وفاق ۾ پ پ حڪومت هجي ته 300 يونٽ بجلي مفت هجي: ناصر شاهه

اسلام آباد (م ڊ) سنڌ جي توانائي، منصوبابندي ۽ ترقي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته وفاق ۾ اسان جي حڪومت ناهي، جيڪڏهن اسان جي حڪومت هجي ها ته 300 يونٽ تائين بجلي مفت هجي ها. پريس ڪانفرنس ڪندي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته منهنجو کاتو پلاننگ ۽ ڊولپمينٽ جو آهي،اڄڪلهه بجلي جو مسئلو سڀ کان وڏو آهي.  هن وڌيڪ چيو ته بلوچستان ۽ سنڌ ۾ اسان جي حڪومت هڪ سئو يونٽ مفت بجلي ڏيڻ جي منصوبابندي ڪري رهي آهي، ٻئي مرحلي ۾ ٽي سئو يونٽن تائين ڪنداسين پر اسان سولر پينلز تي ڪم ڪري رهيا آهيون.

  1. آءِ پي پيز بابت جلد عوام کي خوشخبري ٻڌائينداسين: اويس لغاري

اسلام آباد(م ڊ) توانائي واري وزير اويس لغاري جو چوڻ آهي ته هو توانائي شعبي جا مسئلا حل ڪندا، ڪجهه ڏينهن ۾ عوام کي خوشخبري ٻڌائينداسين.ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته بجلي جا اگهه نه وڌايا ويا آهن، بجلي 77 پئسا في يونٽ سستي ٿي وئي آهي، سمورن آءِ پي پيز جو جائزو ورتو پيو وڃي، ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ عوام خوشخبري ٻڌندو.هن چيو ته پاڪستان  توانائي جي شعبي ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي، اها پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي ته گذريل ڏينهن بجلي جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي وئي هئي، ڪالهه بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ واڌ ناهي ڪئي وئي، آگسٽ مهيني جي فيول ايڊجسٽمينٽ ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي.هن چيو ته ملڪ ۾ ناڪاري سوچ ذريعي عوام جي اميدن کي تباهه ڪيو پيو وڃي، اصل حقيقتون عوام تائين پهچائڻ ضروري آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.