ڇا بنگلاديش تباهي جي چائٺ ٽپي رهيو آهي

تحرير: ذوالفقار راڄپر

بنگلاديش آزادي کان پوءِ بنگالين جي آزادي جي سورمي شيخ مجيب الرحمان جنهن کي بنگالي ٻولي ۾ ” بنگلا بدهو “ باباءِ قوم جي نالي سان پڪاريو ويندو آهي، سندس ڌيءَ حسينه واجد جيڪا 1975 جي فوجي بغاوت ۽ والد سميت سموري ڪٽنب جي قتل عام ۾ ان ڪري زنده بچي وئي هئي جو هوان وقت ملڪ کان ٻاهر هئي، ۽ جڏهن 1970 ۾ بنگلاديش ۾ آزاد ٿي رهيو هو ان وقت هيءَ ڍاڪا يونيورسٽي جي شاگراد اڳواڻ هئي ،هوءَ 1975 جي فوجي بغاوت بعد ۽ والد سميت سموري ڪٽنب جي قتل بعد ڀارت واپس پهتي ۽ 1981 ۾ ڀارت کان واپس آئي ۽ ملڪ ۾ جمهوري جدوجهد جي اڳواڻي ڪئي. هن مٿان ڪيترائي دفعا خوني حملا به ٿيا ۽ جيل جون صعوبتون به ڀوڳيون .

هوءَ پنهنجي پارٽي عوامي ليگ جي طرفان 1996 ۾ پهريون ڀيرو ملڪ جي وزيراعظم چونڊجي وئي، 2001 ۾ هن بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي جي اڳواڻ خالده ضياءَ جي هٿان اليڪشن هارائي.

شيخ حسينه واجد ۽ خالده ضياءِ جي سياسي ڇڪتاڻ جي ڪري ٻنهي کي ويڙهاڪ عورتن جي خطاب ڏنو ويو. شيخ حسينه واجد ٻيهر 2009 ۾ ملڪ جي وزيراعظم چونڊجي وئي ۽ اٽڪل ٻه ڏهاڪا ان عهدي تي رهي.  جنهن جي هاڻوڪي دور ۾ بنگلاديش اقتصادي ناماچاري ۾ ايتري ته اڳتي نڪري ويو جو پاڪستان جي سياسي ۽ اقتصادي عدم استحڪام ڪري فيصل آباد جون فيڪٽريون ۽ ٻيو واپار ان طرف منتقل ٿي رهيو هو. بنگلاديش گارمينٽ صنعت ۾ انڊيا کي به پوئتي ڌڪي اڳتي نڪري چڪو هو.

76 سالن  جي شيخ حسينه واجد اها قومي اڳواڻ آهي، جنهن والد جي قاتلن غدار جرنيلن ۽ بنگلاديش جي آزادي جي مخالفن مذهبي اڳواڻن کي ڦاهيون ۽ ٻيون سزائون به ڏنيون. جن جي پونئرن اندران ئي اندران غير ملڪي قوتن سان گڏجي پنهنجون سازشون تيار ڪيون، جنهن کان خبر ناهي ته هو بي خبر ڇو رهي. ان ۾ بنگلاديش جو موجوده  فوجي سربراه وقارالزمان پڻ ملوث ٿي سگهي ٿو، جنهن کي خود حسينه واجد ان عهدي تي نامزد ڪيو هو. بقول سنڌ ۽ ملڪ جي مدبر کاٻي ڌر جي سياستدان رسول بخش پليجو جي ته ” شهيد شيخ مجيب رحمان ڪڏهن به ظاهري طور  پاڪستان کان الڳ نه ٿيڻ پي چاهيو پر کيس اسٽيبلشمينٽ ان رستي تي هلڻ لاءِ مجبور ڪيو هو، جيڪڏهن بنگلاديش پاڪستان جو حصو هجي ها ته سنڌي پنجاب جي اڪثريت ۽ پنجابي اسٽبلشمينٽ جا غلام نه هجن ها، پر ذوالفقار ڀٽو پڻ ان ڏوهه ۾ ان وقت جي جرنيلن جي سازش جو حصو بڻجي چڪو هو “ ٻئي طرف  آمريڪا جي به اها خواهش هئي ته پاڪستان کي ڪمزور ڪري ان جا ٻه ٽڪرا ڪيا وڃن. بهرحال بکيا بنگالي پنهنجن پيرن تي بيهجي ويا ۽ پاڪستان جي سڪي کي هيٺ ڪري اقتصادي طور شهرت ماڻي ورتي. شيخ حسينه واجد  خاص طور پنهنجي پوئين دور ۾ ملڪ جي اقتصادي ترقي تي ڌيان ڏنو ۽ غربت جي وڌندڙ سيڪڙو تي نه فقط ڪنٽرول ڪيو پر ان ۾ گهٽتائي به آندي، ورلڊ بينڪ جي رپورٽ موجب ” بنگلاديش جا اڍائي ڪروڙ ماڻهو غربت جي لڪير کان ٻاهر نڪري آيا “ پاڪستان جون عورتون بينظير ڀٽو انڪم سپورٽ پروگرام ۾ جڏهن عورتون ڌڪا کائي رهيون آهن اتي شيخ حسينه واجد عورتن کي گارمينٽ ۽ ٻي واپار ۾ خودمختيار ۽ خودار بڻائڻ جون پاليسيون جوڙي ورتيون  ۽ دنيا جي سيڙپڪارن لاءِ بنگلاديش جا رستا کوليا، جنهن ۾ پاڪستان به شامل آهي.

هاڻي هڪ ننڍڙي مسئلي تي بنگلاديش جي آزادي جي مخالف رضاڪارن جي ڪوٽا جي مسئلي تي ايڏي وڏو گوڙ ائين نه ٿيو آهي، اسان جو خطي تان آمريڪا پنهنجي اجاراداري ختم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، انهن کي پاڪستان اقتصادي ۽ سياسي خودمختياري وارو ڪوبه منصوبو برداشت نه ٿو ٿئي، روس ۽ چين پاڪستان جي ويجهو اچن ٿا ته اسلام آباد ۽ پنڊي ۾ ڌرڻا لڳي وڃن ٿا. ان کي پاڪ چين اقتصادي سهڪار سي پيڪ ته بلڪل به پسند نه آهي، گوادار ۾ هو چين کي برداشت نه ٿو ڪري ته پوءِ بنگلاديش ۽ چين جي وڌندڙ لاڳاپن کي هڪ پل به برداشت ڪيئن ڪندو. چين مخالف قوتن کي عمران خان جي قيد هجڻ تي به افسوس آهي ته ايران ۽ چين ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙي به نظر اچي ٿي.

هاڻي بنگلاديش ۾ انهن ئي سامراجي ملڪن بنگلاديش خلاف فوجي آپريشن ۾ بنگالي عوام جو قتل عام ڪندڙ جي پوئين نسل جي نرسري کي ايترو ته نپايو جو انهن کي ڪوٽا سسٽم ياد اچي ويو آهي، جيڪو به شيخ حسينه واجد حل ڪرڻ جي ڪوششش ڪئي، پر اتان جي سامراج دوست شاگردن ۽ انهن جي پويان ويٺل مذهبي ۽ سياسي قوتن کين مطالبن کي ڊيگهه ڏيندي احتجاج کي پرتشدد بڻائي ڇڏيو.جڏهن مطالبن کي مڃڻ ۽ بنگلاديش سپريم ڪورٽ طرفان سرڪاري نوڪرين ۾ بنگلاديش جي آزادي لاءِ جان جو نذرانو ڏيندڙن جي اولاد جي ڪوٽا ۾ گهٽائي 5 سيڪڙو جو حڪم جاري ڪيو ۽ رضاڪارن پنهنجي ايجنڊا اصل ظاهر ڪندي اهو چئي جواب ڏنو ته هاڻي مطالبا پورا ٿين يا نه ٿين وزيراعظم شيخ حسينه واجد اقتدار ڇڏي وڃي.

بنگلاديش جو فوجي سربراهه جمهوري حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي اول ئي تربيت وٺي چڪو هو، جنهن کي لکيل اسڪرپٽ موجب ڪالهه سومر ڏهاڙي نمودار ٿيڻو هو، بنگالي ڪجهه جرنيلن ملڪ ۾ هلندڙ گڙٻڙ تي سياسي حڪومت جي حڪمن کي نه مڃڻ جي شروعات ته ڪجهه ڏينهن اول ئي شروع ڪري ڇڏي هئي.شيخ حسينه واجد کان نه فقط فوجي سربراهه زبردست اقتدار ڇڏڻ لاءِ الٽيميٽم ڏنو پر پاڻ ملڪ جو سربراهه ٿي ويٺو آهي ، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ هي پاڻ اقتدار تي قابض رهڻ جو اعلان ڪري ٿو يا عبوري حڪومت اچي ٿي ان سان بنگلاديش اقتصادي ترقي، ٻاهرين سيڙپڪاري ۽ غربت تي ڪنٽرول جي پاليسين کي مستقبل قريب ۾ وڏو نقصان پهچندو.جهڙي نموني وڳوڙين شيخ حسينه واجد جي گهرن مٿان حملا ڪيا آهن ان سان هنن جون نيتون به وائکيون ٿي رهيون آهن. پاڪستان کي به پاڪ چين لاڳاپن ڪري جيڪي تڪليفون ڏنيون ويون آهن، ان مان اسان کي به سبق سکڻ گهرجي ته جڏهن اسان سامراج جي غلامي ڪندي به ان جي اک جو ڪنڊو آهيون ته پوءِ اسان کي ملڪ اندر اهڙين عوام ۽ ننڍين قومن جي دشمن پالسين کي تبديل ڪرڻو پوندو، چو ته جڏهن سامراج کي اها پڪ ٿي وئي ته پاڪستان انهن جو ڳيجهو رهڻ نه ٿو چاهي اهو ايران کان به پيٽرول خريد ڪندو ۽ گيس پائيپ لائين به ڏيندو يا وري مڪمل طور ملڪ جي خودمختيار پرڏيهي پاليسي تي هلندي روس لاءِ به رستا کوليندو يا وري چين جي طرف بيهي رهندو ته هڪ طرف ملڪ اندر گڙٻڙ شروع ٿي ويندي، ڀارت ۽ افغانستان به پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.اسان جو حشر شايد بنگلادِيش کان به وڌيڪ خراب ٿئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.