واپڊا جا عوام سان ڪلور ڪڏهن ختم ٿيندا؟

تحرير: مجيد نواز مغل

واپڊا جيڪو هاڻي مختلف ڪمپنين جي صورت ۾ هر گهر هر دوڪان هرقسم جي ڪاروبار وارن لاءِ مٿي جو سور بڻجي چڪو آهي. ماڻهو واڌو بلن جي ڪري پنهنجي گهر جا زيور ۽ قيمتي سامان وڪرو ڪرڻ پنهنجو انت آڻن تي مجبور آهن. واپڊا جي انهن ڪمپنين جي ڪارگذاري نهايت ٿرڊ ڪلاس ٿي وئي آهي. ڪرپشن سفارش ۽ پنهنجا نوازڻ جي پاليسن سبب اهو ادارو تباهي ڪنڌي تي آهي. اوور بلنگ ڪري بجلي استعمال ڪندڙن کي ڊڊيڪشن بل موڪلڻ جو سلسلو مسلسل جاري ۽ ساري لڳو پيو آهي. ماهوار بجلي جي استعمال تي منٿليون ادا ڪندڙن جا ڪنيڪشن ڪاٽا ڪرڻ ڏکيو آهي. جڏهن به سختي اچڻ واري هوندي آهي لائين مين اڳواٽ ڪنڊن جي تارون ڪٽي وڃن ٿا. جئين مٿي جي ڪامورن يا خاص چڪاس وارين ٽيمن کي سندن ڪنڊن جي ڪرتوتن جي ڄاڻ نه ملي سگهي. سڀ کان وڌيڪ هن وقت جنهن اداري جون شڪايتون اچڻ ٿيون.  انهن ۾ واپڊا ڪمپنيون پهرين نمبر تي آهن. چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر کان وٺي لائين مين لائين سپريڊنٽ پڻ ڪرپشن جي ڄار ۾ وڪوڙيل نظر اچي ٿو. هڪ ايم اين اي ايم پي ايز ۽ وزير جي گهر يا بنگلي جي بجلي ڪنهن صورت ۾ ناهي ويندي جڏهن عام ماڻهو کي روزانو ڪيترائي ڪلاڪ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ سان منهن ڏيڻو پوي ٿو. سموري سنڌ سميت اتر سنڌ ۾ 50 سينٽي گريڊ يا ان کان به وڌيڪ گرمي پئي ٿي پر بجلي جي لوڊشيدنگ زيرو ڪرڻ جي دعوي ڪندڙ ئي اها لوڊشيڊنگ برابر ۽ مسلسل ڪري رهيا آهن. اسان جي ٻهراڙين ۾ 24 ڪلاڪن مان 20. 20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ معمول بڻجي چڪي آهي. هن گهٽ ٻوسٽ ۽ قيامت جهڙي گرميءَ ۾ ڪاروبار ڪرڻ  وارا سخت پريشان آھن ـ  اهي پورهيت جيڪي ريڙهو هلائي فروٽ ۽ سبزي وڪرو ڪري پنهنجي ٻچن لاءِ مشڪل سان رکي سکي ماني حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ڪندي اس ۾ نظر اچن ٿاـ ان جي گھر جو 20 هزار يا ان کان وڌيڪ جو بل اچي ٿو پوءِ هن جي اندر مان هن مفاد پرست عياش حڪمرانن ۽ اشرافيا لاءِ ڪهڙي بددعا نڪرندي. هن جون پٽيون پاراتا آسمان تائين پهچن ٿيون ته  انهن عياش حڪمرانن لاءِ گناهن جا ٽوڪرا گڏ ٿيندا رهن ٿا. انهن عياش سياست دان ۽ حڪمرانن فيبروري 2024ع جي چونڊن دوران عام جلسن ۾ واضح طور 200 ۽ ڪنهن 300 بجلي جا يونٽس فري ڪرڻ جا اعلان ڪيا هيا پر هتان جي سياست دانن طرفان ڪيل واعدا نه پورا ڪرڻ عام ڳالھه آھي. ڇاڪاڻ ته ووٽ وٺڻ خاطر انهن اهي واعدا ڪيا هيا. هاڻي اقتدار ۾ اچي نوان راڳ ڳائين پيا.

عوام دشمن حڪمران سمجهي وٺڻ ته جڏهن عوام روڊن رستن تي نڪري پڇا ڪرڻ شروع ڪندو ته بجلي ٻين ملڪن کان هت ايتري ڇو مهانگي آهي.؟ بجلي بلن ذريعي غريب عوام کان ٽيڪس وصول ڪرڻ ڪٿان جو انصاف آهي؟. اهو ڪم عوام کي فورن ڪرڻ گهرجي ـ باقي گهرن ۾ ويهي خاموش ويهڻ يا سوشل ميڊيا تي تبصرا ڪرڻ سان ڪجهه ڪونه ٿيندو. دنيا ۾ جتي به ڪنهن ناانصافي ۽ ظلم خلاف عوام متحد ٿي ٻاهر نڪتو آهي اتي حڪمرانن جون ننڊون حرام ٿيون آهن ۽ مثبت انقلابي تحريڪون ڪامياب ٿيون آهن جنهن ۾ عام ماڻهن جو عمل دخل 100سيڪڙو هجي.

واپڊا ڪمپنين طرفان حد ته اها ٿي پئي آهي جو ڪنهن نئين بجليءَ جي ڪنيڪشن لاءِ رڳو ميٽر هڻي ڪنيڪشن لاءِ تاربه بازار مان خريد ڪري اچڻ جي صارفين کي هدايت ڪئي وڃي ٿي. واپڊا(سيپڪو) جي اسٽور تي ان وڏي پئماني تي سامان وڪرو ڪري رقمون پنھنجن کيسن ۾ وجهندا آهن ۽ گھمندا ائين آھي ڄڻ انھن جھڙو ڪو ايمانادار آھي ڪونھي ـ واپڊا جي هڪ لائين مين کان وٺي مختلف عهدن تي ڪم ڪندڙن وٽ ڪروڙ روپين جون ذاتي جائدادون آهن. جيڪي انهن پنهنجن مائٽن يا ٻين گهر ڀاتين جي نالن تي ٺاهيون آهن ۽ ايئن اھي عيش عشرت سان پنهنجون زندگيون گذارين پيا ڪافي ملازمن جون اولادون پرڏيهي  ملڪن ۾ اعلي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ويل آھن.  هڪ اعتماد جوڳي ذريعي موجب لائين لاسز کي پورو ڪرڻ خاطر بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي ويندي آهي ۽ جن علائقن ۾ بجلي چوري وڌيڪ ٿيندي آھي اتي لوڊشيڊنگ به ان حساب سان وڌيڪ ڪئي ويندي آهي. جڏهن ته بجلي جي 97 سيڪڙو چوريون پاڻ واپڊا ڪمپنين جا ملازم ڪرائيندا آهن. هر فيڊر تي مقرر لائين سپريڊنٽ ماهوار منٿليون وٺي ڪنڊا سروس ۾ مصروف هوندا آهن. سمورو نقصان واپڊا يا سرڪار جو ٿئي ٿو. اربين روپين جي آمدني گهٽ ٿيڻ ڪري واپڊا ڪمپنيون سخت نقصان ۾ آهن. انڪري انهن ڪمپنين کي خانگي شعبي حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان جي سخت مخالفت واپڊا ملازمن جون يونينون ڪن ٿيون جيڪي خانگائڻ م رڪاوٽ بڻيل آهن پر يونيز پنھنجي جاءِ تي صحيح آھي اسان وٽ جيڪو ادارو کوٽ يا خساري ۾ وڃي ٿو ان کي وڪرو ڪيو وڃي ٿو پر ان ۾ سرڪار کي پنھنجيون سڀ توانائيون صرف ڪري پوئتي پيل ادارن کي پنھنجن پيرن تي بيھارڻ لاءِ جوڳا ۽ مشڪل قدم کڻن گھرجي . جيڪو ڪم وقت جون حڪومتون ناھن ڪنديون ـ ان جا واضح مثال اسٽيل مل پي آءِ اي ريلوي ۽ ٻيا ڪيترائي ادارا آھن. اسان جو نظام ئي ڪرپٽ ۽ ٽوٽل غلط آھي. نظام عوام دوست يا ملڪ دوست ٿي ويو ته  سڀ مسئلا حل ٿيڻ شروع ٿي ويندا . جنھن لاءِ عوام کي به قربانيون ڏيڻ جي سخت ضرورت آھي نه ته اسان ٻين ملڪن کان ڪافي پوئتي رھجي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.