ان ڪري ھن علائقي ۾ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي ماڻهن جو اچڻ وڃڻ معمول آهي. 26 آگسٽ تي هتي جيڪو قتل عام ٿيو ان ۾ ٻه پشتون به ماريا ويا ، پر ميڊيا انهن ٻن پشتونن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو.
ان سانحي کان پوءِ حملي آورن جي فوري گرفتاري تي ڌيان ڏيڻ بجاءِ انهن معاملن کي پکيڙيو ۽ مٿي کنيو ويو،جنھن جو سڌو سنئون دهشتگردن کي فائدو ٿيو.حڪومتي وزيرن حملي آورن کي گم ٿيل فرد قرار ڏيڻ شروع ڪيو ۽ گهر ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي ته گم ٿيل ماڻھن جي بازيابي جو مطالبو ڪندڙ ماھ رنگ بلوچ ان سانحي جي مذمت ڪري.
ڏکڻ پنجاب جي ڪجهه دانشورن شڪايت ڪئي ته مارجي ويلن ۾ اڪثريت سرائيڪين جي هئي، پر ميڊيا انهن کي پنجابي ڇو قرار ڏنو ؟ اهو هڪ سانحو هو جنهن جي ذميوارن کي انجام تائين پهچائڻ لاءِ يڪجھتي جي ضرورت هئي پر ان معاملي ۾ وفاقي وزيرن جو موقف تضادن جو شڪار هو.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي فرمايو تھ بلوچستان ۾ دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪنهن وڏي آپريشن جي ضرورت ناهي، اهي دهشتگرد تھ هڪ ايس ايڇ او، جي مار آھن. بچاءَ وارو وزير خواجا آصف فرمائيندو رھيو تھ دهشتگردن جي پٺيان هندوستان آهي ۽ انھن خلاف فوج سڪيورٽي فورسز سان گڏجي ھڪ وڏو آپريشن ڪندي.
26 آگسٽ واري ھن سانحي بلوچستان جي علائقي ٻيلي ۾ ٿيندڙ هڪ ٻئي وڏي حملي کي پس منظر ۾ ڌڪي ڇڏيو، جنهن ۾ تربت يونيورسٽي جي شاگردياڻي ماهل بلوچ به شامل هئي. ماهل بلوچ قانون جي شاگردياڻي هئي ۽ حملي کانپوءِ مجيد برگيڊ سندس تصوير بھ جاري ڪئي. سوشل ميڊيا تي سرگرم ڪجهه سرڪاري سائبر ڪمانڊوز ان ماھل بلوچ کي هڪ ٻي ماھل بلوچ سان گڏي ڪنفيوزڊ ڪري ڇڏيو، جيڪا گذريل سال گرفتار ٿي ھئي. گرفتار ٿيل ماهل بلوچ ٻن ٻارن جي ماءُ هئي ۽ ان تحويل دوران ھڪ ٽي وي انٽرويو ۾ ٻڌايو ھو ته سندس تعلق بي ايل ايف سان آهي. ٻيلي ۾ خودڪشي حملو ڪندڙ ماهل بلوچ جو تعلق گوادر جي هڪ اهم سياسي خاندان سان هو. اسان اهو سوچڻ جي زحمت نه ڪئي ته تربت يونيورسٽي جي ھڪ گرلز هاسٽل مان هڪ بلوچ شاگردياڻي ٻيلي ۾ خودڪش حملو ڪرڻ ڪيئن پھچي وئي ؟سڀني کي اها ڳڻتي هئي ته ماهه رنگ بلوچ حملي آورن جي مذمت ڪڏهن ڪندي؟ سوال اهو آهي ته ڇا ڪنهن ماه رنگ بلوچ جي والد غفار لانگو جي تحويل ۾ موت جي مذمت ڪئي ھئي؟ ان ڳالهه کي به نظرانداز ڪيو ويو ته 26 آگسٽ واري ڏينھن تي بلوچستان ۾ جڳھه جڳھھ تي حملا ڇو ٿيا ؟ 26 آگسٽ بلوچستان جي اڳوڻي گورنر ۽ اڳوڻي وڏي وزير نواب اڪبر بگٽي جي شهادت جو ڏينهن آهي. 26 آگسٽ 2006ع تي ڪوهلو جي جبلن ۾ ھڪ آپريشن کان پوءِ جنرل پرويز مشرف پنهنجو سيني تاڻي چيو هو ته، ھا، اسان رياست جي ھڪ دشمن کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. نواب اڪبر بگٽي ڪڏهن به پاڪستان خلاف هڪ لفظ به نه چيو هو. هن تحريڪ پاڪستان ۾ قائداعظم جي مدد ڪئي، پاڪستان جي حق ۾ ووٽ ڏنو. هو 1958ع ۾ ملڪ فيروز خان نون جي حڪومت ۾ گهرو وزير هو ۽ گوادر کي پاڪستان ۾ شامل ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. جنھن حڪومت گوادر کي پاڪستان ۾ شامل ڪيو.ان حڪومت کي جنرل ايوب خان برطرف ڪري مارشل لا لاڳو ڪئي ۽ بگٽي صاحب کي جيل ۾ ڦٽو ڪيو ويو.
اسان جا ڪيترا ئي دانشور اھو نٿا ڄاڻن ته جڏهن 14 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان قائم ٿيو ته ان ۾ بلوچستان شامل نه هو. 1948ع ۾ مڪران، خاران، لسبيلا ۽ قلات پاڪستان ۾ شامل ٿيا، البتھ شاهي جرڳي ۾ شامل اڪبر بگٽي ۽ ڪجهھ بلوچ سردارن پاڪستان جي حق ۾ فيصلو ڏئي اهڙي صورتحال پيدا ڪئي جو باقي رياستن کي به پاڪستان ۾ شامل ٿيڻو پيو. خان آف قلات مير احمد يار خان بلوچ هڪ معاهدي تحت پاڪستان ۾ شامل ٿيو. پاڪستاني رياست انهن کي بلوچ سڃاڻپ سان ھڪ صوبو ڏيڻ جو واعدو ڪيو پر هنن ون يونٽ ھڻي واعدي خلافي ڪئي. نواب نوروز خان بغاوت ڪئي تھ کيس قرآن مجيد جو واسطو ڏئي ڪري کيس ڳالهين لاءِراضي ڪيو ويو. 90 سالن جو نواب نوروز خان قرآن جي نالي تي جبل تان هيٺ لھي آيو، پر جنرل ايوب خان کيس ۽ خان آف قلات کي جيل ۾ وجھي ڇڏيو.
اهڙي قسم جون ڳالهيون جنرل پرويز مشرف 2006ع ۾ چوڌري شجاعت حسين ۽ مشاهد حسين ذريعي نواب اڪبر بگٽيءَ سان ڪيون ۽ آخر ۾ ڳالهين جي نالي ۾ دوکو ڏنو ويو. 80 ورهين جي نواب اڪبر بگٽي کي شهيد ڪري سندس گهر ڀاتين کي جنازي نماز به ادا ڪرڻ نه ڏني وئي.
2009ع ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي حڪم تي نواب اڪبر بگٽي جي قتل جي ايف آءِ آر جنرل پرويز مشرف خلاف داخل ڪئي وئي. ست سال اھو ڪيس هليو. مشرف هڪ ڀيرو به عدالت ۾ نه آيو، جيڪڏهن ڪيس ۾ بگٽي صاحب جي پٽ جميل اڪبر بگٽي کي انصاف ملي وڃي ها ته شايد اڄ اھي حالتون پئدا نھ ٿين ھا،جن کي بلوچستان منھن ڏئي رھيو آھي.
حالتن کي سڌارڻ بدران بلوچستان ۾ ھڪ اهڙي حڪومت جوڙي وئي آهي جيڪا صوبي جي عوام ۾ تمام گهڻي غير مقبول آهي. هي حڪومت هر وقت اهو ئي چوندي رهندي آهي ته اسين آئين کي نھ مڃيندڙن سان ڳالهيون نه ڪنداسين. پهرين ڳالهه اھا ته آئين کي نه مڃڻ وارا به توهان سان ڳالهين لاءِ راضي ناهن، ٻي ڳالهه اها آهي ته جيڪي آئين کي مڃيندا ھئا ۽ بندوق بدران ووٽ جي سياست ڪندا ھئا انهن کي فارم 47 جي ڪرشمي سان قومي ڌاري مان نيڪالي ڏئي ڪري عسڪريت پسندن کي مضبوط ڪيو ويو.
بلوچستان ۾ ويڙھ جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي، ان جي شروعات پهرين عالمي جنگ کان ٿئي ٿي جڏهن 1916ع ۾ برگيڊيئر ڊائر بلوچستان ۾ آپريشن ڪيو، ٻي عسڪريت 1948ع ۾، ٽين 1958ع ۾، چوٿين 1962ع ۾، پنجين 1973ع ۾ ۽ ڇهين 2006ع ۾ شروع ٿي.
جنھن مجيد برگيڊ سان ماھل بلوچ جو تعلق آهي ان برگيڊ جو نالو مجيد لانگو جي نالي تي رکيو ويو آهي جنهن 2 آگسٽ 1974ع تي ڪوئيٽا ۾ ذوالفقار علي ڀٽي تي حملو ڪيو هو. جنھن ۾ پاڻ مارجي ويو ھو. اڄ وري بلوچستان ۾ ڀٽي جي پارٽي جي حڪومت آهي. ڀٽو صاحب پنهنجي ڪتاب ”افواهه اور حقيقت “ ۾ اعتراف ڪيو ته فوجي جنرلن بلوچستان ۾ ھن کان غلطيون ڪرايون. اڄ جي پيپلز پارٽيءَ کي شايد ان ڪتاب جي بھ خبر نھ ھجي، بلوچستان جي مسئلي جو حل نه بندوق آهي ۽ نه ڪوڙ آھي،جيڪا بھ ڌر بي گناھ خلاف بندوق استعمال ڪري ٿي اهو شيطان جو ساٿي آهي.ڌريون خدا جو خوف ڌارين ۽ ظالم بند ڪري ڇڏين تھ بلوچستان ۾ امن قائم ٿي سگهي ٿو.