سنڌ جا الميا، تڪليفون ۽ حقيقي جمهوريت جو مفهوم!

تحرير: اياز لطيف دايو 

اها حقيقت آهي ته پاڪستان جهڙا ملڪ مختلف عوامي تباهين ۽ بربادين جي ور چڙهيل آهن، انتها درجي جي مشڪل صورتحال جي باوجود ڪا هڪڙي به انقلابي ۽ کاٻي ڌر جي منظم پارٽي ملڪ جي اندر موجود ناهي جيڪا هڪ عظيم انقلاب جي قيادت ڪري سگهي، ويهه ڪروڙ ماڻهن جي سهپ جواب ڏيئي وئي آهي هرڪو سوچي ٿو ته ڪا قدرتي طاقت اچي اسانکي انهن مشڪلاتن مان نجات ڏياري، جيڪو ناممڪن آهي، اهو ڪڏهن به نه ٿيو آهي ۽ نه ٿيندو، دنيا جي جنهن به ملڪ ۾ عوامي انقلاب آيا آهن، اهي عوامي جاکوڙ ۽ جدوجهد سان ئي آيا آهن،مختلف مسئلن سان گڏ ماحولياتي تبديلي به زندگي جون خوشيون کسي ڇڏيون آهن،1970 کان وٺي موسمي تبديلين جي بدترين صورتحال جي ڪري عام ماڻهو سخت پريشان آهن،هڪ طرف موتمار برساتن ۽ ٻئي طرف مها ٻوڏ ماڻهن کي بي گهر ڪري ڇڏيو، بدترين رياستي حڪمراني جي ڪري ماڻهن جي ڪا منظم ۽ موثر واهر نه ٿي سگهي آهي، تنهنڪري پوري ملڪ سان گڏ سنڌ جي هر شهر ۽ ڳوٺ ۾ بربادي نظر اچي رهي آهي.

سنڌ جي حڪمرانن جا حوال ٻڌو ته هو وڏي نرڄائي سان چئي رهيا آهن ته سنڌ جيڪا گذريل پندرهن سالن ۾ ترقي ڪئي آهي، انهيءَ جو ڪو مثال ئي نٿو ملي، جڏهن ته باشعور ماڻهو انهي جي ابتڙ چئي رهيا آهن ته پي پي حڪومت جي دور ۾ جيڪا بدترين تباهي ٿي آهي، انهيءَ جو مثال سموري دنيا ۾ ملڻ مشڪل آهي،سنڌ جي سالياني بجيٽ تي نظر ٿا وجهون ته سال 2024-2025 جي 30 کرب 56 ارب روپين جي بجيٽ تازو 14 جون 2024 تي پيش ڪئي وئي هئي،بجيٽ ته صرف انگن اکرن جو گورک ڌنڌو آهي، جنهن ۾ وڏا خواب ڏيکاريا ويندا آهن ته تعليم، صحت، ترقي ۽ ٻين عوامي فلاحي ڪمن جي لاءِ کربين روپيه مخصوص ڪيا ويا آهن پر انهن انگن اکرن جو عوام سان ڪوئي رشتو ناتو ناهي، 30 کرب روپين کان وڌيڪ جي رقم ته بلڪل هيڊ وائيز خرچ ٿي ويندي آهي پر اها وزيرن مشيرن، صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن، سول بيوروڪريسي ۽ حڪومتي اسٽيڪ هولڊرز جي حوالي ٿي ويندي آهي، عام ماڻهو کي ڇا ٿو ملي، اهو ته اسان سڀني جي سامهون آهي، سنڌ جي وڏي وزير جي دل ته دکي رهي آهي ته 2020 جي شروعات ۾ ڪووڊ آيو، 2022 ۾ ٻوڏ جي ڪري سنڌ کي نقصان پهتو،چقمق جيان وڏ وزارت جي ڪرسي کي چنبڙي پوندڙ هو دعويٰ  ٿو ڪري ته اسان وڏو ڪم ڪيو پر مان وري دعويٰ  سان چوان ٿو ته ڏهن ڄڻن تي مشتمل سنڌ جي ساڃاهه وندن جي هڪڙي ڪاميٽي جوڙي کين ذميداري ڏني وڃي ته جيڪا کربين روپين جي امداد وفاق يا پرڏيهي ملڪن کان ملي يا سنڌ حڪومت پنهنجي بجيٽ مان اربين روپين جي رقم ڪووڊ ۽ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ مختص ڪئي، انهيءَ مان سنڌ جي ماڻهن کي ڪيترو فائدو مليو آهي، ڪيتري رقم حقيقي ماڻهن تي خرچ ٿي آهي، گهڻا سيڪڙو ماڻهن جي زندگي ۾ بنيادي تبديلي آئي آهي، اها سروي ڪرايو ته اڇا ڪارا پڌرا ٿي پوندا، هتي ته حالت اها آهي ته ڀاڻ، ڪڻڪ ۽ کنڊ جهڙي روز مرهه جي شين جا هٿرادو بحران پيدا ڪري وزيرن کان وٺي پٽيوالن، صحافين، يوٽيوبرن، سياaسي جغادرين، ڪرپشن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ٺاهيل ادارن، انصاف ڏيندڙ ادارن،وڏن ڪامورن کان وٺي غريب مسڪين ننڍن ڪامورن مطلب مختيارڪارن ۽ انهن جي واٺن تپيدارن تائين ڪهڙي طرح غريب عوام جو جوس ڪڍيو پيو وڃي، وري حوال ٿا ڪيا وڃن اسان سنڌ کي پيرس بڻائي ڇڏيو آهي، جيڪي ملڪ پنهنجي شهرن کي پيرس ڪندا آهن، انهن جا حڪمران لهڻ کانپوءِ عام ماڻهن وانگر عوامي ريل گاڏين ۽ ٽرانسپورٽ ۾ سفر ڪندا آهن، سنڌ ۾ وزيرن، ڪامورن ۽ رڳو مخصوص صحافين جي بنگلن جي سروي ڪيو ته هر ننڍي وڏي شهر ۾ انهن جا بنگلا ويران پيا هوندا آهن ۽ انهن بنگلن ۾ ڪروڙن جون گاڏيون فضول نموني بيٺيون هونديون آهن، جيڪي صرف انهن جي نمائش لاءِ هونديون آهن، پنهنجي پنهنجي ڳوٺن ۾ انهن اقتداري سياستدانن، ڪامورن ايتريقدر جو تپيدارن ۽ ٻين آفيسرن جي رهڻي ڪهڻي ڏسو ته خدا جي خلق کي ڏندين آڱريون ٿيون اچي وڃن ته ستر اسي سيڪڙو سنڌ جا ماڻهو بک، بدحالي ۽ بيمارين ۾ وڪوڙيل آهن، هي پندرهن ويهه سيڪڙو حڪمرانن جو طبقو بادشاهن واري زندگي گذاري رهيو آهي، هتي اهو ماڻهو اوترو خوشحال آهي جيتري هو ڪرپشن ڪري ٿو، ڪرپشن تي قابو پائڻ جي لاءِ ڪو موثر قانون ڪونهي ڇاڪاڻ ته رياست پاڻ ڪرپٽ آهي، انصاف سڀني جي لاءِ برابر ناهي، اقتداري پارٽين جي رسا ڪشي صرف اقتدار حاصل ڪرڻ جي لاءِ آهي، ڪنهن هڪ پارٽي کي به عوام سان هڪڙي ٽڪي جي همدردي ناهي،انهي صورتحال ۾ 30 کرب ته ڇا سٺ کرب جي بجيٽ به سنڌ وٽ هوندي ته هڪ سيڪڙي جي به تبديلي نه ايندي، پاڻ حڪومت چئي رهي آهي ته سموري بجيٽ جو لڳ ڀڳ چاليهه سيڪڙو پگهارن جي حوالي ٿي وڃي ٿو پر سنڌ جي ڪنهن هڪڙي به صحت، تعليم، ايريگيشن، پوليس، ايگريڪلچر، ورڪس ۽ ٻين درجنين محڪمن جو ڪوئي به ڪارج آهي، ڪنهن هڪڙي کاتي جي به آفيس ڪا فضيلت واري آهي، ڪو هڪڙو به محڪمو اهڙو آهي جنهن جا سئو سيڪڙو ملازم ايمانداري سان نوڪري ڪري پگهار کي حلال ڪري کائيندا هجن، ايريگيشن ۾ ملازمن جي فضول ڀرتي ڪئي وئي آهي، بلدياتي ادارن ۾ اهڙا ڀنگي ۽ ٻيا ننڍا ملازم ڀرتي ڪيا ويا آهن، جيڪي ڪڏهن آفيس جو چڪر ڏيندا آهن ته پنهنجي چاليهن لکن جي گاڏين تان لهندا آهن، کين ڪاٽن ۽ بوسڪي جي وڳن، راڊو واچن ۾ ڏسي ماڻهو حيران ٿي ويندا آهن ته ڇا اهي پنجين ڇهين گريڊ وارا ملازم انهي پگهار جا مستحق آهن، هتي ته اهڙا به ٺيڪيدار موجود آهن جن کي ٺيڪيداري کان اڳ سائيڪل به نه هئي، اڄ انهن وٽ اسپورٽيج گاڏيون آهن، ڪروڙن جا بنگلا آهن اهڙن ماڻهن کي جيڪڏهن ڪو وائکو ڪري ٿو ته ان کي نصرالله گڏاڻي وانگر شهيد ڪيو وڃي ٿو. جڏهن سنڌ مان المين جي دور جي پڄاڻي ٿيندي، انهيءَ ڏينهن هو تنقيد ڪرڻ بند ڪري ڇڏيندو، تازو هڪڙي سنڌي اليڪٽرونڪ ميڊيا جي رپورٽر جڏهن سنڌ هائي ڪورٽ مان پيشي کان بعد واپسي تي سنڌ جي اطلاعات واري وزير کان ساڳئي پيشي واري ڪرپشن جي ڪيس متعلق سوال ڪرڻ شروع ڪيا ته هن جو غرور ڏسڻ وٽان هو، هن هڪڙي به سوال جو جواب ته نه ڏنو پر ڪلاڪ ڏيڍ جي وقفي بعد انهي سنڌي ميڊيا چينل مان رپورٽر کي برطرف ڪرائي ڇڏيو، ڇا اظهار جي آزادي اها آهي،جمهوريت جي دعويدار انهن حڪمرانن وٽ ڇا جمهوريت جو مفهوم اهوئي آهي، جيڪو ابراهام لنڪن ڏيئي ويو آهي ته ماڻهن جي حڪومت، ماڻهن ذريعي ۽ ماڻهن لاءِ، مان سمجهان ٿو ته انهن حڪمرانن کي جمهوري هجڻ واري دعوا تان دستبردار ٿي اعلان ڪرڻو پوندو ته اسانجي حڪومت ڪرپشن جي حڪومت، ڪرپشن ذريعي ۽ ڪرپشن لاءِ، جيڪڏهن اهڙي دعوا ڪن ته انهن جي روپ کي قبول ڪري سگهجي ٿو، گهٽ ۾ گهٽ حقيقي جمهوريت جو رستو ته کلي سگهي ٿو اهو رستو جيڪو ماڻهن جي حڪومت، ماڻهن ذريعي ۽ ماڻهن لاءِ هوندو ۽ اهائي حقيقي جمهوريت هوندي.

 

سنڌ جي حڪمرانن جا حوال ٻڌو ته هو وڏي نرڄائي سان چئي رهيا آهن ته سنڌ جيڪا گذريل پندرهن سالن ۾ ترقي ڪئي آهي، انهيءَ جو ڪو مثال ئي نٿو ملي، جڏهن ته باشعور ماڻهو انهي جي ابتڙ چئي رهيا آهن ته پي پي حڪومت جي دور ۾ جيڪا بدترين تباهي ٿي آهي، انهيءَ جو مثال سموري دنيا ۾ ملڻ مشڪل آهي،سنڌ جي سالياني بجيٽ تي نظر ٿا وجهون ته سال 2024-2025 جي 30 کرب 56 ارب روپين جي بجيٽ تازو 14 جون 2024 تي پيش ڪئي وئي هئي،بجيٽ ته صرف انگن اکرن جو گورک ڌنڌو آهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.