حيدرآباد (رپورٽر) وومين ايڪشن فورم اڳواڻ ۽ نامياري ليکڪا عرفانه ملاح ۽ امر سنڌو جي اڳواڻي ۾ سماج سڌارڪ عورتن جو قافلو ”ڪارو ڪاري جو دستور نامنظور، نامنظور“ جا نعرا هڻندي حيدرآباد کان ٽنڊو مستي ڳوٺ ٻٽو چانڊيو پهتو، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته ٽنڊو مستي ۾ هجوم طرفان قتل ڪيل نياڻي روبينا عرف خالده چانڊيو واقعي خلاف وومين ايڪشن فورم حيدرآباد جو وفد امر سنڌو جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ ٻٽو چانڊيو پھچي روبينا خالده چانڊيو جي آخري آرامگاهه تي پھچي قبرستان ۾ جنازي نماز پڙھي آخري آرامگاهه تي اجرڪون پوتيون ۽ گل رکي احتجاجي ۽ مزاحمتي تعزيتي تڏو وڇائي سنڌ جي سڄاڻ عورتن روبينا خالده چانڊيو جي امڙ ابل سان تعزيت ڪئي، تڏي تي سڄاڻ عورتن ھڪ ٻئي سان پڻ تعزيت ڪئي، ان موقعي تي سڄاڻ عورتن امر سنڌو، ڊاڪٽر عرفانا ملاح، حسين مسرت، شھناز شيخ، راڌا ڀيل، ڪرشنا ڪولھي ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته عورتن کي ڪارنھن جا الزام ڏئي قتل ڪندڙ مردن جي سنڌ نه گھرجي، خالده جي قتل جي واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي، ڪاروڪاري جو ڪڌو نظام ختم ڪيو وڃي، ڪارو ڪاري جي آڙ ۾ نياڻين جو قتل عام بند ڪيو وڃي، پسند جي شادي خلاف جرڳن کي روڪيو وڃي، سنڌ جي سڄاڻ عورتن مطالبو ڪندي چيو ته خالده چانڊيو جي قاتلن کي سزا ڏني وڃي، ڪارروائي ۾ انتقامي طور گھر ڊاھڻ، ماڻھن کي هيسائڻ بند ڪيو وڃي، جوابدارن کي قانوني طريقي تحت سزا ڏياري وڃي، ڪارروائي ۾ قاتل کي سزا ملڻ گهرجي، ڪنهن به ھڪ شخص جي سزا پوري گھر کي نه ڏني وڃي، قاتل جو گھر ڊاھڻ سان گھر جون عورتون ٻار به متاثر ٿين ٿا، ظالماڻو انتقام بند ڪري انصاف ڪيو وڃي، ڪنهن به قاتل جي ڀيڻ، ڌيءَ، ماءُ ، زال يا اولاد کي سزا نه ڏني وڃي، سنڌ جون سڄاڻ عورتون ھن سماج جي ماڻھن جا ذھن بدلائڻ ٿيون چاهين، روبينا خالده چانڊيو جي قتل ۾ جرڳو ڪرائيندڙن ۽ جرڳي ۾ شامل سڀني ڌرين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، عورتن تي تشدد بابت موجود قانونن تي سختي سان عملدرآمد ڪرايو وڃي، عورتن جي تحفظ لاءِ موثر پائيدار حڪمت عملي جوڙي وڃي، سڄاڻ عورتن چيو ته سنڌ اندر اھڙن واقعن جو بار بار ٿيڻ لاءِ قانونيت ۽ جرڳائي نظام جي موجودگي جو چٽو ثبوت آهي، اختيارين پاران صرف نوٽيس وٺڻ اھڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ ڪافي ناهي، اھڙا واقعا سماج ۾ عورتن جي حيثيت، عزت ۽ تحفظ تي سنگين سوال اٿارين ٿا. انساني حقن جي ادارن جي به خاموشي رھي آھي، ادارن جي غفلت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي مجرماڻي لاپرواهي جي ڪري ڪارو ڪاري جا واقعا ٿي رھيا آھن، سنڌي سماج جي مردانگي ۽ پدرشاھي سڄي سماج تي ڪارو داغ آهي، خالده چانڊيو جي قتل پٺيان هڪ خاص عورت دشمن مائينڊ سيٽ موجود آهي ۽ اسين اهڙي مائينڊ سيٽ کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهيون.