اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان عالمي مالياتي مارڪيٽن ۾ 3 ارب آمريڪي ڊالر ماليت جا يورو بانڊ ڪاميابي سان جاري ڪري ڇڏيا.
پاڪستان جي ناڻي واري وزارت دعويٰ ڪئي آهي ته اها ملڪي تاريخ ۾ هڪ ئي ٽرانزيڪشن ذريعي عالمي بانڊ مارڪيٽ مان حاصل ڪيل سڀ کان وڏي رقم آهي.
حڪومت موجب، هن بانڊ لاءِ سڄي دنيا جي ادارتي سيڙپڪارن طرفان اٽڪل 6 ارب ڊالر جا آرڊر وصول ٿيا، جيڪي جاري ڪيل رقم کان لڳ ڀڳ ٻيڻا آهن.
ناڻي واري وزارت جي پڌرائي موجب، اها اڳڀرائي پاڪستان جي عالمي سرمائي جي مارڪيٽن تائين ٻيهر پهچ ۽ عالمي سيڙپڪارن جي وڌندڙ اعتماد ڏانهن اشارو آهي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته اها رقم مختلف مدي وارن ٻن يورو بانڊز ذريعي حاصل ڪئي وئي آهي.
پهرئين مرحلي ۾ 5 سال ۽ 6 مهينن جي مدي لاءِ هڪ ارب 75 ڪروڙ ڊالر جو يورو بانڊ جاري ڪيو ويو آهي، جنهن تي وياج جي شرح 7.50 سيڪڙو مقرر ڪئي وئي آهي.
هڪ ارب 25 ڪروڙ ڊالر جو ٻيو يورو بانڊ 10 سالن جي مدي لاءِ جاري ڪيو ويو آهي، جنهن تي ڪوپن ريٽ 7.90 سيڪڙو آهي.
اهڙيءَ ريت پاڪستان مجموعي طور 3 ارب ڊالر حاصل ڪيا، جڏهن ته عالمي سيڙپڪارن جي مجموعي طلب تقريبن 6 ارب ڊالر رهي.
حڪومت جو چوڻ آهي ته ڊگهي مدي، خاص طور تي 10 سالن واري بانڊ لاءِ سيڙپڪارن جي نمايان دلچسپي پاڪستان جي معاشي ۽ مالي صورتحال بابت عالمي مارڪيٽ جي بهتر ٿيندڙ اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿي.
حڪومت موجب، ان کان اڳ پاڪستان پنهنجو پهريون پانڊا بانڊ جاري ڪيو هو، جڏهن ته هاڻي جاري ڪيل بانڊ پاڪستان جي تجديد ڪيل گلوبل ميڊيم ٽرم نوٽ پروگرام تحت جاري ڪيا ويا آهن، جنهن جو مقصد عالمي مالياتي مارڪيٽن مان مختلف ذريعن ذريعي سرمايو حاصل ڪرڻ جا امڪان وڌائڻ آهي.
واضح رهي ته پاڪستان جي مرڪزي حڪومت جي ذمي 30 جون 2026ع تي ختم ٿيندڙ مالي سال تائين 87 ارب ڊالر جو قرض آهي. اسٽيٽ بينڪ جي ويب سائيٽ تي جاري ڪيل تفصيلن موجب، هڪ سال کان وڌيڪ مدي وارن قرضن ۾ پيرس ڪلب جي ميمبر ملڪن طرفان ڏنل 5.2 ارب ڊالر جو قرض، عالمي مالياتي ادارن طرفان ڏنل 43.5 ارب ڊالر جو قرض ۽ ٻين ملڪن کان ٻطرفي بنيادن تي ورتل 14 ارب ڊالر جو قرض شامل آهي.
ان سان گڏ يورو، سڪُڪ ۽ ٻين بانڊز ذريعي عالمي ڪيپيٽل مارڪيٽ مان ورتل 6 ارب ڊالر جو قرض ۽ 6.4 ارب ڊالر جو ڪمرشل قرض پڻ شامل آهي، جڏهن ته آءِ ايم ايف کان ورتل 11 ارب ڊالر جو قرض به ان ۾ شامل آهي.