ٻارن جي هر چُر پُر تي نظر، واٽس ايپ وڏو قدم کڻي ورتو

ميٽا ٻارن لاءِ والدين جي نگراني هيٺ اڪائونٽس (Parent-Managed Accounts) جي سهولت متعارف ڪرائي آهي، جنهن سان 13 سالن کان گهٽ عمر وارا ٻار محدود ۽ محفوظ طريقي سان واٽس ايپ استعمال ڪري سگهندا، جڏهن ته والدين يا سرپرست کي اهم سيٽنگز تي مڪمل ڪنٽرول حاصل هوندو.
والدين جي نگراني هيٺ اڪائونٽ ۾ ٻار حقيقي واٽس ايپ اڪائونٽ استعمال ڪري سگهن ٿا، پر پيغام جون درخواستون، گروپ دعوتون ۽ پرائيويسي سيٽنگز والدين جي ڪنٽرول ۾ هونديون
اڪائونٽ اينڊ ٽو اينڊ انڪپرشن تحت محفوظ هوندو، يعني ميٽا يا ڪو ٻيو شخص پيغام نٿو پڙهي سگهي.
ٻارن لاءِ موجود سهولتن ۾ پيغام موڪلڻ ۽ وصول ڪرڻ، ڪال ڪرڻ ۽ وصول ڪرڻ ۽ رڳو محفوظ ڪيل رابطن وٽان پيغام حاصل ڪرڻ شامل آهن.
ڪجهه سهولتون محدود رکيون ويون آهن جهڙوڪ ميٽا جي اي آءِ انٽيگريشن، چينلز، لوڪيشن شيئرنگ، اسٽيٽس اپڊيٽس، پرائيويٽ چيٽس ۾ پيغام غائب ڪرڻ ۽ والدين جي اجازت کانسواءِ گروپن ۾ شامل ٿيڻ وغيره.
اڪائونٽ سيٽ اَپ ڪرڻ لاءِ والدين ۽ ٻار جو فون گڏ هئڻ ضروري هوندو ۽ والدين کي 6 انگن جو پن ٺاهڻو پوندو جيڪو ٻار جي پهچ کان ٻاهر هوندو.
هي قدم ميٽا طرفان ٻارن جي آن لائين حفاظت کي يقيني بڻائڻ ۽ عالمي حڪومتن جي دٻاءَ جي موٽ ۾ کنيو ويو آهي ۽ ان کي انسٽاگرام، فيسبڪ ۽ ميسينجر تي اڳ ئي موجود ڪنٽرولز جي واڌاري طور ڏٺو پيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.