ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري سياست تي پابندي لڳائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
ڪراچي ۾ گورنر هائوس ۾ يوٿ پارليامينٽ ميمبرن جي حلف برداري تقريب ٿي، جنهن ۾ ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪامران ٽيسوري چيو ته هن وقت ملڪ جن حالتن مان گذري رهيو آهي، مان مشورو ڏيان ٿو ته سڀني سياستدانن کي گڏجي ڪجهه مهينن لاءِ سياست تي پابندي لڳائڻ گهرجي ۽ معاشي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي.
هن چيو ته نوجوان ئي پاڪستان جو مستقبل آهن، جڏهن اسان معاشي طور مستحڪم ٿيندا آهيون ته بلوچستان جهڙا واقعا پيش ايندا آهن.
Prev Post
Next Post
You might also like