عمر ايوب جو چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ تي وڏو الزام

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب چيو آهي ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جانبداري ڏيکاري رهيو آهي، هو ڌر بڻيل آهي.
قومي اسيمبلي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي عمر ايوب چيو ته اسان عدالتي حڪم تي پي ٽي آءِ باني سان ملڻ وياسين، آءِ جي جيل ۽ آءِ جي پنجاب کي هتي گهرايو وڃي، کانئن پڇيو وڃي ته قانون سان هٿ چراند ڇو پئي ڪئي وڃي، اسان جا ڪيترائي ساٿي کوڙ ڏينهن کان گم آهن، اسان کي ناهي خبر ته اهي ڪٿي آهن.
هن چيو ته اسان جو مخصوص سيٽن جو ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ آهي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جانبداري ڏيکاري رهيو آهي، هو ڌر بڻيل آهي.

omarayub qazifaezisa pti

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.