اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيئر سياستدان مشاهد حسين سيد چيو آهي ته هاڻوڪي جنگ ٽرمپ کي لوڏي ڇڏيو آهي پر هو باسي نٿو، هن جنگ ٽرمپ جو سياسي مستقبل داءَ تي لڳائي ڇڏيو آهي.
نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي مشاهد حسين سيد چيو ته جنگ آمريڪا ۽ اسرائيل شروع ڪئي پر ان جو ڪنٽرول هاڻ ايران وٽ آهي، ايران هن وقت حڪمت عملي جي لحاظ سان مضبوط پوزيشن معنيٰ ”ڊرائيونگ سيٽ“ تي آهي، جڏهن ته آمريڪا ۽ اسرائيل لاءِ مسئلا وڌي رهيا آهن.
هن چيو ته آبنائي هرمز جي بندش سان عالمي واپاري نظام کي وڏو ڌڪ لڳو آهي، سپريم ليڊر جي شهادت کانپوءِ ايراني قوم اڳ کان وڌيڪ متحد ٿي چڪي آهي، ايران هن ڀيري ڪنهن عالمي ضمانت بنا پوئتي هٽڻ لاءِ تيار ناهي.
سندس چوڻ هو ته اسرائيلي وزيراعظم ٽرمپ کي هڪ اهڙي جنگ ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي، جيڪا ختم ٿيڻ واري ناهي، ٽرمپ لڏي ويو آهي پر باسي نٿو، نيتن ياهو گذريل هڪ هفتي کان چُپ آهي ۽ ڪو بيان نه پيو ڏئي.
سينيئر سياستدان دعويٰ ڪئي ته سعودي عرب ۽ ايران وچ ۾ بينڪ چينل رابطا شروع ٿي چڪا آهن ۽ اميد ته عرب ملڪن ۽ ايران جا معاملا جلد حل ٿي ويندا، ڇو ته اهي پاڙيسري آهن.
ايران جنگ ٽرمپ کي لوڏي ڇڏيو، نيتن ياهو به منظر تان گم، آمريڪا ۽ اسرائيل لاءِ مسئلا وڌي ويا!
Next Post
You might also like