پي ٽي آءِ تي پابندي

تحرير: رفيق پٽيل

پي ٽي آءِ جي باني کي ڦاھي ۽ پي ٽي آءِ تي پابندي جي خواھش تي ٻڌل ذو معني تجزيا مختلف ٽي وي چينل تي ڪجهھ مبصر وڌائي ڪري پيش ڪري رھيا آھن،ھن وقت ڪجھھ اڳوڻن آفيسرن جي گرفتاري کي پي ٽي آءِ سان جوڙي ان جي سازباز  جو سلسلو ڳنڍيو پيو وڃي تھ شايد ملڪ ۾ بغاوت جي ڪا خاص رٿابندي پي ٽي آءِ ڪئي ھئي، جنھن جي معلومات اوچتو سامھون آئي آھي.

جيتوڻيڪ سرڪاري سطح تي اڃان تائين اھڙي طرح جي ڪا ڳالھھ سامھون نھ آئي آھي.جيڪڏھن انھن مبصرن جي ڳالھھ درست تسليم ڪجي ۽ حقيقت ۾ اھڙو ڪو منصوبو ھو تھ نتيجو انھن جي خواھش موجب اھو ئي ھوندو تھ پي ٽي آءِ جي باني کي ڦاھي جي سزا ملندي ۽ پي ٽي آءِ ،تي پابندي لڳائي ويندي،اھو فرض ڪري وٺجي تھ انھن مبصرن جي خواھش يا تجزين مطابق نتيجو نڪري ٿو اچي،تھ پوءِ  اھڙي صورت ۾ ڇا ملڪ ۾ استحڪام اچي ويندو ؟  جئين  انھن مبصرن جي دعويٰ آھي، ٿي سگھي ٿو تھ اھي اھو خيال ڪري رھيا ھجن تھ اھڙي طرح عوام ۾ خوشي جي لھر پئدا ٿي ويندي،بجلي جون قيمتون گھٽجي وينديون مھانگائي ٽي سال اڳ واري سطح تي اچي ويندي،پيٽرول جي قيمت  ھڪ سئو پنجاھ رپيا ليٽر ٿي ويندي ۽ پي ٽي آءِ جي باني کي ڦاھي جي خوشي ۾ ھر ھنڌ تي جشن ھوندو ۽ ماڻھون موجود حڪمرانن جي لاءِ زندھ باد جا نعرا لڳائيندي گھرن کان ٻاھر نڪري ايندا ۽ انھن مبصرن کي بھ داد ڏيندا.

ھن وقت جا حڪمران جن کي عالمي سطح تي ڪٿي بھ مڃتا نھ ملي رھي آھي،قبوليت بھ نھ آھي، انھن کي عالمي سطح تي پزيرائي ملڻ شروع ٿي ويندي تھ سموري عالمي ميڊيا تازين چونڊن کي فراڊ چوڻ تي معافي وٺي اھو ٻڌائڻ شروع ڪري ڇڏيندي تھ چونڊون منصفاڻيون ھيون ۽ ھاڻوڪا حڪمران انتھائي مقبول آھن.

افسوس جي ڳالھھ اھا آھي تھ اھي مبصر ايتري جرئت بھ نٿا رکن تھ اھو کلي ڪري ٻڌائي سگھن تھ سندن تجزئي مطابق ڇا ٿيندو ؟ جيڪڏھن بغاوت،آئين ٽوڙڻ جي اشارن ۾ گفتگو ۽ ان کي پي ٽي آءِ ،تي لاڳو ڪرڻ درست ثابت ڪري رھيا آھن تھ اھو چٽو ٻڌائي ڇڏين تھ ان جي سزا ڪھڙي ھوندي ؟ بنگلاديش ۾ بھ اھڙي طرح جي حڪومت برقرار رکي وئي ھئي،بنگلاديش ۾ تيز رفتار معاشي ترقي جي باوجود عوامي انقلاب جي سامھون حڪمران جماعت  ٽڪي نھ  سگھي، حالانڪھ ھٽايل وزيراعظم حسينھ واجد کي عالمي سطح تي پذيرائي حاصل ھئي.

پاڪستان جون حالتون بنگلاديش کان مختلف آھن ۽ بلڪھ وڌيڪ خطرناڪ آھن،پاڪستان جي عوام ۾ بي چيني جي اھا لھر 72 سال کان جاري آھي، مزاحمت جو سلسلو 8 جنوري 1952 ۾ شاگرد تحريڪ جي صورت ۾ سامھون آيو ھو،ڪراچي ۾ شاگردن تي پوليس فائرنگ ڪئي ھئي، ان کان اڳ 1951 ۾ راولپنڊي سازش ڪيس ۾ ممتازشاعر فيض احمد فيض ۽ ڪيترن ئي اھم اڳواڻن سجاد ظھير ۽ جنرل اڪبر کي گرفتار ڪيو ويو ھو، انھن تي لياقت علي خان جي تختي اونڌي ڪرڻ جو الزام ھو.

بنگال ۾ اردو کي سرڪاري زبان جو درجو ڏيڻ جي ڪري بي چيني ھئي،جنرل ايوب خان جڏھن 1962 م نئون آئين ٺاھيو تھ انقلابي شاعر حبيب جالب ان وقت لکيو ھو تھ

”ديپ جس محلات ھي مين جلي ..

چند لوگون ڪي خوشيون ڪو لي ڪي چلي.

.ايسي دستور ڪو صبح بي نور ڪو …

.مين نھين مانتا…مين نھين جانتا…

اھڙي طرح جنرل ضياءَ الحق پ پ پ کي چٿڻ جي لاءِ سياسي ڪارڪنن ۽ صحافين کي ڪوڙڻ جي سزا ڏني تھ حبيب جالب چيو ھو تھ ..

حق بات پي ڪوڙي اور زندان باطل ڪي شڪنجي مين ھي جان.

انسان ھين ڪھ سھمي بيٺي ھين خونخوار درندي ھين رقصان.

اس ظلمو ستم ڪو لطف و ڪرم، اس دک ڪو دوا ڪيا لکنا.

ظلمت ڪو ضيا صرصر ڪو صبا، بندي ڪو ضيا ڪيا لکنا.

پاڪستان ۾ عوامي بي چيني آھستي آھستي وڌي رھي آھي ۽ موجودھ حڪمرانن طرفان عوام کي ڪا سھولت نھ ملڻ ۽ معاشي محاذ تي مسلسل ناڪامي جي ڪري بي چيني وڌيڪ وڌي وئي آھي.پي ٽي آءِ ،جي باني خلاف انتظامي ڪارروائين سان عوامي مقبوليت جو فائدو پي ٽي آءِ، کي ٿي رھيو آھي،سٺي حڪمراني،عوامي خواھشن جي احترام ۽ عوامي ڀلائي سان ئي ممڪن آھي ڪنھن بھ فراڊ جو انجام وڌيڪ عدم استحڪام جي صورت ۾ سامھون ايندو آھي.

بنگلاديش ۾ وزيراعظم حسينھ واجد جي اقتدار جي خاتمي جو عمل بنگلاديش جي شاگردن ۽ عوام جي ھڪ اھڙي تحريڪ ھئي جيڪا خودرو ھئي، يعني ظاھر ۾ ان جي پٺيان ڪنھن سياسي قوت  جو ڪو وڏوڪردار نھ ھو.پردي پٺيان ڇا ھو، اھو سامھون نھ آيو، ان تحريڪ جي اڳواڻي شاگردن وٽ رھي ۽ ان کي طاقت سان چٿڻ جي ناڪام ڪوشش جي سبب  ان ۾ تشدد جو عمل پڻ وڌيڪ رھيو. ان تحريڪ ي شروعات جون ۾ ٿي ھئي، پوليس جي ڪاررواين جي نتيجي ۾ سوين ماريا ويا اتي ظاھري طور تي ھڪ مستحڪم حڪومت ختم ٿي وئي.پاڪستان جو معاملو مختلف آھي ۽ وڌيڪ خطرناڪ آھي، پاڪستان ۾ جاري وڌندڙ ، سياسي ۽ انتظامي بحران،مھانگائي،بي روزگاري ۽ عوام جي مالي پريشاني جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ عدم استحڪام خطرناڪ صورت اختيار ڪري چڪو آھي، خطرو ھي آھي تھ جاري گھوٽالو ڪنھن وڏي وڳوڙ، افراتفري ۽ گھرو ويڙھ کي جنم ڏئي سگھي ٿو.

پاڪستان جي سياسي جماعتن،فيصلا ڪندڙن ۽ اشرافيا جي سمورن ماڻھن طاقتور ماڻھن کي ئي ان جي بچاءَ جو رستو ڳولي پاڪستان کي ھن ڌٻڻ مان ٻاھر ڪڍڻو پوندو.پاڪستان جي اصل قوتن کي ان صورتحالي جي خرابي سان پيدا ٿيندڙ ھن باھ کي روڪڻو پوندو.ان کان اڳ جو سڀ ڪجھھ قابو کان ٻاھر ٿي وڃي ۽ اھا باھ  ملڪي سرحدن کان ٻاھر تائين ڦھلجي وڃي جلد ان جي حل جي ضرورت آھي.

دنيا جا ملڪ جمھوريت ۽ سٺي حڪمراني جي اصولن تي عمل ڪرڻ سان گڏ عوام کي سھولتون فراھم ڪري تيز ترقي جون منزلون طيھ ڪري رھيا آھن،بدقسمتيءَ سان پاڪستان جي موجودھ حڪمران جماعت ان رستي کي اختيار ڪرڻ جي لاءِ تيار نھ آھي.بلڪھ حڪمران جماعت پنھنجي اقتدار کي برقرار رکڻ جي لاءِ پنھنجي مخالفن کي چٿڻ جي رستي تي ھلي رھي آھي.ايتري تائين جو اھا انصاف جي ادارن سان بھ تڪرار جو رستو اختيار ڪري رھي آھي.جنھن سان وڌيڪ عدم استحڪام ۽ تباھي پيدا ٿيندي.پاڪستان جي آئين جو بنياد عوام جي حاڪميت تي آھي ان بنياد جي لاءِ سڀ کان اھم منصفاڻيون چونڊون آھن.چونڊ عمل جي شفافيت جي لاءِ لاڳاپيل ادارن جي غير جانبداري لازم آھي. ڪنھن بھ سياسي جماعت کي انتظامي قدم جي ذريعي چٿڻ سان وڌيڪ خرابي پيدا ٿي سگھي ٿي، جنھن سان ھن وقت جون حڪمران جماعتون وڌيڪ غيرمقبول ٿي وينديون.ھن وقت ملڪي ۽ عالمي سطح تي حالتون مختلف آھن.ملڪي سطح تي پي ٽي آءِ، جي مقبوليت جي باري ۾ شايد ئي ڪنھن کي اختلاف ھجي ان جي پاليسين سان اختلاف جائز آھي پر جي اھا چونڊن ۾ ڳري اڪثريت بھ حاصل ڪري ٿي وٺي يا ڪري چڪي ھئي ۽ ان جون سيٽون گھٽ ڪيون ويون آھن تھ انصاف فراھم ڪري ان کي قبول ڪرڻو پوندو.گھٽ ۾ گھٽ  موجودھ حڪمرانن کي ڪنھن وسيع سمجھوتي جو رستو اختيار ڪرڻو پوندو، موجودھ حڪمران ھاڻي بھ اھا دعويٰ ڪن تھ ملڪ درست رخ ۾ ھلي پيو تھ  شايد ئي  ڪو ان ڳالھھ کي تسليم ڪندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.