شهيد علامه سيد عارف حُسين الحُسيني جو فڪر ۽ جدوجهد

تحرير: عبداللطيف اين عمراڻي

جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته برصغير جي هن پاڪ خطي جي نامور هستيون ٿي گذريون آهن انهن ۾ مقام ۽ معيار مطابق تعليم و ترتيب جي لحاظ کان وڏي محنت جاکوڙ الائي ساري ڪاوشن جي ذريعي باڪمال عظمت تائين رسائي حاصل ڪيائين انهن وڏي نامور هستيون مان پيواڙ لڳ پاراچنار واڍي ڪرم ايجنسي صوبه خيبرپختون خواهه سان تعلق رکندڙ هڪ انمول آدرشي اصول پرست شخصيت محبوب قائد انقلاب شهيد مظلوم حضرت علامه عارف حُسين الحُسيني جيڪو هن وطن جي روح روان حوصلا ڏيندڙ جرائت مند فڪري فلسفي مايه ناز کاهوڙي جيڪو علم و ادب سان لاڳاپيل عنصر رهيو آهي.

هميشه محبوب قائد انقلاب شهيد مظلوم علمي اعتبار جي لحاظ کان فڪر فلسفي جيڪا قرآن ڪريم حديث محمد و آل محمد مان ماخذ طور ورتي آهي جو اڄ به سندن تحرير تقريرون تي مشتمل اهي ڪتابن جا نالا جيڪي هيٺ پيش ڪجن تا سندن جا موضوعاتي لحاظ کان 1. پيام نور اخلاق ودرس 2. گفتار صدق معارف قرآن جي علم  تي ٻڌل آهي 3. سخن عشق مجالس عزا مظلوم ڪربلا سيد الشهداءِ حضرت امام حُسين عليه السلام و شهداءِ ڪربلا تي 4. آداب ڪاروان تنظيمي مامرن تي 5. ميثاق خون اوائل قيادت ۽ مدارس ( حوزه علميه ) 6. اسلوب سياست پاڪستان ۾ اسلام محمدي جي اجراءِ عالمي امور تي 7. گوهر ناياب مختلف عنوان سان قائد انقلاب شهيد حُسيني جا مختلف خطابات 8. وصال حق بارگاه خداوند ڪريم دعاءِ ڪميل جي دوران روح پرور مطالب ۽ مصائب سيد الشهداءِ 9. منتخب ڪلمات جي آثار تي موضوعي انتخاب هي سڀ ڪتاب بلند پائي سان واسطي طور فڪري ۽ نظرياتي حيثيت رکن ٿا.

جيڪڏهن اسين اڄ به تاريخ تي نظر ڪنداسين اسان جي منفرد سماج کي قائد انقلاب شهيد مظلوم حَضرت علامه سيد عارف حُسين الحُسينيرح جي مختلف موضوعن تي فڪر جي روشني سان منور ڪري سگهون ٿا کين فڪر جو پنهنجو پنهنجو رخ هوندو آهه جيڪا جدلياتي ۽ ماحولياتي پٽآندڙ عڪاسي پڻ ڪري ٿو دنيا ۾ اهي ڏاهب ڀريا فلاسفر عظيم انسان جيڪي قومن جي بقا واري ارتقا جي عمل لاءِ پنهنجن پنهنجن خطي ۽ عوام الناس کي فڪر ڏيندا آهن. اهي خطا يا قومون دنيا جي گولي تي سرفراز ۽ ڪامياب هوندا آهن برصغير جي هن پاڪ خطي جي آدرشي مسلسل جدوجهد جي علامت محبوب قائد انقلاب شهيد مظلوم حضرت علامه سيد عارف حُسين الحُسيني انساني تاريخ جو اهو آدرش مايه ناز ڪردار جيڪو هر دور ۾ نظم ضبظ تحت هر رخ کان عڪاسي ڪندي ايندڙ نسلن جي اصلاح جو پائيدار فارمولو رهندو ڇو ته فطرت سان بي پناه محبت ۽ کين دلي لڳا هو وقت جي عين خاص پابندي پڻ ڪندا هئا عبادت ۽ فڪر جا ڪيترائي کوڙ سار مثال طور تي خاص شب جمعه جي وقت دعاءِ ڪميل جيڪا اندر جي اڪير گري سان سانوڻ جي منڌ جيان ڳوڙهن ۽ آهون جو سلسلو جاري آهي سندن سڄي زندگي انڪساري، سچائي، عدل انصاف، امن، محبت، رواداري تحت گذري. پاڻ عظيم اخلاق جا پڻ مالڪ هئا سندن جي طبيعت حليم قسم جي، نماڻي انداز سان سرشار هو تقوي ۽ پرهيز گاري جا بي تاج بادشاه هئا.

هي ڪربلا جي راه جو پانڌڙو محبوب قائد انقلاب شهيد مظلوم حضرت علامه عارف حُسين الحُسين جن طالب علمي جي دور کان وٺي 10 فيبروري 1984ع تي آقائي زادي پاڪ جناب حضرت  سيده زينب سلام عليها جي قصر زينب جي احاطي بکر شهر ۾ تحريڪ نفاذ فقه جعفريه پاڪستان جي اعليٰ پاليسي ساز اداري مرڪزي سپريم ڪائونسل، مجلس عامله ۽ بزرگ علماءِ اڪرام جي هر هڪ صوبي جي نمائندگي ڪندڙ شخصيات مان وادي مهراڻ سنڌ مان حجة الاسلام و المسلمين جناب قبله علامه ثابت علي نجفي ڪراچي مان علامه سيد رضي جعفر نقوي صوبي پنجاب مان جناب حافظ علامه سيد رياض حسين شاهه نجفي ڪيپيٽل اسلام آباد مان الحاج الشيخ علامه محسن علي نجفي ڪي پي ڪي صوبي مان علامه غلام حسن جاڙا مولانا شيخ علي مدد نجفي بلوچستان صوبي مان علامه آغا جمعه اسدي آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان صوبي مان هر هڪ شخص نمائندگي طور پڻ شرڪت ڪئي کين اڪثريت راءِ سان قائد ملت اسلاميه پاڪستان ۽ مڪتب تشيع جو خدمت گار چونڊجڻ ملڪ جي تاريخ جو واحد ڪارنامو آهي .

5  آگسٽ 1988ع ۾ رات جي رهزن هٿان شهيد ڪيل هن عظيم شخصيت جي عوامي جمهوري جدوجهد جيڪا ڪنهن وڏي ڪمال کان گهٽ ناهي ملڪ مٿان مارشلا جي ڪاري قانون ۽ نظام جي خاتمي جي حصول خاطر مسلسل پائيدار عملي جدوجهد جاري رکڻ عين فطرت ۽ نظريات جي عڪاسي جو واضع کليل نموني طور ثبوت آهي، سندن قيادت جي سموري عرصي دوران پوري ملڪ جي هر هڪ ننڍي شهر کان وٺي وڏي شهر تائين چپي چپي تي تاريخي انقلابي دورا پڻ ڪيا کين انهيءَ عشق، محبت ۽ رواداري جي پر فضا ماحول ۾ شاندار استقبال ڪيا ويا اتان جي رهواسين ننڍي ٻار کان وٺي نوجوان ۽ 80 سال جي پوڙهي جي زبان تي اهو نعرو هو

قائد سيد عارف حسین الحسینی قدم بڑھاو . ہم تمھارے ساتھ ہے – جس قوم کا نعرا علی ولی اس قوم کا قائد سید عارف حسین الحسینی ۔

مطلب ته اهو سلسلو دوراجات جو هلندي ئي آبائي شهر پارا چنار جي ويجهو ڪنهن ڳوٺ جي دوري تي جيئن پهتا ته ڪنهن شخص سندن جي دعوت ڪئي ته اُتي هڪ نابين شخص ڪنهن ننڍي ٻار سان اچي پهتو ته قائد محبوب شهيد مظلوم حضرت علامه سيد عارف حسين الحسيني کان پڇو ته اوهان قائد سيد عارف حسين الحسيني آهيو جي ها مان آهيان اوهان فرمايو ڇا حڪم آهي ته ان نابين شخص درد دل پنهنجي ڏک جي ڪهاڻي پيش ڪئي ته کين روئي ڏنو مان ۽ منهنجا ٻچا ڪلهه کان وٺي اڄ ڏينهن تائين بک تي ويٺا آهن. محبوب قائد آغا صاحب شهيد حسيني ڪافي وقت تائين سوچن ۾ گم ٿي ويو ۽ پوءِ کين سٺي نموني رقم نابين شخص جي پاسي واري کيسي ۾ پئسا رکي ڏنا ان کي دروازي تائين ڇڏڻ آيو ۽ پوءِ واپس ڪمري ۾ آيو ۽ اُتي ويٺل علماءَ اڪرام تنظيمي ورڪرن، عام مومنن کي شڪايت ڪندي چيو ته اوهان جي هم سائي پاڙي ۾ ڪو غريب ۽ مسڪين بک تي هجي اوهان کي اسان جي آخري نبي پيغمبر اسلامصه ۽ امامعه جو فرمان آهي جيڪڏهن اهو شخص مسلمان ناهي جو انهن جي مدد ڪري ۽ ٻئي پاسي اوهان ۽ اسان سڀني کي سماجي، فلائي ڪمن ۾ ڀرپور حصو وٺڻ تي پڻ زور ڏنو.

محبوب قائد انقلاب شهيد مظلوم حضرت علامه سيد عارف حسين الحسيني جي ضيا شاهي جي بدترين آمريت مارشل لا جي ملڪ مٿان ڪارن ڪڪرن سان ازلي جنگ ڪندي عوام الناس جي ڦٻايل حقن جي بحالي ملڪ جي بهترين نظام طور جمهوريت جي نفاّذ رائج ڪرائڻ لاءِ ٻين جهموري ۽ عوامي تحريڪن سان هم آواز ٿي هڪ مسلسل انقلابي جدوجهد ملڪ جي تاريخي قومي مامرن تي نظرياتي جدوجهد ڪندڙ عوامي جماعت تحريڪ نفاذ فقه جعفريه پاڪستان جيڪا هڪ لمحي لاءِ خاموش ڪو نه ويٺا جنهن جو امتياز شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي عوام ۽ جمهوري حڪومت جي خاتمي ۽ مارشل لا جي نئين آغاز واري دور سان 12 اپريل 1978ع بکر شهر ۾ هن قومي جماعت تحريڪ نفاذ فقهه جعفريه پاڪستان جو بنياد وجهڻ ۽ مرد مجاهد قائد ملت اسلاميه پاڪستان حضرت علامه مفتي جعفر حسين جي نئين قيادت جو انتخاب ٿيڻ جي تاريخ جو وڏو افتخار پڻ آهي اهو سلسلو عوامل جدوجهد ڪربلائي ۽ کاهوڙي ڪردار محبوب قائد انقلاب شهيد مظلوم اسان سڀني جي آس اميد جو ستارو حضرت علامه سيد عارف حسين الحسيني جي حقيقي جانشين فڪري شهيد حسيني جو وارث نمائينده ولي فقهه پاڪستان محبوب قائد حضرت علامه سيد ساجد علي نقوي جي اڳواڻي هيٺ اڄ به اها سنگ ميل جدوجهد جاري آهي چاهي اهو دور بدترين آمريت پرويز مشرف جو هجي يا وري نواز شريف ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جو جمهوري دور هجي پر محبوب قائد حضرت علامه سيد ساجد علي نقوي جن مسلسل عوامي جدوجهد جي علامت پڻ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.