لنڊن (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم برطانوي بادشاهه ڪنگ چارلس سان ملاقات کانپوءِ دلچسپ انداز ۾ سندس واکاڻ ڪئي، جنهن تي مداحن طرفان به ڀرپور ردعمل سامهون اچي رهيو آهي.
ڪنگ چارلس پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اعزاز ۾ ڪلارنس هائوس ۾ خاص آجياڻو ڏنو، جتي هن قومي ٽيم جي رانديگرن ۽ آفيسرن سان ملاقات ڪئي.
ان موقعي تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين محسن نقوي پڻ موجود هو.
ملاقات دوران ڪنگ چارلس پاڪستاني رانديگرن کي اتساهيو، جڏهن ته محسن نقوي سان ڳالهه ٻولهه دوران پاڪستان ۾ امن ۽ خطي ۾ استحڪام لاءِ ڪيل ڪوششن کي ساراهيو.
ملاقات کانپوءِ ڳالهائيندي بابر اعظم خوشگوار انداز ۾ چيو ته ”اڄ اصلي ڪنگ سان ملي تمام گهڻي خوشي ٿي.“
بابر اعظم جو اهو دلچسپ جملو سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي ويو.
مداحن طرفان ان کي خاص طور تي پسند ڪيو پيو وڃي، ڇاڪاڻ ته ڪرڪيٽ جا شوقين بابر اعظم کي اڪثر ”ڪنگ بابر“ جي لقب سان سڏيندا آهن.
”اڄ اصلي ڪنگ سان ملي خوشي ٿي“، بادشاهه چارلس ۽ بابر اعظم جي ملاقات واري وڊيو وائرل
You might also like