اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جو چوڻ آهي ته پاڪستان هاڻي معاشي استحڪام کان معاشي واڌ ويجهه ڏانهن وڌي رهيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ احتجاج ۽ ڌرڻن سبب معيشت کي روزانو 120 ارب رپين جو نقصان ٿيندو.
ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيٽر محمد اورنگزيب چيو ته پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا ملڪ جي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويا آهن، اسان جو جاري کاتو واڌو آهي، پرڏيهي ملڪن مان موڪليل ناڻي ۾ به لڳاتار واڌ ٿي رهي آهي ۽ اسان جو سفر معاشي استحڪام کان معاشي واڌ ويجهه ڏانهن جاري آهي.
محمد اورنگزيب چيو ته بدقسمتي سان وچ اوڀر جي صورتحال سبب سڀئي متاثر ٿي رهيا آهن. وچ اوڀر جي صورتحال عالمي واپار لاءِ وڏن چئلينجن جو سبب بڻجي رهي آهي. سامان پهچائڻ واري سلسلي ۾ خلل، مال برداري ۽ ويمي جي خرچن ۾ واڌ عالمي واپار کي متاثر ڪري رهي آهي.
هن چيو ته هاڻوڪي حالتن ۾ مارچ، هڙتالن ۽ ڌرڻن جون ڳالهيون سمجهه کان ٻاهر آهن. مارچ، ڌرڻن ۽ هڙتالن سبب معاشي واڌ ويجهه جو سفر متاثر ٿي سگهي ٿو. احتجاج ۽ ڌرڻن سبب معيشت کي روزانو 120 ارب رپين جو نقصان ٿيندو.
ناڻي واري وزير چيو ته معاشي سرگرمين ۾ رڪاوٽ پاڪستان لاءِ پنهنجي هٿن سان پيدا ڪيل نقصان ثابت ٿي سگهي ٿي. معاشي سرگرمين ۾ رڪاوٽ سبب خدمتن واري شعبي کي روزانو لڳ ڀڳ 86 ارب رپين ۽ صنعتي شعبي کي روزانو لڳ ڀڳ 25 ارب رپين جي نقصان جو خدشو آهي، جڏهن ته 17 ارب رپين جي آمدنيءَ ۾ گهٽتائي جو به امڪان آهي.
محمد اورنگزيب وڌيڪ چيو ته دشمن قوتون ملڪ ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي پٺيان آهن.