1996 ۾ نئون پاڪستان ٺاهڻ جي نيت سان عمران خان سياست ۾ سرگرم ٿيو ھو. سياسي روايتن کي نفرت سان ٿڏيندي ڪيترن ئي طاقتور سياستدانن کي ” اڙي ۽ اوئي“ چئي للڪاريو.انهن کي بدترين بدعنواني جي علامت ٺھرايو ۽ قوم سان اھو واعدو ڪيو ته جيڪڏهن هو اقتدار ۾ آيو ته، قومي خزاني مان مبينھ طور تي رقم چورائي ڪري پرڏيهه ۾ قيمتي ملڪيتون خريد ڪندڙن کي عبرت جو نشان بڻائي ڇڏيندو. آخرڪار، آگسٽ 2018 ۾، هو وزارت اعظميٰ جي منصب تي فائز ٿي ويو.ھن پاران بدعنوان قرار ڏنل سياستدانن جو وڏو تعداد احتساب بيورو جي جيلن ۾ ذلت آميز پيشين ۽ گرفتارين کانپوءِ عدالتن مان ضمانت حاصل ڪرڻ لاءِ مهينن تائين ڪوششن ۾ رڌل رھو. ملڪ جي، ٽي ڀيرا وزيراعظم رهندڙ نواز شريف کي به لنڊن موڪليو ويو.اسان جي تاريخ ۾ ھن جي حڪومت شايد پهرين سول حڪومت هئي، جيڪا “ ھنن“ سان ”سيم پيج“ تي واري فيض سان مالا مال رھي. قوم جي لُٽيل دولت عوام جي خزاني ۾ ان باوجود واپس نه آئي.
2019 ۾، پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهرساڳئي ئي عطار( عطر وڪڻندڙ) ڇوڪر، يعني آءِ ايم ايف کان ”امدادي پيڪيج“ گهرڻ تي مجبور ٿيو. ٿيل معاھدي جي شرطن تي عمل ٿيڻ لڳو تھ عوام رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون. عوام جي دلين ۾ ٻرندڙ غصي جي خوف کان گھٻرائيندي ھن آءِ ايم ايف کي آڱوٺو ڏيکارڻ جو فيصلو ڪيو. رياست جي سمجھ موجب اھو خودڪش حملو هو. جنهن سبب رياست جي سڀ کان طاقتور ترين ادارو ”سيم پيج“ کان نڪري مخالف ڌر جي جماعتن سان ميل ملاقاتون ڪرڻ تي مجبور ٿيو. آخرڪار هڪ وڏي محلاتي سازش جي نتيجي ۾ بي اعتمادي جي رٿ پيش ٿي ۽ شهباز شريف وزارت اعظميءِ جي منصب تي فائز ٿي ويو. ان بعد اڳتي ھلي ڪري وري هڪ عبوري حڪومت به قائم ٿي. جيڪا 8 فيبروري 2024ع جي عام چونڊن جي نگران هئي. ان ڏينهن وڌل ووٽن جي ڳڻپ کي عوام جو وڏو حلقو قبول نه نھ ڪري رھيو آهي. شهباز حڪومت بھرحال ان ڏينھن جي ووٽن جي ٿيل ڳڻپ جي مھرباني سان ٻيهر وزيراعظم جي عهدي تي لڳي ويو آهي. جڏهن ته جادوگر گذريل هڪ سال کان جيل ۾ آهي.
هن جي ٺاهيل جماعت تي الزام آهي ته ان 9 مئي 2023ع تي پنهنجي ليڊر جي محبت ۾ رياستي ادارن پاران مقرر ڪيل ”ريڊ لائين“ پار ڪئي ھئي. اهو به الزام هنيو پيو وڃي ته ان ڏينهن جي فسادن جو اصل مقصد ”اسٽيبلشمينٽ“ کي پنهنجي قيادت خلاف بغاوت لاءِ ڀڙڪائڻ هو. مبينا سازش ناڪام ٿي وئي. تحريڪ انصاف جي باني جي زندگي ان کان پوءِ وڌيڪ ڏکي ٿيندي پئي وڃي. ھن جي خلاف ڪيترائي ڪيس آهن. جن جون شنوايون اڊيالا جيل ۾ ئي ٿين ٿيون. جيل ۾ ٿيندڙ ٻڌڻين جو صرف چند صحافي مشاهدو ڪن ٿا. عدالتي ڪارروائي کان اڳ يا ختم ٿيڻ تي انهن جي تحريڪ انصاف جي باني سان ڳالهه ٻولهه ٿي ويندي آھي. ٿيل ان غير رسمي ڳالهه ٻولهه جا اھم نڪتا بعد ۾ ٽي وي اسڪرينن تي ٽڪرن ۾ڌيان ڇڪائڻ جي لاءِ هلڻ شروع ٿي ويندا آھن. ڏينهن گذرڻ کان پوءِ، شام جي ستين وڳي کان رات جي ٻارهن وڳي تائين، مون جهڙا لفظ فروش سنورجي سينگارجي ڪيمرائن جي روبرو ويٺي ٽڪرن جي ذريعي بيان ٿيل خيالن ۾ ”لڪيل پيغام“ يڪسوئي سان ڳولڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.
اربع واري شام بھ ائين ئي ٿيو. اڊيالا جيل ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه وقت موجودرپورٽرز کي ”لچڪدار“ ٻڌڻ ۽ ڏسڻ ۾ آئي. اسان کي تسلسل سان ٻڌايو ويو ته تحريڪ انصاف جو باني 9 مئي تي ٿيندڙ واقعن تي معافي گهرڻ لاءِ تيار آهن.پر ھن ان سلسلي ۾ڪجهه شرط به رکيا آهن.جڏھن شرط سامھون آيا تھ بصر جي کل جيان ،عوام ۾ مقبول اينڪر عورتون ۽ مرد پنھنجي ميز تي رکي ، ان کي شام ست وڳي کان رات ٻارهين وڳي تائين کولڻ شروع ڪيو هو.ڪنھن نتيجي ظاھر نھ ٿيڻ جي يقين ھئڻ زيان واري ڪم جيان رڌل رھيا.جھڙو ديس تھڙو ويس جي اصول تي عمل ڪندي، مان به تحريڪ انصاف جي باني جي فرمودات کي رياضي يا فزڪس جي وچڙيل معاملن وانگر سمجهيو. ان ۾ لڪايل ”پيغام“ ڳولڻ ۾ مصروف رهيس، روز جي روزي روٽي ڪمائڻ کان پوءِ، گهر موٽيس ته ڪافي شرمندگيءَ محسوس ٿي. سياستدانن جي بيانن رپورٽ ڪندي ڪئين ڏهاڪا گذريا آهن.
عمران خان جي ڪرڪيٽ مان سياست جي دنيا ۾ داخل ٿيڻ وقت مان انهن صحافين ۾ شامل هوس، جيڪي ساڻس رابطي ۾ هئا. 2010 ۾ پر وري پاسو ڪيم.تحريڪ انصاف جو باني به ان وقت تائين ”بدلجي“ چڪو هو. 2014ع ۾ اسلام آباد ۾ اچي ڌرڻو هڻي ويٺو ۽ 126 ڏينهن تائين ”ايمپائر جي آڱر“ جو انتظار ڪندو رهيو. ذڪر ڪيل انتظار مون کي بد دل ڪري ڇڏيو. هن جو اظھار ھن ڪالم ۾ ڪيم تھ "لفافو” جي تھمت نصيب ٿي.
بهرحال مون اربع ڏينهن اڊيالا جيل ۾ تحريڪ انصاف جي باني جي صحافين سان ڪيل گفتگو جو هر ھڪ لفظ کي ،اتي موجود ساٿين جي مدد سان جمع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. جنھن بعد نھايت ڌيان سان خلاصي ڪڍڻ لاءِ مٿو کپايو.منهنجي خيال ۾ تحريڪ انصاف جو باني يا سندس جماعت ان دعويٰ تي ضد ۾ آهن ته هو يا سندس پارٽي 9 مئي 2023 جي واقعن جي سي سي ٽي وي فوٽيجز جو مطالبو ڪري رهي آهي. ان کان پوءِ اگر مگر جو تڪرار آهي ،جنهن کي ”مشروط معافي“ جي طلب قرار ڏنو پيو وڃي. اگر مگر سان معافي جي آڇ منهنجي راءِ ۾ ڪنھن ”لچڪ“ جو اظهار نه آهي. خبر نھ آھي تھ ميڊيا ۾ ان کي ”مثبت اڳڀرائي“ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڇو ڪئي پئي وڃي.