مورو(ن ع آ) مورو ڊوائيس مافيا بي لغام بڻيل ڪيمپ جي وڊيو ڀرڻ تان فرنچائيز جي مالڪ جي فرنٽ مين ھٿيار بندن جي ماڻھن سان گڏجي موري جي عوامي آواز جي سينيئر صحافي شاھنواز ڀٽي ۽ سندس ڪيمرا مين نورسنڌي تي قاتلانو حملو ڪري ڏنو، متاثر صحافي ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي اسپتال منتقل ڪيو ويو، زخمي صحافي چيو ته بيواھ عورتن جا پيسا ڳڙڪائيندڙ فرنچائيزز مالڪ سندس فرنٽ مين فوت ٿيل مسحق عورتن جا پيسا ھڙپ ڪري رهيا آهن، انهن اسان مٿان حملو ڪيو آهي، هوڏانهن صحافين واقعي جي مذمت ڪندي جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي