اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)وفاقي پيٽروليم واري وزير علي پرويز ملڪ پيٽرول جي في لٽر قيمت هڪ هزار رپين تائين پهچڻ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي علي پرويز ملڪ چيو ته هن وقت ملڪ ۾ پيٽرول جي ڪا کوٽ ناهي، پر جيڪڏهن کوٽ پيدا ٿي وئي ته في لٽر قيمت هڪ هزار رپين تائين به پهچي سگهي ٿي.
علي پرويز ملڪ چيو ته يورپ ۽ آمريڪا ۾ تيل مهانگو ٿي ويو آهي، عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمت ۾ 80 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، پر پاڪستان ۾ رڳو 50 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي. ذميوار وزيراعظم طور شهباز شريف پيٽرول جي قيمت اڳيان بند ٻڌو آهي. سياري ۾ عوام کي گئس جي کوٽ ٿيڻ نه ڏينداسين، ڀلي 3 ڪروڙ ڊالر بدران 10 ڪروڙ ڊالرن جي گئس گهرائڻي پوي.
وفاقي وزير چيو ته گذريل ڏينهن هڪ ئي ڏينهن ۾ 18 ڪروڙ رپين جا ٽوڪن جاري ڪيا ويا. جماعت اسلامي ماڻهن جي تڪليفن تي سياست چمڪائڻ کان پاسو ڪري. جماعت اسلامي جي وفد کي ٻڌائي ڇڏيو هو ته اسان کي چئلينجن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. کوهن تي ڪم شروع ٿي ويو آهي ۽ آڪٽوبر اندر تيل جي کوٽائي ڪنداسين.
هن چيو ته هو پي ٽي آءِ وارن کي چوندا ته حڪومت جي مخالفت ۾ ٻين جي ٻارن کي ٻارڻ طور استعمال نه ڪن. اسلام آباد تي ڪنهن کي به چڙهائي جي اجازت نه ڏينداسين. عليمه خان جي گرفتاري بابت کيس ڄاڻ ناهي. مڪاني حڪومت جي نظام يا انتظامي يونٽن بابت اسيمبلي ۾ بحث ڪنداسين.