ڪراچي: دونهون ڇڏيندڙ گاڏين خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ انوائرنمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي ڪراچي ۾ دونهون ڇڏيندڙ گاڏين خلاف ويهيڪيولر ايميشن ڪنٽرول مهم شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.
پهرين کان 30 سيپٽمبر تائين گاڏين جي ماحولياتي چڪاس ڪئي ويندي.
گدلاڻ پکيڙيندڙ گاڏين تي لال اسٽيڪر لڳايا ويندا، جڏهن ته گاڏي ۾ موجود خرابي 15 ڏينهن اندر درست نه ڪرڻ جي صورت ۾ گاڏي بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

You might also like