حڪومت عام ماڻهو کي رليف ڏيڻ جي حڪمت عملي جوڙي

تحرير: غلام حسين لغاري

وزير اعظم پاڪستان ميان محمد شهباز شريف جو هڪ بيان سامهون آيو آهي جنهن ۾ هن جو  چوڻ آهي ته جيڪڏهن ٽن سالن بعد ٻيهر آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ ٿيو ته اها ملڪ ۽ قوم جي بدقسمتي چئبي ۽ ٻڏڻ جو مقام هوندو. وزيراعظم انتهائي سادگي سان اهي جملا ته دهرايا آهن پر ان طرف به کيس سوچڻ ۽ ظاهر ڪرڻ گهرجي ها ته هاٿي کي هندستان ڪنهن ڏيکاريو يعني آءِ ايم ايف کي پاڪستان ڪنهن ڏيکاريو. ايئن چوڻ غلط نه ٿيندو ته هاٿي کي هندستان هن ملڪ جي عام ماڻهو نه پر حڪمرانن ڏيکاريو جن ملڪ جا اثاثا وسيلا ملڪيتون نيلام ۽ وڪرو ڪري اقتدار کي ڊيگهه پئي وٺرائي. هن وقت آءِ ايم ايف کان جان ڇڏائڻ وارا راڳ الاپي رهيا آهن.

هڪ اڌ ماڻهو نه پر پوري قوم به چاهي ٿي ته آءِ ايم ايف کان جان آزاد ٿئي ملڪ پنهنجي پيرن تي بيهي ۽ آزادي ماڻي خوشحال ٿئي پر اهو تڏهن ممڪن ٿي سگهندو جڏهن سياسي ڌريون ۽ حڪمران سنجيده ٿين ۽ خدا کين ايمان ڏئي. جڏهن به ڪا حڪومت يا پارٽي برسراقتدار ايندي آهي ميان محمد شهباز شريف وارو راڳ الاپيندي آهي ته هي آخري پروگرام آهي ۽ هاڻ آءِ ايم ايف کان جان ڇٽي ويندي پر ڇٽندي ناهي.

ملڪ جي نئين سال جي بجيٽ اچڻ کان پوءِ جيڪي هن وقت ملڪي حالتون آهن عام ماڻهو مهانگائي جي ڄار ۾ بري طرح ڦاسي چڪو آهي، خاص ڪري بجلي تيل گئس جا اگهه انهي حد تائين وڌي چڪا آهن جو عام ماڻهو بل ادا ڪرڻ جي سگهه وڃائي ويٺو آهي کين هڪ وقت جي ماني به مشڪل سان ملي ٿي. سرڪاري ملازم توڙي پينشنر به عتاب واري زندگي گذاري رهيا آهن۔ملڪ جا هوائي اڏا هوٽلون ۽ مک ادارا نيلام ۽ وڪرو پيا ٿين پوءِ به آءِ ايم ايف جو قرض نٿو لهي. هاڻ ته ريلوي به نجي ڪمپنين حوالي ٿي رهي آهي خبر ناهي ته اڃا وڌيڪ ڇا ٿيندو.

هن ملڪ تي وڏو عرصو حڪمراني پ پ پ ۽ ن ليگ ڪئي آهي جن جي دورن ۾ مالي اسڪينڊل سامهون آيا پر اسڪينڊلن مان ڪو به حڪمران سزا کائي نه سگهيو نه وري مني لاڊرنگ وسيلي منتقل ٿيل ناڻو ملڪ واپس وريو جو آءِ ايم ايف جا قرض لهي پون ها ۽ ان کان جان آزاد ٿئي ها. جڏهن 75 سالن کان آءِ ايم ايف وٽ جڪڙيل آهيون ته ايندڙ وقت ۾ جان ڪيئن ٿا ڇڏائي سگهون جو هاڻ وسيلا به باقي ناهن رهيا يا ڪو هڪ اڌ هجي. باقي حڪمران ڪا آٿت ڏين ٿا ته اها الڳ ڳالهه آهي پر قوم هاڻ سکڻي آٿت جو به بار نٿي کڻي سگهي.

وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف جي تازي بيان مان لڳي ٿو ته هو مايوسي جي ور چڙهيل آهي کيس ملڪ جو مستقبل اونداهو ٿو نظر اچي ۽ آءِ ايم ايف وٽان جان ڇڏائڻ جي ڪا به اميد نظر نٿي اچي جو هن مايوسي تي ٻڌل بيان ڏنو آهي وزير خزانه اورنگزيب به ڪجهه سخت قسم جا بيان ڏئي رهيو آهي ۽ وڌيڪ ٽئڪس مڙهڻ جو اشارو ڏنو آهي. هن وقت ئي ٽئڪسن ملڪ ۽ قوم کي مايوس ڪري وڌو آهي جيڪڏهن ٽئڪسن جو دائرو يا سلسلو وڌي ٿو ته ملڪ بغاوت طرف ڌڪجي سگهي ٿو جنهن جا به چٽا آثار آهن جو هر ماڻهو مهانگائي خلاف بيان ڏئي رهيو آهي. اهو ممڪن به ناهي ته ملڪ هر ڀيري آءِ ايم ايف جي مطالبن جي سٽ سهي سگهي۔ ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي جي ٽريڪ تي آڻڻ لاءِ سياسي پارٽين وٽ ڪو به جوڳو پروگرام ناهي رهيو جو اهي عوام کي هاڻ مطئمن ڪري سگهن. ايوانن ۾ ويهڻ ۽ اقتدار جي منصب تي ويهڻ سولو آهي پر ملڪ هلائڻ ڏکيو آهي۔اهو به ان ملڪ کي جنهن جا وسيلا نيلام ٿي چڪا هجن۔ملڪ ڪرپشن جي دلدل ۾ ڦاٿل هجي ۽ عوام مايوس هجي۔اتحادن سان ملڪ نٿا هلي سگهن ۽ اهي اتحاد جيڪي نظرياتي طور به الڳ هجن۔هاڻ جڏهن هاٿي کي هندستان ڏيکاريو اٿو ته اهو جان به مشڪل ڇڏي. آءِ ايم ايف کان جان ڇڏائڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته ملڪ کي پنهنجي وسيلن سان هلائجي ڪرپشن ۽ انتقامي سياست کان پاڪ رويا هجن۔جيترو ممڪن ٿي سگهي ته عام ماڻهو کي رليف ڏيو بجلي گئس تيل سستو ڪريو کاڌ خوراڪ جي شين تان ٽئڪس ختم ڪريو اقتداري ڌرين جو سخت احتساب ٿئ

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.