اسان جو گذريل سال 2023 ۽ هٽلر جو سال1923.

تحرير: سڪندر چنو

پاڪستان ۾ پيش ايندڙ واقعي 9 مئي ۽ آمريڪا ۾ پيش ايندڙ واقعي 11/9 سان ڪابه هڪ جهڙائي آهي يا نه پر هڪ صدي اڳ جرمني جو ارڏو ۽ ظالم حڪمران ايڊولف هٽلر جي شراب خاني جي بغاوت کان ڪمال درجي جي سندس سان هڪ جهڙائي ضرور رکي ٿو. ساڳيو ئي جرمني جيان سياسي عدم استحڪام، معاشي بدحالي، انڌو عقيدو، سياسي خلفشار، تعصب ڀريل زبان جو استعمال ڪرڻ، هڪ ٻئي خلاف سازشون ڪرڻ، اجايو کوکلا نعرا هڻڻ، معاشري کان بغاوت ڪرڻ شامل آهن.

بحرالحال پهرين جنگ عظيم ۾ پنهنجا جوهر ڏيکاريندڙ ۽ زخمي ٿيندي اسپتال پهچندڙ ايڊولف هٽلر جڏهن چاڪ چڱو ڀلو ٿي جرمني جي شهر ميونخ پهتو ته ان جي دل ۽ دماغ ۾ هڪ ارادي جو گل ٽڙيو. ڳالهائڻ جو هوشيار هو. هلٽر 1920 نازي پارٽي جو سرڪرده ليڊر بڻجي ويو. ٽن سالن کان پوءِ هٽلر ميونخ ۽ برلن تي قبضو ڪندي جرمني حڪومت کي ڪيرائڻ ۽ نازي پارٽي جو دٻدٻو ڄمائڻ جو هڪ منصوبو جوڙيو ۽ ان لاءِ هن 2 هزار ڪفن پوش انقلابي نوجوان به تيار ڪيا.

ان منصوبي جو آغاز 8 نومبر 1923 ۾ ميونخ جي هڪ وڏي روايتي شراب خاني کان شروع ٿيو. جتي هزارين ماڻهن مٿان سڪتو طاري ڪري ڇڏيو. جڏهن انقلابي اڳواڻن جا جٿا شراب خاني مان ٻاهر نڪتا ته پوليس سان سندن جو آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو. پوليس سان روبرو چڪري ۾ 16 انقلابي اڳواڻ مارجي ويا. ۽ هٽلر زخمي ٿي پيو. ٻن ڏينهن جي روپوشي کان پوءِ نيٺ هٽلر پڪڙجي پيو. سندس مٿان بغاوت جو ڪيس هليو. روزانو سندس کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو هيو ۽ هٽلر ڳالهائڻ جو هونءَ به هوشيار هوندو هيو جج آڏو وڏي بهادري سان تقرير ڪندو هيو. ائين هٽلر جي عاشقن جو تعداد وڌندو ويو. اخبارون سندس کي حڪومت کان وڌيڪ ڪوريج ڏيڻ لڳيون. دنيا ۾ هٽلر مشهور ٿيندو ويو. عدالتن جي ڪجهه ججن جي دلين ۾ به هٽلر ڄڻ معشوق جيان گهر اڏيندو ويو. سندس مٿان عاشق ٿيندڙ ججن به سندس کي بغاوت جهڙي ڪيس ۾ صرف 5 سال قيد جي سزا ٻڌائي. هڪ جج فيصلي ۾ لکيو ته بغاوت ڪنهن به هڪ اهڙي شخص تي لاڳو نٿي ٿئي جيڪو جرمني جو محب وطن هجي. جنهن جي سوچ ۽ نفسياتي سوچ هڪ سچي جرمني جي ماڻهو جيان هجي. بلڪل ائين جيئن هٽلر جي آهي. هٽلر جي قيدي هجڻ به سندس شاهاڻي هئي جنهن جو مثال سياسي قيدين جي لسٽ ۾ گهٽ ملي ٿو. هٽلر کي جيل ۾ صرف 9 مهينا ئي مس ٿيا ته سندس کي آزادي جو نياپو مليو. سندس نيڪ هجڻ ۽ جيل ۾ بهترين رويي سبب سندس کي آزادي نصيب ٿي پر ان ۾ ڪورٽ جي ججن جي مهرباني به سندس مٿان نڇاور ٿي. تعجب ڏيندڙ ڳالهه اهيا به هئي ته ان باغي اڳواڻ کي امين ۽ صادق جو لقب به ملي ويو. هلندي هلندي ۽ جدوجهد ڪندي سندس کي هڪ دوست ملي ويو جنهن جو نالو گوئبلز هيو. ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ ڪوڙا الزام مخالفن تي هڻڻ ۾ گوئلبز جو ڪوبه ثاني ڪونه هيو. وڏن وڏن جلسن ۾ گوئبلز هٽلر جي حمايت ۾ وڏا وڏا جلسا ڪيا ۽ ماڻهن جي نفسيات کي هٽلر ڏانهن موڙي ڇڏيو. ۽ گوئبلز هٽلر کي هڪ ديوتا يا مسيح جو درجو ڏيڻ لڳو.

1933 ۾ جرمني ۾ ٿيندڙ اليڪشن ۾ هٽلر جرمني جو چانسلر چونڊجي ويو. پر هٽلر واندڪائي ۾ ويهڻ سکيو ئي ڪونه هيو سندس شيطاني دماغ ٻئي جنگ عظيم جي باهه دنيا ۾ ڀڙڪائي ڇڏي. جيڪا 6 سال هلندي رهي. پر ان جنگ ۾ هٽلر کي وڏي شڪست نصيب ٿي. هٽلر گوئبلز کي پنهنجو جان نشين مقرر ڪيو ۽ هٽلر شراب جي هڪ ڪمري ۾ پنهنجي محبوبا سان گڏ ريوالر جو پاڻ ۽ محبوبا مٿان فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي. هٽلر جي خوڪشي کان پوءِ گوئبلز ۽ سندس زال پنهنجي اڪيلي پٽ ۽ پنج نياڻين کي زهر ڏيئي موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو. جن جون عمريون پنجن کان 13 سالن جون هيون. انڌو عقيدو به انسان کي برباد ۽ انڌو ڪري ڇڏيندو آهي.

بحرالحال 9 مئي جي واقعي کان پوءِ ڪابه ايٽمي تبديلي ڪونه آئي آهي. حالانڪه تبديلي اچڻ گهرجي ها. پر 9 مئي کان پوءِ ملڪ ڏيوالپڻي جو شڪار ٿيندي نظر اچي ٿو. عمران خان کي به گهرجي ته هو هٽلر وارو تڪبر ڇڏي ڪري ملڪ ۽ عوام خاطر اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت سان ٽيبل ٽاڪ ڪري ان سان ملڪ ۾ معاشي حالتون ٺيڪ ٿي سگهن ٿيون. عمران خان کي آرمي چيف خلاف بيان بازي نه ڪرڻ گهرجي ها. فوج ملڪ جي محافظ ۽ سلامتي جي ضامن آهي. عمران خان پنهنجي دور حڪومت ۾ گوئبلز جهڙا لشڪر تيار ڪيا جن جو اڳواڻ فواد چوڌري هيو. جيڪي هاڻي ڏکئي وقت ۾ سندس کي ڇڏي ڀڄي ويا. انهن گوئبلزن کي ڪابه خبر نه هئي ته ڪو هڪ ڏينهن سندن لاءِ به ڪو زوال پذير ٿيندو. سڀ حڪمراني جي نشي ۾ ڌت هئا. بظاهر عمران خان جي وفاداري، محب وطني ۽ عوام جي خير خواهيءَ تي ڪوبه شڪ ناهي پر اڄ جيڪا سندس مٿان مشڪلات آهي اها سندس جي ساٿين ۽ گوئبلزن جي ڪري آئي آهي.

سو عمران خان کي هٽلر واري سوچ ختم ڪرڻي پوندي ۽ ملڪ عوام خاطر اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت سان ويهي ٽيبل ٽاڪ ڪرڻ ۾ ئي سندس لاءِ عافيت آهي. سو جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته 2023 ۽ 1923 ۾ ڪو خاص فرق ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي. صرف وقت ۽ ليڊرن جي تبديلي نمايان ڏسڻ ۾ اچي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.