رپورٽن موجب جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ جي ٻڌڻيءَ تي عوامي آواز جي رپورٽر شهيد نصرالله گڏاڻي جي امڙ مسمات پٺاڻيءَ عدالت کي وري آگاه ڪيو آهي ته ماتحت عدالت ۾ علائقي جا ڀوتار ( جن جا نالا به هن کڻي ٻڌايا) اچڻ نه ٿا ڏين، رستا روڪ ٿي رهي آهي، هٿياربند بيهاري ڌمڪايو پيو وڃي تنهن ڪري اسان جي جان کي هر وقت خطرو آهي تحفظ ڏنو وڃي. بعد ۾ درخواست گذار جي وڪيل صلاح الدين پنهور ميڊيا کي ٻڌايو ته مقامي پوليس، ايس ايس پي گهوٽڪي، ڊي آءِ جي ان ڏس ۾ ڪوبه ايڪشن کڻڻ لاءِ تيار ناهن. هن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ڪئي ته اسان جو ڪيس هتان منتقل ڪري ڪراچيءَ م هلايو وڃي.
هوڏانهن شهيد نصرالله قتل ڪيس جي جاچ جو نتيجو پڻ پڌرو ڪيو ويو آهي ته جوابدار خالد لنڊ پاڻ قتل ڪيس ۾ ملوث ناهي البته سندس ٻه پٽ قتل جي منصوبي ۾ ملوث رهيا آهن جن جون شاهديون مليون آهن. جاچ آفيسر موجب ٽن جوابدارن نور محمد لنڊ، شهباز لنڊ ۽ عبدالله لنڊ بابت قتل ۾ منصوبا ساز طور شاهديون مليون آهن. جڏهن ته برڪت ۽ اصغر نالي ٻه جوابدار سڌو سنئون قتل ۾ ملوث آهن.
هاڻي جڏهن شهيد نصرالله قتل ڪيس ۾ واضح طور اڳڀرائي ٿي آهي ۽ قاتل نشانبر ٿيڻ لڳا آهن ته مقتول جي گهرڀاتين لاءِ جان جو خطرو اڃان وڌي ويو آهي ۽ کين ڌمڪائڻ توڙي هيسائڻ جو سلسلو به تيز ٿي ويو آهي. ان صورت حال جي تقاضا اها آهي ته شهيد نصرالله جي گهر ڀاتين جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جو بندوبست ڪيو وڃي. جنهن جي دانهن شهيد جي امڙ پهريون به ڏئي چڪي آهي ته جاني تحفظ کان علاوه قتل ۾ ملوث جوابدار کين عدالتي پيشين تي به اچڻ ۾ رنڊڪون پيدا ڪري رهيا آهن.
هن جديد دور ۾ به ڪيترن معاملن تي حيرت ٿيندي آهي، مثال طور ماضيءَ ۾ چور، ڌاڙيل، قاتل شرم مان لڪندا وتندا هيا پر هاڻي هڪ چوري ٻيو سينا زوري جو لاڙو چوٽ چڙهي ويو آهي. هاڻي قاتل، قتل به ڪن ٿا ۽ مٿان وري خاموش رهڻ جون سري عام ڌمڪيون به ڏين ٿا. اهڙي ارهه زورائي ظاهر آهي ته ڪنهن طاقت جي پٺ ڀرائي تي ئي ڪري سگهجي ٿي. اها به نئين دور جي هڪ خوف ناڪ حقيقت آهي هن زماني ۾ بدي جي طاقت کي وڏيرن، جاگيردارن ۽ ڪامورن سان گڏ حڪومت، پوليس ۽ عدالت جي به پٺ ڀرائي رهي آهي. هاڻي مقامي وڏيرن، جاگيردارن کي سندن پيسي ۽ طاقت جي بنياد تي سياسي جماعتن ۾ شامل ڪري، اسيمبلين جون ٽڪيٽون ڏئي چونڊن ۾ بيهاري، کٽرائي حڪومت ۾ آڻي ، وزارتون ڏئي ڇڏين ٿيون تنهن ڪري ماضي جي ڀيٽ ۾ اڄ ڀوتارن کي سندن ڪڌن ڪمن، قتلن ۽ ڏوهن تي حڪومتي سرپرستي پڻ ملي ٿي. تنهن ڪري هن دور ۾ بدي جون طاقتون حاوي آهن سندن آڏو مقامي پوليس ۽ عدالتون به مجبور ۽ بي وس آهن. ڪو ايماندار ۽ سخت آفيسر هوندو ته ان کي اتان بدلي ڪرايو ويندو.
جڏهن ته هن جديد دور جي تقاضا اها هئڻ گهرجي ته آئين، قانون ۽ انصاف جي بالادستي هجي. جديد دور جي ٽيڪنالاجي جو فائدو وٺندي حڪومتي نيٽ ورڪ وڌيڪ حاوي هجڻ گهرجي ۽ ان آڏو بدي جي طاقتن جو نيٽ ورڪ هيڻو هجي پر حيرت آهي ته ٿئي ان جي ابتڙ ٿو. هن جديد ٽيڪنالاه جي دور ۾ بدي جي طاقتن جو نيٽ ورڪ وري وڌيڪ سگهارو ۽ حاوي بڻجي ويو آهي جنهن جو مثال ڪچي جا ڌاڙيل آهن جن سان بظاهر حڪومت مقابلو ڪندي نظر نٿي اچي ۽ ڌاڙيلن حڪومت کي دفاعي پوزيشن ۾ آڻي ڇڏيو آهي.
ان ماحول ۾ شهيد نصرالله گڏاڻي جي امڙ مسمات پٺاڻي جو پٽ سان انصاف لاءِ علائقي جي ڀوتارن سان سنڌو سنئون مقابلو ڪرڻ بهادري جو ناقابل يقين مثال آهي. هتي عام طور اهو ڏٺو ويو آهي ته مقتول جا وارث ڌرين کان پيسا وٺي قتل ڪيس لئي مٽي ڪري ڇڏيندا آهن مائي پٺاڻي کي به اندروني طور اهڙي لالچ ضرور ڏني وئي هوندي پر هُوءَ ناهي وڪامي ۽ اهو ئي بدي جي طاقتن جي نظر ۾ سندس ڏوهه آهي .
ان صورت حال ۾ اصولي طور تي حڪومتي ادارن جو اهو آئيني، قانوني ۽ اخلاقي فرض آهي ته اهي مظلوم ڌر جو ساٿ ڏين. ظلم ۽ ڏاڍ اڳيان مسمات پٺاڻي وانگر اڏول ٿي بيهن ۽ هر لحاظ کان آئين، قانون ۽ انصاف جي نظام کي بالادست ڪن.
اسان هتي مسمات پٺاڻي جي وڪيل جي ان تجويز سان متفق آهيون ته هاڻي نصرالله گڏاڻي جو قتل ڪيس ڪراچيءَ منتقل ڪيو وڃي پر اصل ڳالهه پوءِ به اها آهي ته اتي به وارثن کي ۽ ڪيس وڙهندڙ وڪيلن کي تحفظ مهيا ڪرڻو پوندو، ان لاءِ حڪومت کي پنهنجو نيٽ ورڪ سگهارو بڻائڻو پوندو. جيڪي ڌريون نصرالله گڏاڻي جي گهر ڀاتين کي ڌمڪيون ڏئي رهيون آهن، هيسائي رهيون آهن تن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي. اهڙا ماڻهو جن کان ڪنهن جي جان کي خطرو هجي سي ڪيئن آزاد ڇڏيا ويندا. ڏوهارين کي هر قيمت تي گرفتار ڪري مقتول جي وارثن کي تحفظ ڏيڻو پوندو ، ٻي صورت ۾ حڪومت کي ڏوهارين جو ساٿي سمجهيو ويندو. اهڙن ڪيسن ۾ سپريم ڪورٽ کي به پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ گهرجي نه ته پوءِ ائين ٿيندو ته ڪير به قاتلن، ڏوهارين ۽ ڦورن جي ڊپ کان به ايف آءِ آر داخل ڪندو ۽ نه ئي انصاف لاءِ ٻاڏائيندو پوءِ ته جهنگ جو سڌو سنئون نظام لاڳو ٿي ويندو جنهن ۾ جيڪو ڏاڍو سو گابو بڻجي ويندو.
سو اها سوچڻ جي ڳالهه آهي ته هي ملڪ ڪهڙي پاسي وڃي رهيو آهي. لاقانونيت کي ڇو ايڏو وڌايو ويو آهي، حڪومتون، پوليس ۽ عدالتون ڇو بدي جي طاقت آڏو ايڏو هيسايل آهن.
جيڪڏهن موجوده حڪومت عوام جي جان، مال ۽ عزت جي تحفظ کان ايڏي لاچار آهي، ناڪام آهي ته پوءِ ان کي اهڙِي حڪومت ڪرڻ جو ڪو اخلاقي جواز ناهي بهتر آهي ته حڪومت ڪنهن ٻي جماعت کي حڪومت ڪرڻ جو موقعو ڏئي جيڪا عوام جي جان، مال ۽ عزت جو تحفظ ڪري سگهڻ جي دعويٰ ڪري سگهي. باقي هاڻي هيئن هي نظام به هلي سگهندو. عوام هاڻي ظلم کي گهڻو وقت برداشت نه ڪري سگهندو ان کان اڳ جو عوام هڪ ناڪام حڪومتي نظام جو تختو اونڌو ڪري حڪومت کي وقت آهي ته اها عوام جي جان، مال ۽ عزت جي تحفظ کي يقيني بڻائي. اهڙو مطالبو اسان هتي شهيد نصرالله گڏاڻي جي گهر ڀاتين جي تحفظ لاءِ به ڪيون ٿا ته کين قاتلن طرفان ملندڙ ڌمڪين جو ترت نوٽيس ورتو وڃي.