مڪافات عمل مان گذرندڙ رٽائرڊ برگيڊيئر امتياز بلا

تاريخ وڏي بي رحم ٿيندي آهي، جيڪا ڪنهن تي به نه ته رحم ڪندي آهي ۽ نه ئي ڪڏهن ڪنهن سان ڪا ناانصافي به ڪندي آهي. تاريخ يزيد جي فتح  کي بدترين شڪست ۾ بدلائي ڇڏيو، ان لاءِ تاريخ مان ناانصافي جي اميد هرگز نه رکڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته تاريخ جي اکين ۾ اڄ ڏينهن تائين ڪير به ڌوڙ وجهڻ  ۾ ڪامياب ٿي ناهي سگهيو.

خبر موجب رٽائرڊ برگيڊيئر امتياز بلا کي پنهنجي ئي  پٽ پنهنجي  ئي گهران لوڌي ڪڍي ڇڏيو آهي، پٽ، پيءُ جي خلاف قانون لاڳو ڪندڙ اداري جي اهلڪارن کي قانوني  ڪارروائيءَ لاءِ گهرائي ورتو.امتياز بلا جيڪو پنهنجي سروس جي دوران خود کي قانون کان مٿاهون سمجهي مظلوم ماڻهن تي بي انتها ظلم ۽ کين قتل پڻ ڪندو رهيو، پر هُو هر غير قانوني ۽ غير انساني عمل جي باوجود به قانون جي پڪڙ کان پري رهيو ۽ اهو ثابت ڪيو ته ملڪ ۾ ڪجهه فرد اهڙا به هوندا آهن، جيڪي ملڪي قانون کان مٿاهون هوندا آهن، پر ملڪي قانون کان سواءِ هڪ ٻيو قانون پڻ آهي جنهن کي اسين قدرت جو قانون چوندا آهيون، ڪير ڪيترو به بااثر ۽ طاقتور ڇو نه هجي پر قدرت جي قانون کان بچي نه سگهندو .

امتياز بلا  جنهن هميشه قانون کي پنهنجي طابع سمجهو اڄ ان جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ لاءِ  قانون لاڳو ڪندڙ اداري جا اهلڪار سندس گهر پهچي ويا آهن،  ان کي ئي ته  مڪافات عمل  چئبو آهي، ۽ هر ان انسان کي ان عمل يعني مڪافات عمل مان گذرڻو پوندو آهي،  جيڪو خود کي اتم ۽ ٻين کي ڪمتر سمجهندو آهي.

اهڙي ريت امتياز بلا پڻ عمر جي ان حصي ۾ ذليل و خوار ٿي رهيو آهي، جنهن عمر ۾ انسان ڪمزور ٿي ويندو آهي ۽ کيس  اولاد جي سهاري جي وڌ کان وڌ ضرورت پوندي آهي. هر انسان کي پنهنجي اولاد مان اها ئي توقع ۽ اميد هوندي آهي ته اها سندس پوڙهائپ جو سهارو بڻجي. پر جن ماڻهن جا هٿ ٻين  بي گناهه ماڻهن جي رت سان رنگيل هجن ان جو اولاد نيڪ، فرمانبردار ۽ صالح  هجي،  اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟ ڇاڪاڻ ته مظلوم ماڻهن جون دانهون عرش عظيم تائين پهچنديون آهن.

رٽائرڊ برگيڊيئر امتياز بلا  جي ظلمن جا داستان نهايت ئي ڊگها  ۽ لڱ ڪانڊاريندڙ آهن، جنهن ايم آر ڊي تحريڪ جي دوران سوين سياسي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري مٿن بدترين تشدد ڪرائي کين قتل ڪري ڇڏيو هو، جن مان ڪيترن جا ته  لاش به سندن وارثن جي حوالي نه ڪيا ويا.سنڌ ۾ ايم آر ڊي تحريڪ  جنرل ضياءَ الحق  جي خلاف ايتري قدر زور وٺي وئي هئي جو ان کي چٿڻ لاءِ ايئر فورس سنڌ جي ڪيترن ئي ڳوٺن تي فضائي بمباري ڪئي هئي ۽ سياسي ڪارڪنن جو قتلام پڻ ڪيو هو. اهڙن ڪاررواين جو منتظم ان وقت سنڌ ۾ سيڪٽر ڪمانڊر طور تي مقرر رهندڙ ۽ جنرل ضياءَ الحق جو ساڄو هٿ سمجهو ويندڙ ريٽائرڊ برگيڊيئر امتياز بلا  هو. جنهن نذير عباسي  مٿان بدترين ۽ غير انساني تشدد ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو هو.

نذير عباسي  جي سرد لاش کي جڏهن پي ايم شفا اسپتال ڪراچي ۾ آندو ويو هو ته اسپتال عملي کي اهو چيو ويو هو ته هن شخص جي طبيعت خراب ٿي وئي  آهي پر جڏهن ڊاڪٽرن کيس چيڪ ڪيو ته اها تصديق ڪئي هئي ته سندس موت ڇهه ست ڪلاڪ پهريان واقع ٿي چڪو آهي يعني نذير عباسي جو موت غير طبعي  ۽ تشدد دوران ٿيو هو.

شهيد نذير عباسي قتل ڪيس ۾ اڄ ڏينهن تائين امتياز بلا سميت ڪنهن به جوابدار کي ڪا سزا ته ناهي آئي پر ان ناحق قتل بابت کانئن اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به فورم تي  ڪا پڇا به نه ڪئي وئي آهي. جيڪڏهن شهيد نذير عباسي جي خون سان انصاف ڪيو ويو وڃي ها ته اڄ ملڪ ۾ ايتري قدر لاقانونيت  نه هجي ها ۽ ڪٿي به  ڪنهن جو به چچريل لاش نه ملي ها ۽ نه ئي نوجوانن کي زوري کنڀي ٽارچر سيلن جي حوالي ڪيو وڃي ها.

جيتوڻيڪ امتياز بلا شهيد نذير عباسي جي قتل جو جوابدار هجڻ سان گڏ ايم آر ڊي تحريڪ کي چٿڻ توڙي ذوالفقار علي ڀٽي جي خلاف ٿيندڙ سازش ۽ سزا سميت  ٻين ڪيترن ئي اهم واقعن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري چڪو آهي، ان لاءِ مختلف ٽي وي چينلن تي ٿيندڙ ٽاڪ شو ۾ کيس گهرايو وڃي ۽ کانئس شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد نذير عباسي، ايم آر ڊي تحريڪ خلاف رياستي ڪارروائي بابت کانئس سوال پڇيا وڃن ۽ اهي سموريون حقيقتون جن تي هن مهل تائين پرده پوشي ڪئي وئي آهي، عوام جي سامهون آنديون وڃن.

اهي حقيقتون سامهون اچڻ کان پوءِ  ڪو لائحه عمل طئي ڪري ان قسم جي سازشن جي تسلسل کي ٽوڙي سگهبو، جيڪو لڳاتار هلندي ڏسڻ ۾ اچي رهيون آهن. جنهن سبب ملڪ اڳتي وڌڻ جي بدران مسئلن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسندو پيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.