حڪومتي پاليسيون ۽ عوام جون اميدون

تحرير: غلام حسين جوڻو

جڏهن ملڪ ۾ عمران خان جي حڪومت هئي. تڏهن عوام توڙي سياستدان رڙيون ڪري رهيا هئا ته، مهانگائي وڌندي پئي وڃي. غريب ماڻهن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي. شين جا اگهھ آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن. عمران مخالف سياستدان مهانگائي کي بنياد بڻائي هڪ هنڌ گڏ ٿي ويا. مولانا فضل الرحمٰن، شهباز شريف، آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻيا به کوڙ سياسي اڳواڻ ميدان ۾ اچي ويا. پاڻ ۾ صلاح مشورو ڪري عمران خان جي حڪومت کي ختم ڪرڻ لاءِ منصوبا بندي ڪئي ويئي. هڪ پلان جوڙيو ويو. ان موجب عوام کي به چيو ويو ته روڊن تي نڪرو. عمران خان جي حڪومت جي خلاف ريليون ڪڍو جلسا ۽ احتجاج ڪريو ۽ ڌرڻا هڻو. مذڪوره قيادت به عوام سان گڏجي پئي. عوام توڙي سياسي اڳواڻن جو منهن اسلام آباد طرف ٿي ويو. “ٽريڪٽر مارچ” ۽ “مهانگائي مارچ” جي نالن سان وڏيون، وڏيون ريليون ڪڍيون ويون. نيٺ عمران خان کي اقتدار ڇڏڻو پئجي ويو. نئين حڪومت وجود ۾ آئي.

نئين حڪومت جو سربراهه شهباز شريف ٿيو. هن صاحب عمران خان جي دور ۾ ٿيل مهانگائي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو هو. هاڻ جڏهن پاڻ وزيراعظم ٿيو ته، ماڻهن جون اهي اميدون هيون ته مهانگائي تي ڪنٽرول ٿيندو. شين جي اگھن ۾ لاٿ ايندي. پر، ائين ڪونه ٿيو. ماڻهن جون اميدون خاڪ ۾ ملي ويون. سندن خواب اڌورا رهجي ويا. مهانگائي وڌندي رهي. جنهن تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ حڪومت مڪمل طرح ناڪام ٿي چڪي هئي. سندس حڪومت مهانگائي جو سبب عمران خان جي ناقص پاليسين جو ٻڌايو پئي. اهڙا اعلان ڪري پنهنجي جان آزاد ڪرائڻ پئي گھري. جنهن ڪري ان وقت وزيراعظم کان وٺي هر وزير ۽ مشير عمران خان جي خلاف تقريرون ڪندا رهيا. پريس ڪانفرنسون ڪيون پئي ويون. بيان بازي جو سلسلو شروع ٿي ويو. عمران خان جي خلاف زهر اوڳاڇيو پئي ويو. پر، مهانگائي وڌندي رهي. جنهن ڪري عوام حڪومت جي سمورن بيانن ۽ اعلانن کي رد ڪري ڇڏيو. ڪير به انهن اعلانن تي اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ئي ڪونه هو. بهرحال شهباز شريف جي مذڪوره دور ۾ به مهانگائي وڌندي رهي آخر ان لولي لنگڙي ۽ نالي ماتر جمهوريت جي دور جي به پڄاڻي ٿي.

ان کان پوءِ، نگران وزيراعظم جي حوالي ملڪ جون واڳون ڪيون ويون. مسٽر انوارالحق اقتدار سنڀاليو. عوام ۾ وري به اميدون پيدا ٿيون ته هي صاحب ڪجهه سستائي ڪندو. خاص ڪري روزمرهه ۾ استعمال ٿيندڙ شين جي اگھن ۾ گھٽتائي ايندي. پر، عوام جون اهي اميدون پوريون ڪونه ٿيون. ماڻهن جا مسئلا حل ڪونه ٿيا. سندن خواب اڌورا رهجي ويا.  عوام ساڳيو پريشان حال رهيو. مهانگائي جي ڪري غريب ماڻهن جا ٻئي هٿ مٿي تي اچي ويا. زبان مان بي ساخته رڙيون نڪري رهيون هيون. پر، حڪومت کي ڪابه پرواهه ڪونه ٿي. عوام کي ڪو رليف پيڪيج ڪونه ڏيو ويو. عوام ساڳيو سورن ۾ رهيو. هن حڪومت به صرف سکڻا دلاسا ۽ ڏٽا ڏنا. شهباز شريف جي حڪومت وانگر تقريرن تي زور رهيو پريس ڪانفرنسون ڪندا رهيا. بيان بازي کان ڪم ورتو پئي ويو. ائين محسوس ٿي رهيو هو ته شهباز شريف ۽ نگران حڪومت ۾ ڪوبه فرق ڪونه آهي. ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهھ جي مصداق ڪم هلي رهيو هو. ٻنهي حڪومتن جو طريقي ڪار ساڳيو رهيو. رڳو چهرا مٽيا. باقي غريب عوام تي ڪنهن کي به رحم ڪونه آيو.

نگران حڪومت عام چونڊون ڪرايون. جن تي ڪافي ڏينهن گذري وڃڻ کان پوءِ به تنقيد ڪئي پئي وڃي. آڱريون کڄي رهيون آهن. خير. اليڪشن کان پوءِ مسلم ليگ (ن) ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي گڏيل حڪومت ٺاهي. سڀني سڻڀا عهدا ورهائي کنيا ۽ پنهنجون ڪرسيون وڃي والاريون. جن جي کين ضرورت هئي. وزيراعظم جي عهدي جي ڪرسي تي شهباز شريف براجمان ٿيو. نوان وزير ۽ مشير مقررڪيا ويا. جن پنهنجو ڪم شروع ڪري ڏنو. انهن اچڻ شرط اهي بيان ڏيڻ شروع ڪيا ته، هاڻ عوام جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا. خاص ڪري مهانگائي تي ضابطو آندو ويندو. روزانه استعمال ٿيندڙ کاڌي پيتي جون شيون جهڙوڪ اٽو، گيهه، چانور، ڀاڄيون، ميوات، بسڪوٽ، کير، مکڻ، کنڊ ۽ چانهه وغيره جي اگھن ۾ گھٽتائي ايندي. عوام کي رليف ڏنو ويندو. جنهن سان غريب پورهيت طبقي جون ڪافي ڏکيائيون دور ٿي سگھن ٿيون. وزيراعظم صاحب به اهي ڳالهيون بار، بار چوندو رهيو ۽ عوام کي آسري ۾ رکيو پئي آيو. عوام جون اميدون هيون ته هاڻ سستائي ٿيندي. پر، هڪ دفعو ٻيهر عوام جون اميدون خاڪ ۾ ملي ويون. عوام جا خواب اڌورا رهجي ويا. آسرا به ختم ٿي ويا ۽ ان جاءِ تي نااميديون  پيدا ٿي پيون .

آئون سمجهان ٿو ته، حڪومت جا اهڙا اعلان صرف عوام کي سبز باغ ڏيکارڻ جي برابر هئا. حڪمران اچڻ سان مهانگائي ڪرڻ شروع ڪئي ۽ ريڪارڊ ٽوڙ مهانگائي ڪئي جنهن جو مثال ماضي ۾ به ڪونه ٿو ملي. سالياني بجيٽ گذريل مهيني ۾ پيش ڪئي ويئي. جنهن ۾ هر، شيءِ جو اگھه وڌايو ويو. غريبن جو خيال ڪونه رکيو ويو. بجيٽ اهڙي پيش ڪئي ويئي جو غريبن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي غربت ۾ اضافو ٿيو آهي. عوام جو ڪوبه قدر ڪونه ڪيو ويو. عوام خودڪشين ڪرڻ، پيارن ٻچن کي کپائڻ ۽ جسم جا عضوا جهڙوڪ اکيون ۽ گڙدا وغيره وڪرو ڪرڻ تي مجبور ٿي پيو آهي. ٻڌو اٿئون ته، مذڪوره سالياني بجيٽ آءِ ايم ايف جي چوڻ تي ٺاهي ويئي آهي. بجيٽ جي ڊڪٽيشن پرڏيهي مالياتي ادارن کان ورتي ويئي. انهن ادارن کي ملڪ جي زميني حالتن جي ڪهڙي خبر آهي. غربت ۽ عوام جي باري ۾ ڪهڙي ڄاڻ اٿن. اسان جي حڪومت انهن ڳالهين کي نظرانداز ڪري، آءِ ايم ايف جا ڳرا شرط قبول ڪري ورتا. جن جو اثر سنئون سڌو عوام تي پئجي رهيو آهي. هر شيءِ تي ٽيڪس هڻي حد کان وڌيڪ مهانگائي ڪئي ويئي آهي. اهڙي بجيٽ کي ملڪ جون چند سياسي پارٽيون رد ڪري چڪيون آهن اهي ان کي مڃڻ کان انڪار ڪري رهيون آهن.

ٻئي طرف حڪومت ۽ سندس حواري چئي رهيا آهن ته، اها بجيٽ عوام دوست بجيٽ آهي. جنهن سان ملڪي معيشيت مضبوط ٿيندي. حڪومتي ڌريون ان بجيٽ جي ساراهه ۽ واکاڻ ڪري رهيون آهن. جڏهن ته جماعت اسلامي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف بجيٽ کي عوام دشمن سڏي رهيون آهن. بجيٽ جي خلاف احتجاج جو سڏ به ڏنو اٿن. بجيٽ ۾ جيڪا مهانگائي ڪئي ويئي آهي ان تي پاڪستان جو غريب عوام مايوس ٿيو آهي. شايد مايوسيون ۽ پريشانيون عوام جو مقدر بڻجي چڪيون آهن. عوام جي سک ۽ آرام لاءِ حڪمران ڪونه ٿا سوچين. حڪمران پنهنجي اقتدار جي نشي ۾ مست و مگن آهن. هو، عياشيون ڪندا وتن. لگزري گاڏين ۾ گھمي رهيا آهن. عمدا کاڌا ۽ طعام کائي رهيا آهن. اُچا ڪپڙا پائي رهيا آهن. اقتدار ڌڻي پنهنجي عياشين کي گھٽ ڪن. لگزري گاڏيون چڙهي لاءِ استعمال نه ڪن کاڌي ۾ طعامن کي ڇڏي ڏين مهانگا سوٽ ۽ ڪوٽ پائڻ ڇڏي ڏين اهو پئسو بچائي عوام جي فلاح و بهبودي تي خرچ ڪن ۽ ڪرپشن ۽ رشوت جي ويجهو نه وڃن ته پوءِ ڪجهه چڱائي جي اميد پيدا ٿي سگھي ٿي. عوام جو ڏکيائيون ۽ مشڪلاتون گھٽجي سگھن ٿيون. غريب طبقو سک جو ساهه کڻي سگھي ٿو ياد رهي ته ملڪ جي ناڻي جو گھڻو حصو حڪمرانن جي عياشين ۽ پرڏيهي دورن تي خرچ ٿي رهيو آهي. جنهن ڪري ملڪي معيشيت ۾ ڪڏهن به سڌارو اچي ڪونه سگھندو. مهانگائي ته هر حڪومت ۾ ٿي آهي. پر، عمران خان جي دور ۾ سرس ۽ سوائي ٿي. مهانگائي جي گاڏي سندس حڪومت ۾ هلڻ لڳي. سندس حڪومت کان پوءِ حڪمرانن ان گاڏي کي وڌيڪ تيز هلايو آهي. هاڻ اها ڪٿي رڪجڻ جي ڪونه پئي ڪري. حالت اها آهي جو، هاڻ روز نئين بجيٽ اچي ٿي. روزانه نوان اگھه مقرر ڪيا وڃن ٿا ڪنهن به شيءِ جو اگهھ هڪ هنڌ ڄميل (Frozen) ڪونه آهي اڳ ۾ سال ۾ هڪ دفعو بجيٽ پيش ڪئي ويندي هئي. جنهن تي سڄو سال عمل ڪيو ويندو هو. پر، هاڻ ائين ڪونه ٿو ڪيو وڃي. هر، روز نوان انگ اکر ٻڌائي عوام کي مونجهارن ۾ وڌو پيو وڃي. هن حڪومت به ڪو ٻوٽو ڪونه ٻاريو آهي. عوام کي رليف ڪونه ڏنو آهي. مهانگائي تي ضابطو ڪرڻ ۾ مڪمل طرح ناڪامياب ٿي چڪي آهي. ائين ٿو سمجهه ۾ اچي ته اها صرف آءِ ايم ايف کي راضي ڪرڻ ۽ ان جا ڳرا شرط مڃڻ جي ڪوشش ۾ رڌل رهي ٿي. اهو حشر آئينده رهيو ته ملڪ جو ڪک پن به آءِ ايم ايف جي اجازت کان سواءِ ڪونه چرندو. ملڪي معاشي حالتون انتهائي خراب ٿي وڃڻ جو خطرو آهي ان امڪان کي هرگز رد ڪري نه ٿو سگھجي. نوجوانن کي روزگار جا وجهه ۽ موقعا ڪونه ٿا ملن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.