تهران/واشنگٽن(عوامي آواز نيوز) ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جاري ڳالهين ۾ ڪجهه اڳڀرائي ٿي آهي، پر اڃا به معاهدي تائين پهچڻ لاءِ گهڻو فاصلو باقي آهي۔ اهو بيان ايران جي پارليامينٽ اسپيڪر محمد باقر قاليباف ڏنو آهي، جنهن خدشو ظاهر ڪيو آهي ته جيڪڏهن جنگبندي ۾ واڌ نه ٿي ته تڪرار ٻيهر شروع ٿي سگهي ٿو۔محمد باقر قاليباف قومي ٽي وي تي خطاب ڪندي چيو ته آمريڪا سان ڳالهين ۾ ڪجهه اڳڀرائي ضرور ٿي آهي، پر اڃا به ڪيترائي بنيادي اختلاف موجود آهن، ۽ حتمي معاهدي کان اسان اڃا پري آهيون۔ٻئي پاسي مسعود پزشڪيان چيو آهي ته ٽرمپ کي ڪو به حق ناهي ته ايران کان ان جا جوهري حق کسي، ۽ ايران پنهنجي حقن تان هٿ نه کڻندو۔رپورٽ موجب ايران جي انقلابي گارڊز آبنائي هرمز تي ڪجهه پابنديون ٻيهر لاڳو ڪيون آهن، جنهن سان عالمي تيل جي ترسيل تي اثر پيو آهي۔ هي رستو دنيا جي لڳ ڀڳ 20 سيڪڙو تيل جي واپار لاءِ اهم آهي،آبناءِ هرمز کي ايران هاڻي ڳالهين ۾ هڪ اهم دٻاءُ وارو هٿيار طور استعمال ڪري رهيو آهي، ۽ خبردار ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن ايران جا جهاز روڪيا ويا ته هو به ساڳيو قدم کڻندو۔ٽرمپ طرفان به سخت بيان آيا آهن، جنهن ۾ هن چيو ته جيڪڏهن اڱاري تائين معاهدو نه ٿيو ته فوجي ڪارروائي ٻيهر شروع ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته هو ڳالهين کي جاري به قرار ڏئي رهيو آهي۔مڊئيٽرز موجب اسلام آباد ۾ ٿيل پهريون دور ناڪام رهيو، ۽ هاڻي ٻئي دور لاءِ تياريون جاري آهن، پر ايران چوي ٿو ته پهريان هڪ بنيادي فريم ورڪ تي اتفاق ضروري آهي۔تجزيو ڪندڙن جو چوڻ آهي ته موجوده صورتحال ۾ ڳالهين ۽ دٻاءُ ٻنهي جو گڏوگڏ سلسلو هلي رهيو آهي، ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن فيصلائتو ثابت ٿي سگهن ٿا، خاص طور تي جڏهن جنگبندي جي مدي جي ختم ٿيڻ ۾ ٿورو وقت باقي آهي۔