ڊاڪٽر خير محمد جوڻو ،”سڄڻ“ سڀني جو ” من ” منهنجوــ

تحرير: احمد خان جمالي

ستين ڪلاس کان وٺي، زندگي تائين (1962 – 63 کان 2017 )سٺن دوستن وارو ساٿ رهيو.  ڊي سي هاءِ اسڪول نوابشاه ۽ گورنمينٽ ڪاليج نوابشاهه ۾ هم ڪلاسي به رهياسين ته ڪرڪيٽ راند به کيڏندا رهياسين.  نوابشاهه اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ به ساٿ رهيو ته سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾  به ساٿ هلندو رهيو.

انٽر پاس ڪرڻ کان پوءِ مونکي  سنڌ يونيورسٽي انجنيئرنگ ڪاليج ڄام شوري ۾ داخلا ملي وئي ته خير محمد به سنڌ يونيورسٽي مان بي ايس سي ڪرڻ جي لاءِ ڄام شوري ۾ داخلا ورتي.  مون انجنيئرنگ جي آخري سال جو امتحان 1973 ۾ ڏنو، نتيجو 1974 جي اپريل- مئي ۾ آيو.  خير محمد، بي ايس سي پاس ڪرڻ جي بنياد تي سنڌ يونيورسٽي لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄام شوري ۾ ايم بي بي ايس جو ڪورس ڪرڻ جي لاءِ داخلا ورتي.

مون سال کن انجنيئرنگ ڪاليج ۾ پڙهايو پر پوءِ ٽي مهينا، انڊس گيس ڪمپني حيدرآباد ۾ جاب ڪرڻ بعد آئل اينڊ گيس ڊولپمينٽ ڪارپوريشن جوائن ڪئي. 1978- 79 ۾ مون ڪراچي اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪارپوريشن ۾ ملازمت ڪئي، جتان 2008 ۾ رٽائر ڪيو .

خير محمد، لياقت ميڊيڪل ڪاليج مان ڪورس مڪمل ڪري ”ڊاڪٽر خير محمد“ ٿي چڪو هو.  اهو سڄو عرصو به اسان جو ھڪ ٻئي سان پنهنجائپ وارو رشتو قائم رهيو . ميڊيڪل جي ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ ڊاڪٽر خير محمد، پنهنجي نهايت ئي قابل احترام گهر واري ، جيڪا پڻ نه صرف ڊاڪٽر آهي پر خير محمد جي ڪلاس فيلو پڻ هئي، شادي کان پوءِ لبيا هليا ويا جتي تقريبن 18- 20 سال جاب ڪيائون. ان دوران جڏهن  به پاڪستان ايندا هئا ته ضرور ملندا هئاسين، بلڪ ڪيترائي ڀيرا کين ايئر پورٽ تان وٺي به آيس.

1989 ۾ جڏهن ڊاڪٽر جبار خٽڪ ۽ امداد اوڍي، گڏجي عوامي آواز اخبار ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو ته تقريبن شروع وارا چار مهينا عوامي آواز جو ايڊيٽوريل لکڻ جي ذميواري منهنجي حوالي ڪئي. جيئن ته عوامي آواز جا اهي ساٿي به شاگرد دور کان گڏ رهيا، ان ڪري سن ٻه هزار ۾ آئون به عوامي آواز جي پراڻن نظرياتي دوستن سان گڏجي اداري جو حصو بڻجي ويس.  تقريبن ٻن سالن جي عرصي کان پوءِ ڊاڪٽر خير محمد به اچي عوامي آواز جو حصو بڻيو.  ساٿ هلندو رهيو، زندگي ۾ لاها چاڙها ايندا رهيا پر ساٿ سلامت رھندو آيو.

جنهن ڏينهن شام جو ڊاڪٽر خير محمد، وصال ڪيو ته ان وقت آئون ڪراچي واري گهر ۾ هيس، رات جا اٺ ٿيا هوندا ته ڊاڪٽر جبار خٽڪ جي فون ڪال آئي، ڏاڍو پريشان هو ۽ ڏکويل آواز ۾ چيائين ته  ” ڊاڪٽر خير محمد کي اٽيڪ ٿيو آهي، ڊاڪٽرن مايوسي جو اظهار ڪيو آهي، مون کي ڪجهھ سمجهھ ۾ نٿو اچي ته ڇا ڪيان، سندس گهر واريءَ ۽ عزيزن کي ٻڌائڻ جي همت نٿي ٿئي ". مون کيس چيو ته آئون پهچان ٿو. برسات پئجي رهي هئي، ٽريفڪ جام ، جيئن تيئن ڪري نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪيولر انسٽيٽيوٽ پھتس، عوامي آواز جي آفيس به ان جي تمام ويجهو آهي.  بهرحال وارڊ ۾ پھتس ته ڊاڪٽر خير محمد، بيڊ تي خاموش هو.  ڳالھايم پر ڪو به جواب نه.  عوامي آواز جا ڪافي دوست موجود هئا پر مايوس هئا، ڊاڪٽر اول ئي اميد تان هٿ کڻي چڪا هئا. منهنجي پھچڻ کان 15 منٽ پوءِ ڊاڪٽرن باقاعدہ ڊاڪٽر خير محمد جي انتقال جو اطلاع ڏنو.

اتان ايمبولينس ۾ مڙھ کڻائي عوامي آواز جي آفيس آياسين، ڊاڪٽر جبار خٽڪ جي موجودگي ۾ اداري جي سموري سٿ ڊاڪٽر خير محمد جو آلين اکين ۽ اداس چهري سان ديدار ڪيو، رات جا يارنهن،  ساڍا يارنهن ٿيا هوندا، تيز برسات هلندڙ هئي. ان دوران ڊاڪٽر خير محمد جي گھر واريءَ سان ۽ سندس ڀائرن، ڀائيٽن سان به رابطو ٿي چڪو هو، جڏهن ته سندس ٻه چار عزيز جيڪي به ڪراچي ۾ رهندا هئا انهن سان ڊاڪٽر خير محمد مرحوم کي ايمبولينس  ۾ حيدرآباد کان ٿيندي سندس اباڻي ڳوٺ مير محمد جوڻو روانو ڪيو ويو.

ڊاڪٽر خير محمد جوڻو انتهائي مخلص، هڏ ڏوکي، مددگار، يار ويس، سهپ وارو، نڀائڻ ۽ ڪس ڪسر کائڻ وارو، بااخلاق ۽ باڪردار انسان هو.

ڊاڪٽر خير محمد جوڻو نظرياتي طور تي هميشه سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن سان گڏ رهيو ۽ ان کان پوءِ به انهن ئي پراڻن ساٿين سان گڏ رهڻ کي ترجيح ڏيندو رهيو. لياقت ميڊيڪل ڪاليج جي هاسٽل جي ڪمري جا دروازا هميشه دوستن جي لاءِ کليل رهيا، جتي  نذير عباسي، محمد صالح بلو، غلام رسول سهتو، تاج مري، امداد چانڊيو سميت ٻيا ڪيترائي ان وقت جا سرگرم شاگرد اڳواڻ اچي گڏجاڻيون به ڪندا هئا ته رهندا به هئا ڊاڪٽر خير محمد جا بين شاگرد تنظيمن جي اڳواڻن سان به تمام خوشگوار لاڳاپا هئا.

خير محمد،  نه صرف هڪ سٺو ڊاڪٽر هو پر ذاتي دلچسپي وٺي  ضرورتمندن جي ھر طرح خنده پيشاني سان مدد پڻ ڪندو رهيو. هر ڪنهن کي پيار سان ” من ” ڪري مخاطب ٿيندو هو. وڏائي ڪڏهن به سندس ويجهو نه آئي. وقت ته گذري ٿو وڃي پر يادون ته يادگار آهن، ڪاش انهن کي وسارڻ به وس ۾ هجي! !.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.