اڄ کان ڀٽائيءَ جي نگريءَ ۾ لاکيڻي لطيف جو 281هون عرس مبارڪ شروع ٿيو. ڀٽائيءَ کي اسان کان وڇڙئي ته (هجري تقويم جي لحاظ کان) 281 ورهه گذريا آهن، پر ان حقيقت کي نظر ۾ رکندي، ته سنڌ ۾ ڀٽائي شناسيءَ جو شعور ويهين صديءَ جي پوئين اڌ کان آيو (جڏهن کان مختلف عالمن پاران ”شاهه جو رسالو“ وڏي پيماني تي مرتب ٿي شايع ٿيڻ شروع ٿيو)، ان لحاظ کان اسان کي ڀٽائيءَ کي سُڃاتي بمشڪل مُني صدي ئي گذري آهي. ان لڳ ڀڳ مُني صديءَ ۾ سنڌ جي عالمن، اديبن، ڀٽائيءَ جي شارحن، مرتبن ۽ مترجمن، ڀٽائيءَ کي عام ماڻهوءَ تائين سؤلو ڪري سمجھائڻ جو ڪيترو حق ادا ڪيو آهي، اهو پاڻ هڪ ڌار مطالعي ۽ بحث جو موضوع آهي، پر اها انڪار نه ڪرڻ جوڳي حقيقت آهي، ته ڀٽائيءَ جي سوانح توڙي ڪلام ۽ پيغام جي گهرائيءَ جي حوالي سان اڃا کوڙ سارن پهلوئن کي ڇُهيو ئي ڪونهي ويو ۽ ان ڏس ۾ اڃا کوڙ پرتَ کُلڻا باقي آهن. شاهه جي سوانح جي حوالي سان ٻيو ته ٺهيو! پر شاهه جي جنم واري جاءِ جي حوالي سان ئي عالمن ۾ اڃا اختلاف آهي.
اڄ لطيف سائينءَ جي عرس مبارڪ جي پهرين ڏينهن، اچو ته ڀٽائيءَ جي مُرڪَ ڏياريندڙ نمڪين شاعريءَ جو ڪجھه ذڪر ڪريون، جنهنکي پنهنجي جوهر ۾ مڪمّل ”مزاحيه شاعري“ ته نٿو چئي سگھجي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ ڀٽائيءَ کُلِي مزاح ڪونهي اوتيو، پر ان کي ڀٽائيءَ جي خوش مزاج ۽ چرچي گھٻي واري انداز ۽ پنهنجي هڪ فقير تي مزيدار طنز واري ڍنگ سبب ”زعفراني ڪلام“ يا نمڪين شاعري ضرور چئي سگھجي ٿو. اها شاعري ”شاهه جي رسالي“ جي سُر بلاول ۾ ملي ٿي، جيڪو ترتيب جي لحاظ کان گھڻن شارحن رسالي ۾ آخري سُر طور شامل ڪيو آهي. شاهه جا پاٺڪَ ته ڄاڻن ٿا ته ڀٽائيءَ جا اهي بيت سندس ڪهڙي پياري فقير متعلق آهن، پر عام پڙهندڙن کي ٻُڌائيندو هلان ته لطيف سائينءَ اهي بيت پنهنجي ڪچهريءَ جي هڪ مستاني ڪردار ”وڳندَ فقير“ سان چرچا گھٻا ڪندي چيا آهن. جن بيتن کي پڙهڻ سان اهو بخوبي اندازو ٿئي ٿو ته ڀٽائيءَ جي ڪچهريءَ ۾ جتي سنجيدگي، ڳُوڙهائي، سوز، الم، فراق، گهرائيءَ ۽ انساني روّين سان سلهاڙيل جذبن جي شدت جهڙا موضوع زيرِ بحث ايندا هوندا، اتي هڪ خوش مزاج، زندهه دل انسان وانگر سندس ڪچهريءَ ۾ ڀوڳ چرچا ۽ مُرڪن جا دؤر به هلندا هوندا ۽ مزيدار گفتگو پڻ ”بزمِ ڀٽائيءَ“ جو هڪ رنگ هوندي.
ڀٽائي سرڪار جا هونئن ته اڻ ڳڻيا فقير هئا، پر سندس مستند سوانح موجب سندس لڳ ڀڳ چوويهه پنجويهه فقير کيس تمام ويجها هئا، جن ۾ (1) سندس ماسات ــ ميان محمّد عالم ڏيرو (2) ورو فقير (عرف وڳندُ) (3) لطيف سائينءَ جِي پالنا ڪندڙ ــ عمر فقير دايو (4) ڀئينءَ پُور جو ويٺل ــ اسماعيل فقير (5) فقير اَجن ڏيرو (6) ڪاٺڙيءَ واسي نور محمّد ابڙو (7) ميان عبدالواسع سالارو (8) جَتُ عنايت وساڻ (9) سندس نماز ۽ وضوءَ جو انتظام ڪندڙ ــ عبدالجليل فقير (10) ڪمال فقير سنريو (11) شاهه سائينءَ جا ڪُتا سنڀاليندڙ ــ وهيو ن فقير (12) سيّد سائينءَ ڏنو متعلوي (13) پير پٺي واسي سُومر فقير (14) قاسم فقير (15) سندس ڪلام جو راڳائي ــ عرس فقير ساند (جنهن کي ڀٽائيءَ جو ڳچ ڪلام ياد به هو) (16) سکر فقير ڏيرو (17) سرود ساز جو وڄتو ــ سيّد نقي شاهه (18) تمر فقير (19) احمد فقير سمون (20) ميان هاشم ريحاڻ پوٽو (21) قاسم فقير (22) سندس منشي ــ محمّد رحيم فقير (23) فقيرن جي لنگر جو انتظام ڪندڙ ــ رحمو فقير (24) عارف فقير ۽ (25) مدن فقير شامل آهن. اسان ڀٽائيءَ جي جنهن مستاني فقير جو ذڪر ڪيون پيا، ان وڳندَ فقير جو اصل نالو ”ورو فقير“ هو ۽ مٿين مڙني فقيرن منجھان وڳندُ ان ڪري وڌيڪ ڀاڳن وارو سمجھيو وڃڻ گھرجي ته ٻئي ڪنهن به فقير جو ڀٽائيءَ پنهنجي ڪلام ۾ ايئن نالو کڻي کُليو ذڪر ڪونهي ڪيو. (جيتوڻيڪ شاهه جي ڪجھه شارحن بقول، ڪجھه فقيرن جو تمثيل ۽ استعاري ۾ ذڪر ضرور آيل آهي)، پر هيڏن سارن 13 بيتن ۾ سندس ڪنهن فقير جو ايئن سربستو ذڪر هئڻ اهو ضرور ظاهر ڪري ٿو ته وڳندُ، ڀٽائيءَ جو لاڏلو فقير هو، جنهن تي ڪيل چرچا، ڀٽائيءَ جي ڪچهريءَ کي زعفراني ڪرڻ ۾ يقيناً پنهنجو ڪردار ادا ڪندا هوندا.
سُر بلاول ۾ ڪل چار داستان آهن. جنهنجي چوٿين ۽ آخري داستان ۾ ڪل 13 بيت ۽ هڪ وائي آيل آهي. (ڪن شارحن 13 کان گھٽ وڌ بيت به ڏنا آهن.) ۽ اهي 13 جا 13 ئي بيت ڀٽائيءَ وڳندَ لاءِ چيا آهن، جن مان 12 بيتن ۾ ڀٽائيءَ سندس عُرفيت ”وڳندُ“ ئي ڪتب آندي آهي، جڏهن ته آخري بيت ۾ سندس اصل نالو ”ورو“ استعمال ڪيو آهي. ڪلياڻ آڏواڻي پنهنجي رسالي ۾ سر بلاول جي چوٿين داستان جو خلاصو (داستان چوٿين جو سار) لکندي ٻڌائي ٿو: ”هي داستان شاهه جي مذاقي شعر جو نمونو آهي. وڳندُ، جسم جو جَڏو ۽ پيٽ جو پُوڄارِي هو. شايد ميراڻ سان به خاص محبت هئس. افعال پينارن جهڙا هئس ۽ جوڻنس به ڪا منجھائس اهڙي بيزار هئي، جو ’محڪم موچڙن‘ سان سندس مرحبا ڪندي هئي. شاهه صاحب هن فقير کي گھڻن ئي لقبن سان ياد فرمايو آهي. جهڙوڪ: ’بدُو بي نماز‘، ’گندو‘، ’بدُو سين بدبُوءِ‘، ’نسورو ئي نرڳ‘، ’ڪلاٽ‘، ’پيٽِـرُ‘، ’روڳي‘، ’ٻانڊو‘، ’ڪِنو ۽ ڪوجھو‘، ’آلُودو آزار سين‘. اسُر جو ئي کاڌي جي لوڙَ اچي ورائيندي هئس. جوءِ وٽان جُوتا کائي، اچي شاهه صاحب جا پير پڪڙيندو هو. شاهه صاحب عطار مثل هو ۽ سندس صحبت سرڳ مثل. ’سيّدَ جو سرڳُ‘ گندن کي گُلابي ڪندڙ هو.“
آڏواڻي صاحبَ، ڄڻ ته انهن چند سٽن ۾ وڳندَ توڙي ڀٽائيءَ جي ان داستان جو سڄو خلاصو بيان ڪري ڇڏيو ۽ بظاهر گدلي نظر ايندڙ وري فقيرَ کي لطيف جِي جنت (روحاني ڪچهريءَ) جو مُک رتن ڪري پيش ڪيو، جيڪو شاهه جِي صحبت مان سرفراز ٿيو.
سائين علي احمد بروهي، ”سنڌي لوڪ ادب ۽ کل ڀوڳ (ھڪ سرسري جائزو)“ ۾ لکي ٿو: ”شاهه ڀٽائيءَ جي ظرافت جو تعلق رسالي بجاءِ سندس زندگيءَ جي احوال ۾ آھي، جو مدن فقير ۽ ٻين درويشن جي ٽوٽڪن ۾ موجود آھي. رسالي ۾ سُر بلاول جي چوٿين باب ۾ وڳندَ عرف ”ورو“ فقير سان چرچي گھٻي جا ڏھاڪو کن بيت ڏنل آھن، جن ۾ شاهه صاحب خوش طبعيءَ جو پنھنجو انداز اختيار ڪيو آھي. وڳندُ فقير جسم ۾ جَڏو، گدلو ۽ ھر شريف ماڻھوءَ جيان ”زن مريد“ ھيو ۽ کاڌي کائڻ ۾ ”پيٽِـرُ“ ھيو. پر شاهه صاحب جي صحبت ۽ ساڻس خوش طبعيءَ عبد کي اعليٰ ۽ امر ڪري ڇڏيو. ڏسجي ائين پيو ته ڀٽائيءَ جي خوش طبعي به سندس گنڀيرتا جھڙي ئي چُڀندڙ ۽ اثر رکندڙ آھي.“
ڀٽائي سرڪار به پنهنجي منفرد اندازِ بيان ۾ انهن 13 نمڪين بيتن ۾ وڳندَ کي خوب ڳايو آهي:
وَڳَندُ وَرِي آئِيو، وَسَنِ ڪينَ وِڌوسِ
گَندِي، مانِي، ماڳُ موچارو، پاسي پِيرَ ٿِيوسِ
وَڳَندُ وري آئِيو، پينارَنِئُون پوءِ
مُحڪَمَ لَڳَسِ موچِڙا، ذَرو نه ڏِنُسِ جوءِ
ويٺو اِئين چوءِ، ته پِيران پاسي نه ٿِيان
وَڳَندُ ورِي آئِيو، ڪِنو ٿِي ڪوجهو
ڇَڏي نه موزو، لَڳُسِ آرُ عَطارَ سين
وَڳَندُ ورِي آئِيو، بَدُو بي نِمازُ
جِئَن تِتِرَ مٿي بازُ، وَڳَندُ تِئَن سُرھاڻِ تي
ٻانڊو ٻيلِي نه ٿيو، ورو اڄُ ويو
پيٽِرُ پنڌِ پيو، سُونهاري سيّد ڏي
.. ۽ اهڙا ٻيا بيتَ
انهن بيتن کي پڙهڻ ۽ انهن جي بيان جي انداز کي پرکڻ سان هر عام کان عام پڙهندڙ، اها ڳالهه ڀليءَ ڀَت سمجھي سگھي ٿو ته ڀٽائي سرڪار وڳندَ لاءِ اهي لفظ ڪنهن ٽوڪ يا چُڀندڙ طنز واري انداز ۾ ڪونه چيا آهن، بلڪه پنهنجائپَ ڀرئي چرچي واري انداز ۾ مُرڪندي مُشڪندي چيا آهن، جيڪي بيتَ ڀٽائي سرڪار پنهنجي ڪچهريءَ ۾ جڏهن جڏهن چيا هوندا، ته محفل ۾ ٽهڪڙو ضرور متو هوندو ۽ خود وڳندُ به انهن مان لطف اندوز ٿيندو هوندو. ٻئي طرف اهو ڀٽائيءَ جو وڳندَ سان پيار ۽ لاڏ ئي هو، جو هن کيس پنهنجي ڪلام جي 13 بيتن ۾ جاءِ ڏئي امر ڪري ڇڏيو، جنهنڪري وڳندُ به تيستائين پيو ڳائبو، جيستائين ڀٽائي ۽ سندس ڪلام پيو ڳائبو ۽ پچاربو، ڇو ته ڀٽائيءَ جي نمڪين ۽ زعفراني ڪلام جو محرڪ فقط وڳند فقير (ورو) ئي آهي.
◙