ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، پاڪستان ۾ في تولو سون 11 هزار 200 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 65 هزار 236 رپين تائين پهچي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون 9 هزار 602 رپيا وڌي 3 لک 98 هزار 864 رپين جو ٿي ويو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 112 ڊالر واڌ سان 4 هزار 427 ڊالر ٿي وئي آهي.
سون جي قيمت 7 ڏينهن دوران 33 هزار رپيا گهٽجڻ کانپوءِ اڄ اٺين ڏينهن 11 هزار رپيا وڌي آهي.