ڪراچي کي سڃاڻو

تحرير: امر جليل

توهان ٻڌائي سگهو ٿا ته ڪراچي سرڪيولر ريلوي جي شروعات ڪڏهن  ٿي ھئي؟ چڱو ايترو ٻڌايو تھ ڪراچي سرڪيولر جو انجام ڪڏھن ٿيو ھو ؟ منهنجو مطلب  آھي تھ توهان  ٻڌائي سگهو ٿا ته ڪراچي سرڪيولر ريلوي ڪڏهن ختم ٿي ھئي؟ بيروزگارن کي روزگار ڏيندڙ شهر جو نالو ڪراچي نھ آهي. سڄي ملڪ جي نامي گرامي ٺيڪيدارن کي جھٽڪو ڏيندڙ شهر جو نالو ڪراچي نھ آھي. رشوت ڏيندڙن ۽ وٺندڙن جي شهر جو نالو ڪراچي نھ آھي. ڦرلٽ دوران پنھنجي موبائل جي لاءِ حياتي وڃائيندڙن جي شھر جو نالو ڪراچي نھ آھي.جتي تشدد سان مرندڙن جي تعداد جو ڪو اندازو ئي نھ هجي، جتي ٻورين ۾ چچريل لاش ملڻ عيب نھ ھجي، ان شهر جو نالو ڪراچي نھ آهي، ڪراچي جي پنھنجي ڄاڻ آھي،سڃاڻ آھي.ڪراچي جي پنھنجي سڃاڻپ آھي.ڪراچي جي پنھنجي پھچان آھي.چڱو اھو ٻڌايو تھ ممبئي ۾ سرڪيولر قائم دائم آھي يا اھا بھ ھن ڌرتيءَ تان مٽائي وئي آھي ؟ دنيا سان اسان کي ڇا ڪرڻو آھي.

يورپ وارا ڇا ڄاڻن تھ سرڪيولر ريلوي ڪھڙي شيءَ آھي.انهن وٽ گاڏين جي گھڻائي آھي.اھي ريل گاڏين ۾ سفر ناھن ڪندا.ريلوي گاڏين ۾ ٻن قسمن جون گاڏيون ھلن ٿيون.ھڪ پسينجر ٽرين ۽ ٻي گڊز ٽرين.پسينجر ٽرين ۾ ماڻھو سفر ڪن ٿا.ڪراچي کان پشاور ۽ ڪوئيٽا ايندا ۽ ويندا آھن.گڊز ٽرين ۾ اسان ماڻھن جو سامان سرڙو سفر ڪري ٿو.ڳري سامان کان ويندي ميوات ۽ ڀاڄيون سفر ڪن ٿيون.توھان ٻڌائي سگھو ٿا تھ گڊز ٽرينون ڪٿي غائب ٿي ويون آھن ؟گڊز ٽرينن ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل بھ سفر ڪندا ھئا.گڊز ٽرينن کي آسمان کائي ويو يا زمين ڳھي وئي ؟ ھاڻي پيٽرول ۽ ڊيزل سان ڀريل ٽينڪر شھرن جي وچ ۾ پيا ڦرن ٿا.ٽينڪر اونڌو ٿي وڃي تھ ماڻھو ٿانو کڻي واقعي واري ھنڌ تي پھچي وڃن ٿا ۽ لوٽن،مگن ۽ جڳن ۾ھاريل پيٽرول ۽ ڊيزل ڀرڻ لڳن ٿا، باھ لڳي وڃي تھ سوين ماڻھون ڪنسترن سميت سڙي مرندا آھن.

توھان مون کي ٻڌايو تھ گڊز ٽرينون ڪٿي غائب ٿي ويون ؟ڇو بند ٿي ويون ؟ ڪنھن جي چوڻ تي بند ٿي ويون؟ مون ڪنهن کان ٻڌو آهي ته پاڪستان ۾ ڳڻپ ۾ ايندڙ ٿورا ماڻهو طاقت جو سرچشمو ھوندا آهن.ستر کان اسي سالن کان اھي نسل درنسل  پاڪستان تي حڪومت ڪري رهيا آهن. گڊز ٽرينون ڪھڙي شيءَ  آهن، اهي جي چاهين ته پٽڙين سميت سموري  ريلوي کائي وڃن. پٿر هضم ، لڪڙ هضم. ٻڌو آهي ته اسان جو پراڻو دشمن اڃا به ڳري سامان سرڙي  جي آڻڻ ۽ موڪلڻ جي لاءِ گڊز ٽرينون استعمال ڪري ٿو،  اسان طئي ڪري ورتو آھي تھ اھو ھر ڪم ڪنھن بھ قيمت تي  نھ ڪنداسين،جيڪو اسان جو پراڻو دشمن ڪري ٿو.

ھونئن تھ اصولي طور تي، دشمن جي هر ڪم کي دشمن جي نگاھ سان ڏسڻ گهرجي. دشمن جيڪڏھن سائنس ۽ ٽيڪنالوجي ۾ وڏو ميدان ماري ورتوآھي ته پوءِ اسان کي محتاط رهڻ گهرجي. سائنس ۽ ٽيڪنالوجي کان اسان کي  پري رهڻ گهرجي.جيڪڏهن پراڻو دشمن تعليم ۽ تربيت ۾ گهڻو اڳتي نڪري ويو آهي ته پوءِ کيس اڳيان نڪري وڃڻ گھرجي. هن کي ايترو اڳتي نڪري وڃڻ ڏيڻ گھرجي ، جو جتان ھو چاهڻ جي باوجود  واپس نه اچي سگهي.

اسان جو ڪھڙو ڪم تعليم ۽ تربيت سان ؟ جيڪڏهن انهن وٽ ٽرام ۽ ڊبل ڊيڪر بسون  ھلن ٿيون تھ ھلڻ ڏيو.اسين نھ ھلائينداسين ٽرام ۽ ڊبل ڊيڪر بسون. اسان دشمن جي پيروي نٿا ڪري سگهون.جيڪڏھن توھان  دشمن جي هٿ ۾ ڇري ڏسي وٺو  ته هڪ لمحي لاءِ به نه سوچجو ته دشمن پٽاٽي.بصر ۽ ڪريلي ڇلڻ جي لاءِ ھٿ ۾ ڇري کنئي آھي.دشمن ھٿ ۾ کنيل ڇري سان ڪڏھن بھ وار ڪري سگھي ٿو.توھان کي وڏو نقصان ڏئي سگھي ٿو.پراڻا دشمن گھڻو  ڪري پاڙيسري هوندا آهن، مان جنهن پاڙي ۾رهندو آهيان، ان پاڙي ۾ رھندڙ ماڻھو  هڪ ٻئي جا جاني دشمن هوندا آهن.اسان جي پاڙي ۾ ماڻھن سامان ۽ ٿانو وڪڻي ڪلاشنڪوف بندوقون ورتيون آھن. دشمن جو پتو نھ پوندو آھي تھ اھو  ڪڏهن توهان تي حملو ڪري ڏيندو.توھان بھ پنھنجي دشمن جا دشمن آھيو. دشمن جي باري ۾ اوھان کي پڪي خبر ٻڌايان، ان خبر  جي تصديق چين، روس، جپان، آمريڪا ۽ ناروي وارا به ڪري چڪا آهن. خبر ننڍڙي آهي، پر آھي ڪم جي.  اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ شيئرز جي قيمت وڌي سگهي ٿي.

خبر ڪجهه اهڙي قسم  جي آهي ته پراڻي دشمن جي ھوندي توھان ڪڏھن  غفلت  جي ننڊ سمھي نٿا سگھو. توھان اٺئي پھر چوڪس رھو ٿا.توھان ماڻھو مان بدلجي ريڊار بڻجي وڃو ٿا.دشمن جي ايندڙ ويندڙ جھازن تي نظر رکو ٿا.او ايم جي، جو مطلب آھي او ماءِ گاڊ.نروس نائنٽيز جي آسپاس پھچڻ بعد اھو ئي ٿئي ٿو.ُسور توھان جي مٿي ۾ ھوندو آھي،پر اوھان ڪڏھن ساڄو تھ ڪڏھن کاٻو گوڏو مھٽيندا رھندا آھيون.مونکي ڳالھه ڪرڻي ھئي ڪراچيءَ جي ۽ مان قصو کڻي ويھي رھيس بدبخت پراڻي دشمن جو.مار پوي پراڻي دشمن کي.حالانڪھ اسين ٻئي ھڪ ٻئي جا پراڻا دشمن آھيون.ڪراچي جي باري ۾ ھڪ آخري خبر ٻڌي وٺو.لاهور ۾ جڏھن قبضا گروپ ڌيڍ سئو سال پراڻي ٽوليٽن مارڪيٽ ڊاھڻ جو اٽل ارادو ڪري ورتو  ھو تڏھن  پنھنجي ثقافتي ورثي جي حفاظت لاءِ سڄو شھر رستن  تي نڪري آيو ھو.پر جڏھن ڪراچي جي سڃاڻپ بولٽن مارڪيٽ کي ڊاٿو پئي ويو تڏھن  ڪراچي وارا نھ گھرن کان ٻاھر نڪتا ھئا ۽ نه ئي ڪنهن اخبار ۾ ڪالم يا ايڊيٽوريل شايع ٿيو ھو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.