ڪراچي (ويب ڊيسڪ) برسات سبب سڀاڻي ڪراچي ۾ اسڪول ۽ حيدرآباد ۾ سمورا تعليمي ادارا بند رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
برساتن کي ڏسندي ڪراچي ۾ سڀاڻي جمعي ڏينهن سمورا نجي ۽ سرڪاري اسڪول بند رهندا، ان حوالي سان ڪمشنر حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو.
ڪمشنر طرفان اهو فيصلو موسميات کاتي، پي ڊي ايم اي سان مشاورت کانپوءِ ڪيو ويو آهي.
هوڏانهن برسات سبب سڀاڻي حيدرآباد ضلعي ۾ به سمورا تعليمي ادارا بند رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
انتظاميا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب حيدرآباد ضلعي جا سمورا سرڪاري ۽ نجي تعليمي ادارا سڀاڻي بند رهندا.
You might also like