بنگلاديشي وزيراعظم جو چين جو دورو اھميت اختيار ڪري ويو

بنگلاديش جي وزيراعظم شيخ حسينا چين جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آيل آهي ۽ سندس ھن دوري کي انتهائي اهم قرار ڏنو پيو وڃي. شيخ حسينا جنوري ۾ ٿيل عام چونڊن ۾ مسلسل چوٿون ڀيرو بنگلاديش جي وزيراعظم بڻي آھي.جنھن بعد سندس ھي ٻيو پرڏيهي دورو آهي. هوءَ گذريل مهيني ٻن ڏينهن جي دوري تي ھندوستان به وئي هئي.هن هندستاني حڪومت سان لڳ ڀڳ 10 معاهدن تي صحيحون ڪيون، جن ۾ ٽرين ٽرانسپورٽ جون رٿون  به شامل آهن.

ھندستان جي دوري جي ٻن هفتن کان پوءِ شيخ حسينا جي چين جي دوري کي اقتصادي ۽ سفارتي لحاظ کان خاص قرار ڏنو پيو وڃي.چيو ٿو وڃي تھ هن دوري دوران بنگلاديش ڪيترين ئي رٿن جي تڪميل لاءِ چين کان قرض حاصل ڪري سگهي ٿو.گڏوگڏ چين بنگلاديش جي سالياني بجيٽ خساري کي پورو ڪرڻ ۾ به مدد ڪري سگهي ٿو.گذريل 15 سالن ۾ چين بنگلاديش کي قرض يا فنڊ ڏنو آهي.چين اڳ ۾ پدما برج ۽ ڪرناڦلي ٽنل جھڙين رٿائن لاءِ بنگلاديش جي مدد ڪري چڪو آھي.

بنگلاديش موجب چين مختلف رٿن لاءِ ٽي ارب ڊالرز  جو قرض ڏنو آھي پر آمريڪا جي اداري آمريڪي انٽرنيشنل انسٽيٽيوٽ جو چوڻ آهي ته چين بنگلاديش ۾ ست ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪئي آهي.  چين جي شهرين کي به بنگلاديش ۾ روزگار جا موقعا ملي رهيا آهن، ڪورونا وائرس جي پکڙجڻ کانپوءِ 141 ڪروڙ جي آبادي واري ملڪ چين ۾ بيروزگاري جي شرح وڌي وئي آهي.چيني حڪومت موجب 16 کان 24 سالن جي ماڻهن ۾ بيروزگاري جي شرح گذريل سال  20 سيڪڙو کان وڌي وئي ھئي. بنگلاديشي حڪومت موجب بنگلاديش ۾ ڪم ڪندڙ پرڏيهين ۾ سڀ کان وڏو تعداد چيني شهرين جو آهي.

بنگلاديش حڪومت جو  چوڻ آهي ته لڳ ڀڳ 700 چيني ڪمپنيون بنگلاديش ۾ مختلف شعبن ۾ ڪم ڪري رهيون آهن. ماهرن جو چوڻ آهي ته بنگلاديش چين لاءِ فوجي سامان ۽ هٿيارن جي حوالي سان به اهم آهي.هي علائقو سامونڊي واپار جي لحاظ کان به دنيا لاءِ اهم آهي. چين جو چوڻ آهي ته هو بنگلاديش سان پنهنجا لاڳاپا مضبوط ڪرڻ چاهي ٿو ۽ انهن کي ”نئين بلندين“ تي وٺي وڃڻ چاهي ٿو.بنگلاديش جي وزيراعظم شيخ حسينا جي دوري جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان مائو ننگ چيو ته هن دوري دوران ٻنهي اڳواڻن دوستاڻن لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ، گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. چيني پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته هو ’بيلٽ اينڊ روڊ‘ منصوبن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ٻه طرفي تعاون کي وڌايو ويندو.بنگلاديش ۾ چين جي اڳوڻي سفير لکيو هو ته ”2023 اهو وقت ثابت ٿيندو جڏهن چين ۽ بنگلاديش وچ ۾ بيلٽ اينڊ روڊ منصوبن تي سھڪار  وڌندو.چين ۽ بنگلاديش جي اھڙي ٿيندڙ ويجھڙائپ مان اھو اندازو ٿي  رھيو آھي تھ چين ھن خطي ۾ پنھنجي اثر وڌائڻ تي آھستي آھستي سنجيدگيءَ سان ڪم ڪري رھيو آھي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.