شاهه ڀٽائي جي شاعري جي نون پاسن تي تحقيق ڪرڻ جو جڙندڙ نئون ماحول

اڄ سنڌ جي عظيم شاعر ۽ فڪري رهنما شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو 281 هون عرس مبارڪ آهي جيڪو روايتي عقيدت ۽ احترام وچان ملهايو ويندو آهي. ان عرس مبارڪ ۽ عظيم ميلي جي موقعي تي سنڌ حڪومت عام موڪل جو به اعلان ڪيو آهي جيئن عقيدت مندن کي پنهنجي هر دلعزيز هستي جي درگاهه تي وڃڻ جو موقعو ملي سگهي.

شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي جسماني طور گذر ڪري وڃڻ کي 281 ورهيه ٿي چُڪا آهن ۽ سندس شاعري جي فني، سماجي، تاريخي، اقتصادي، جمالياتي، لساني ۽ فڪري پس منظر توڙي سندس شاعري مان ڀٽائي صاحب جي شخصيت کي سمجهڻ جي هر دور ۾ ڪوشش ٿي آهي ۽ ڪافي ڳڻائڻ جهڙو فخر جوڳو به ڪم ٿيو آهي پر ان باوجود هر دور ۾ مٿس وڌيڪ تحقيق ڪرڻ جي ضرورت شدت سان محسوس ڪئي وئي آهي. ڇاڪاڻ ته ڀٽائي صاحب جي شاعري واري مهين جي دڙي جي دريافت بابت هاڻي به ائين سمجهو ته ويهه سيڪڙو ئي ڪم ٿيو آهي، ڀٽائي صاحب جي شخصيت، شاعري ۽ ان جي نون پاسن تي 80 سيڪڙو ڪم اڃان رهيل آهي. مطلب ته ڀٽائي سرڪار تي جيترو ڪم ڪجي ٿو سو ان تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جو نئون تحقيقي ميدان کولي ڇڏي ٿو. اها آهي شاهه لطيف جي شخصيت، سندس شاعري ۽ فڪر جي وسعت.

ڀٽائي صاحب تي تحقيق جي حوالي سان خاص ڪري گذريل 20 سالن ۾ اهو تاثر قائم ٿي رهيو هو ته هاڻي ڀٽائي جي تحقيق جو ڪو نئون رخ نروار ٿيڻ بند ٿي ويو آهي. جيڪا ماضي ۾ تحقيق ٿي آهي تنهن جو ئي ورجاءُ ٿي رهيو آهي تنهن ڪري هاڻي اهي سوال اٿاريا پيا وڃن ته ڀٽائي صاحب جي شاعري جا اهي ڪهڙا پاسا رهيل آهن جيڪي اڻ ڇُهيل آهن. اهڙا سوال هڪ ادبي ٽي وي پروگرام ”ڏات انوکي“ ۾ ناميارو شاعر ۽ ميزبان امر پيرزادو پروگرام ۾ ايندڙ ڀٽائي جي پارکن کان ضرور پڇندو آهي جن جي جواب ۾ هڪ ڀيري انٽرويو ڏيندي ميڊم فهميده حسين چيو هو ته ڀٽائي جي ٻولي جي جيڪا سونهن آهي تنهن تي اڃان گهڻي ڪم جي ضرورت آهي. ايئن گذريل پروگرام ۾ وري ڊاڪٽر شير مهراڻيءَ اهو نئون نُڪتو اٿاريو هو ته ڀٽائي صاحب جيئن عورتن جي نفسيات کي پنهنجي شاعري ۾ نروار ڪيو آهي ۽ جنهن تي نقادن خاصو ڪم به ڪيو آهي تيئن ان ڳالهه جي به ضرورت آهي ته ڀٽائي صاحب مردن جي مزاج ۽ ڪيفيت کي جيئن بيان ڪيو آهي تنهن موضوع تي به تحقيق ٿيڻ گهرجي جنهن ۾ هٿ ناهي وڌو ويو يا اهو موضوع گهٽ ڇُهيو ويو آهي. ان ڏس ۾ ياسر قاضيءَ به اڄ جي ئي عوامي آواز جي اخبار ۾ پنهنجي هفتيوار ڪالم ۾ ڀٽائي صاحب جي شاعري جي هڪ نئين ۽ انوکي نڪتي تي قلم کڻي اکيون کولي ڇڏيون آهن. ياسر قاضيءَ عرس جي موقعي تي لکيل اڄ جي ڪالم ۾ ڀٽائي صاحب جي شاعري ۾ موجود ”مزاح“ واري موضوع کي نشانبر ڪري تحقيق جي هر هر ورجايل ۽ بيٺل تلاءُ ۾ ڄڻ پٿر اڇلي نئون تحرڪ پيدا ڪري ڇڏيو آهي. مطلب ته اهو چئي سگهجي ٿو ته ڀٽائي صاحب جي شاعري جي نون پاسن تي تحقيق ڪرڻ جو نئون ماحول جڙي رهيو آهي جنهن جي آجيان ڪرڻ گهرجي، ۽ اهو تاثر ختم ڪرڻ گهرجي ته ڪو ڀٽائي صاحب جي تحقيق محدود ٿي وئي آهي ۽ اها پاڻ کي ورجائي رهي آهي. هاڻي ته يونيورسٽين اندر به شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اهڙا نوان تحقيقي موضوع ڏئي سگهجن ٿا ڇاڪاڻ ته يونيورسٽيون هونديون ئي تحقيق لاءِ آهن. انهن يونيورسٽين مان صرف فائدو وٺڻ ۽ تحقيق کي درست رخ ۾ ڪرائڻ جي ضرورت آهي. جنهن تي هاڻي ڌيان ڏيڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.

ايئن ڀٽائي صاحب جي شاعري کي عالمي سطح تي انگريزي ٻولي ۾ متعارف ڪرائڻ جي پڻ شديد گهرج آهي. ان سطح جو ڪم ايڇ ٽي سورلي ۽ ايلسا قاضي صاحبه جيڪو ڪري ڏيکاريو آهي تنهن کي وڌائڻ گهرجي ۽ خاص ڪري هاڻي جڏهن انٽرنيٽ جي سهولت مليل آهي ته ان ذريعي ڀٽائي صاحب کي دنيا جي عظيم شاعر طور جيترو متعارف ڪرائڻ جي ضرورت هئي تنهن سطح جو ڪم نه ٿي سگهيو آهي. جڏهن ته هن دور ۾ اهو ڪم ڪو گهڻو ڏکيو به ناهي بس اوڏانهن گهربل ڌيان جي گهرج آهي. سو ڀٽائي صاحب جي عاشقن کي اوڏانهن به ڏسڻ گهرجي پر افسوس ته ان ڏس ۾ ڪو غير معمولي ڪم ناهي ٿيو باوجود ان جي ته اهڙي ڪم جي هر دور ۾ ضرورت محسوس ڪئي وئي آهي پر اهو ڪم ان سنجيدگي سان نه ٿيو آهي ۽ نه ئي ويجهي تاريخ ۾ ٿيندو نظر اچي ٿو. انگريزي ٻولي ۾ ڀٽائي صاحب تي جيڪي به ڪتاب لکيل آهن ايستائين جو ايڇ ٽي سورلي واري ڪتاب کي به هر هر عالمي سطح تي پڙهائڻ جي ضرورت آهي.

اها به حقيقت آهي ته انفرادي طور تي اسان وٽ ڀٽائي صاحب تي سٺو ڪم ٿيل آهي پر ان ڪم کي اسان جي حڪومت ۽ ادارا اها پذيرائي ڏياري نه سگهيا آهن جيڪا انهن کي ڏيارڻ گهرجي. سنڌ حڪومت کي ڀٽائي جي پارکن کان انگريزي ۾ ڪتاب لکائڻ گهرجن يا سنڌي ۾ لکيل ڪتابن جا ترجما ڪرائڻ گهرجن اهڙا ڪيترائي ڪتاب آهن. ڀٽائي صاحب تي ته سنڌ حڪومت کي الڳ ادارو قائم ڪرڻ گهرجي جيڪو هجي ئي ڀٽائي تي تحقيق لاءِ- جيستائين سنڌ حڪومت ڀٽائي صاحب جي تحقيقي معاملي ۾ دلچسپي نه وٺندي ۽ کيس عالمي سطح تي متعارف ڪرائڻ جو مشن نه کڻندي تيستائين گهربل ڪم نه ٿي سگهندو سو سنڌ حڪومت کي ان پاسي سوچڻ جي پڻ دعوت ڏجي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.