ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روس آمريڪي ناڻي واري وزير اسڪاٽ بيسنٽ طرفان ٻين ملڪن کي ايران جي حمايت ختم ڪرڻ ۽ ان کان دوري اختيار ڪرڻ واري اپيل رد ڪري ڇڏي آهي.
واضح رهي ته آمريڪي ناڻي واري وزير تازو چيو هو ته ”اسان ايران تي غير معمولي پابنديون لاڳو ڪري رهيا آهيون. هن تڪرار کي ختم ڪرڻ جو تيز ترين طريقو اهو آهي ته ڪو به ايراني حڪومت جي مدد نه ڪري.“
جڏهن ته چين ۽ روس سميت ڪجهه ملڪن ان موقف تي سخت ردعمل ظاهر ڪيو آهي.
آمريڪي حڪومت ايران تي معاشي دٻاءُ وڌائڻ لاءِ وڌيڪ پابندين جو به اشارو ڏنو آهي.
برطانوي ميڊيا موجب، ڪريملن جي ترجمان دمتري پيسڪوف خميس ڏينهن چيو ته ”اسان جا ڀائيوار ۽ دوست موجود آهن ۽ اسان انهن سان پنهنجا دوستاڻا ۽ پاٽنرشپ تي ٻڌل لاڳاپا برقرار رکندا ۽ وڌيڪ مضبوط بڻائينداسين.“
هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا اهڙي پوزيشن ۾ ناهي جو ٻين ملڪن جي لاڳاپن تي ”اجارا داري“ قائم ڪري.
You might also like