بجلي چور ۽ چاچو پَرُو

تحرير: عرس ڀٽي

ھن ملڪ جا جيڪي انتھائي حساس معاملا آھن انھن منجھان بجلي پڻ ھڪ آھي ۽ ھن موجوده وقت ۾ بجلي جو معاملو انتهائي ڳنڀير صورتحال اختيار ڪري چڪو آهي. ڪجهه خبرون اھڙيون به آھن ته بجلي ضرورت کان وڌيڪ پيدا ٿي رهي آهي پر حڪمرانن موجب بجلي ضرورت کان گهٽ پيدا ٿي رهي آهي ، بجلي جي قيمت ڏسجي ته ستين آسمان سان ڳالهيون ڪري رھي آھي. ماڻھن ۾ بجلي جي بلن کي ادا ڪرڻ جي طاقت ناهي رھي ۽ مٿان وري ھر وقت لوڊشيڊنگ ۽ لائين لاسز ۽ انھن سڀني مسئلن کان اھم مسئلو بجلي جي چوري آهي.

بجلي جي معاملي تي سوچيندي خبر ناھي ڪھڙي وقت چاچو پرو اچي منهنجي ڀرسان ويھي رھيو. مون کي سوچن ۾ گم ڏسي تعجب مان چوڻ لڳو: ڇو ابا تنهنجو ٽائيٽانيڪ به ٻڏي ويو ڇا؟ نماڻي انداز ۾ چيم: چاچا مان وٽ ته ٽاءِ به ڪونهي ، ٽائيٽانيڪ … منهنجي جملي کي پُورو ٿيڻ ئي ڪونه ڏنائين: ته پوءِ سڌو ٿي ويهھ ڪجهه اسان سان به ڳالهاءِ. چيم: توھان سان ھاڻي پوليس ڳالهائيندي. واڇون ٽيڙي دوڏا ڦوٽاري چوڻ لڳو: ڇو ميان! اسان ڪهڙو ڏوھ ڪيو آ جو پوليس جا داٻا پيو ڏين؟ چيم: نه چاچا داٻا ناهن رهي ڳالهه ڏوھ جي ته توھان چوري جي بجلي ٻاري ڏوهي ثابت ٿيا آهيو. تعجب منجهان مون ڏي ڏسندي: آئون ابا واپڊا وارن کي جو هر مهيني پئسا ڏيان ٿو، پوءِ چوري ڇا جي ٿي!؟ چيم: پئسا ته ڏيون ٿا پر اُهي بجلي جي کاتي ۾ نٿا وڃن. چوڻ لڳو: مان ته هر مهيني ڪُنڍي جا پئسا هنن ظالمن کي ڏيان ٿو، اُھي وڃي پنھنجي کاتي کي ڏين ، منهنجو ڪهڙو ڏوھ؟ چيم: اُھي کاتي کي نه پنھنجي کيسي ۾ وجهندا آهن. توھان ميٽر ڇو نه ٿا هڻايو؟ کِلي چوڻ لڳو: بس ڪر ميٽرن وارا خودڪشيون پيا ڪن هڪڙا گھر کپايون ٻنين ۾ پيا رهن، ڪي پنهنجا ٻار وڪڻن ٿا(بلن جي ادائيگي لاءِ) تون الائي ڇا پيو ڳالهائين؟ چيم: جيڪڏهن اُھا ڳالهه آهي ته پوءِ تيار ٿي وڃو بجلي چورن کي سزائون ڏيڻ لاءِ نوان ٿاڻا ۽ نئين پوليس پئي ڀرتي ٿئي، ۽ حد جي مختيارڪارن کي پاور ڏنا پيا وڃن ته جيئن هُو چورن کي… منهنجي ڳالهه کي ڪٽيندي: جيترا گناهگار پوليس وارا آھن ايترو ڪير به ڪونهي، رهي ڳالهه مختيار جي اُنھن کي به پوليس وارن وانگر ٻه روپيا کپن. هي سڀ پاڻ اول درجي جا چور آهن، ھاڻي ھي ٻڌندا چورن کي، اُھا به بجلي جي چوري جيڪو اسان مسڪينن جو بنيادي حق آهي واھ ادا واھ شابس هُجي توکي به. چيم: بجلي چوري جي معاملي تي ٻڌون پيا ته فوج کي به پاور ڏنا ويندا. پريشان ٿيندي چوڻ لڳو: فوج وٽ اڳي ئي پاور گهڻا آهن، اُنھن جي ڳالهه نه ڪر مون سان، هروڀرو ايڏو به نه ڊيڄار، هر مهيني ڪُنڍي جي رقم ته ادا ڪيان ٿو نه، جيڪي ڪروڙ ۽ ارب پيا هڙپ ڪن، اُتي سڀني جون بيٽرِيُون سڙي ٿيون وڃن باقي اسانجي هزار لاءِ پاور استعمال ٿيندا.

ٿوري دير چُپ رهي وري شروع ٿي ويو: بجلي ڏين ڪهڙي ٿا، هر وقت لوڊشيڊنگ ، هر وقت جهٽڪا ۽ 220 وولٽ جي جاءِ تي وڌ ۾ وڌ 80 يا 90 يا ڪڏهن وڏي مشڪل سان سو سوا. وڏا چور ته پاڻ آهن، 100 واري ٽرانسفارمر تي لاتعداد ايئرڪنڊيشنون ، ڪُنڍيون ، الائي ته ڇا ڇا. چور اسان آهيون، ميٽرن وارا ته هنن جا ……. آهن ،باقي غير قانوني ڪنيڪشن وارن کي ته کير جون بوتلون ٿا پيارن ويٺا، جيڪو ڪُنڍي يا اي سي نه ٿو وٺي ته ايلاز منٿون ڪري اُن کي زبردستي اهي ڪنيڪشن ڏين ٿا ۽ چور عوام آهي. بجلي کاتي وارا ته ڪروڙ پتي ٿي ويا آهن،

ٿوري ساهيءَ کانپوءِ: ڀلا اُهو ته ٻڌاءِ مون ٻڌو آ ته بجلي جي معاملن ۾ جيتري به ڳڙ ٻڙ ٿي رهي آهي اُن جي ذميوار PPHI آهي؟ چيم: PPHI ۾ به گھڻيون ڳڙ ٻڙون آهن پر هي IPPs جي ڳالهه آهي. جنهن جي ڪري بجلي جي قيمت هر حد اورانگهي چُڪي آهي. ڏند ڪڍي چوڻ لڳو: اسان جو ته مٿو ئي کائي ويا هِن. چيم: ايتري حڪمرانن جي اوقات ئي ڪونهي جو IPPs ۾ هٿ وجهي سگهن ……… منهنجي ڳالهه کي ڪٽيندي: هاڻي سڀ ڳالهيون ڇڏ ۽ وِچَ ۾ به نه ڳالهائجان. مان توکي بجلي جي چوري جو حل ٿو ٻڌايان. سڀ کان اول ته جيڪي ڪمپنين جا چڱا مڙس آهن اُنھن جو دُون ڪُٽين. اُن کان پوءِ اُھا مشق ضلعي ۽ تعلقي سطح تي ڪن، پر جي ايتري به حڪومت ۾ طاقت ڪونهي معاف ڪجانءِ منهنجو مطلب ته حڪومت جي ايترو به دم ڪونهي ته پوءِ شھر سطح تي اچي وڃن، ڇو جو سڄي خرابي شروع ئي اتان ٿئي ٿي، جو لائن سرينٽينڊنٽ ، لائن مين ، اسسٽنٽ ، ميٽر ريڊر ۽ پرائيويٽ ماڻهو وغيره، سڀ شهرن ۽ ڳوٺن جا انچارج آهن. هڪ هڪ اي سي جا ماڻهن کان هزارين روپيا ورتا وڃن ٿا، ڪُنڍِيُون ، ڪارخانا ۽ ٻيا انيڪ جڳاڙ الڳ آهن. ڪنهن به ھڪ شھر جو مثال وٺو اُتي هڪ مهيني ۾ ڪروڙين روپيا گڏ ٿين ٿا، جيڪي سڀئي هنن ماڻهن جي کيسن ۾ وڃن ٿا ۽ اتان حصو پتي آخر تائين وڃي ٿو. ڳالهه ته سِڌي لڳي پئي آهي پر هي حڪمران به ڳُڙ جي لسي آهن ته اسان ڪهڙي پنھنجي منهن ۾ ڌوڙ وجھئون ، اھو چئي چاچو پرو اٿي هليو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.