اڪراچي (ويب ڊيسڪ ) سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪراچي ۾ جماعت اسلامي جي هڙتال دوران ڀڃ ڊاهه جي واقعن جي مذمت ڪندي چيو آهي ته سياسي مقصدن لاءِ شهرين کي تڪليف پهچائڻ مذمت جوڳو عمل آهي.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته احتجاج هر ڪنهن جو حق آهي، پر احتجاج جي نالي تي شهر کي يرغمال بڻائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.
هن وڌيڪ چيو ته شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ سان گڏ ڪاروباري ۽ روزاني سرگرمين کي متاثر ڪندڙ ڀڃ ڊاهه ۽ روڊ بلاڪ ڪرڻ وارن عملن کي برداشت نه ڪيو ويندو.
”ڪراچي کي يرغمال بڻائڻ جي اجازت نه ڏينداسين“ جماعت اسلامي جي هڙتال دوران ڀڃ ڊاهه تي شرجيل ميمڻ جو سخت ردعمل
You might also like