شهري مسئلا ۽ شهري سياست

تحرير: رياض ابڙو 

سڄي صوبي جو حال به بدحال آهي، پر ڪراچي شهر جا سڀ روڊ رستا ڀڳا پيا آهن، پر سڀ کان وڌيڪ خراب حال اهي روڊ آهن جيڪي لانڍي، ڪورنگي، شيرشاھ، اورنگي، حيدري ۽ گلشن حديد طرف آهن، انهن جو حال تمام خراب ٿي ويو آهي، ڪو پُرسانِ حال ناهي. ڪو به ان ڳالھه تي پريس ڪانفرس نه ٿو ڪري رياست يا وفاق جيڪي سي پيڪ جي آسري شهرن ۾ پروجڪٽ هلايا آهن، انهن جو ڪم ڪڏهن وري شروع ٿيندو، جو ماڻهن کي تي ساھ جون بيماريون ٿي ٿيون پون. روڊن ۽ رستن تي هڪ ته دونهون، ٻيو ڌوڙ، کڏاکوٻا، مٽي پٿرن جا ڍير، وري روڊن تي ”بلاڪيڊ“ نُما وڏا پٿر جيڪي روڊن کي انگڙ ونگڙ ڪيون بيٺا آهن.

شهر ۾ پاڻي جي ايتري ته قلت هجي ٿي جو ماڻهو گهرن جي ٽنڪيءَ ۾ پاڻي نه ٿا ڏين پر ماڻهو پلاسٽڪ جون بولتون ڀري ڀري گذارو ٿا ڪن، ۽ اهو حيرت اها به آهي ته گهرن جي نلن ۾ پاڻي نه ٿو اچي پر دوڪاندار وٽ اچي ٿو، پر حڪومت جون ڪجھ ڌريون يا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا به ڪجهھ پاڻي جا ”هائيڊرانٽ، به هلائن ٿا جن جي ڪمائي لکين روپيا هجي ٿي مثال ڊفينس ۾ نَلَ جو پاڻي ناهي ايندو پر انهن وٽ هر مهيني ڪنٽيرن لهن ٿا، ۽ اهي ائين ئي سالن کان وٺي پيا زندگي گذارين پر سسٽم پوءِ به بگڙيل آهي يا مثال 27 آگسٽ 2020 واري بارش ۾ جيترو پاڻي ڊفيسن ۾ گڏ ٿيو هيو اوترو پاڻي شايد ڪنهن ٻئي علائقي ۾ گڏ ٿيون هجي ان ڪري ته نالن جي نيٽ ورڪ جام ٿيڻ جي ڪري شهر جي متعدد علائقن ۾ اهڙي صورتحال هئي جيڪا بعد ۾ ڪنٽرول ٿي وئي پر گٽر سائنس اڃان تائين سمجھڻ جي ضرورت آهي ته اهڙين بارشن ۾ ماڻهن جا لکين روپيا انهن ڪروڙن جي گاڏين تي ٻُڏي ويا هيا جيڪي گاڏيون ”اليڪٽريفائيڊ“ هيون ان ڪري شهري پريشر گروھ اهڙي سياست ڪري ڄاڻن جتي رڳو اها اڙَ ملي ته حڪومت ڪٿي ڳٿل آهي ۽ انهن جي ڀنگي (ٻالا) مافيا ڪيتري ته مضبوط آهي جو سسٽم جام ڪري ٿي ڇڏي ۽ ماڻهو وائڙو وڃي ته آخر ڇا ڪجي جو اهي گٽر سائنس جا نيٽ ورڪ سمجهي وٺجن ته ڪهڙو ڪاڏي ٿو وڃي ۽ ڪهڙو ڪاڏي؟

شهر ۾ لوڊ شيڊنگ جو ايڏو آزار آهي جو اهڙو آزار شايد ڳوٺن ۾ به نه هجي، ان ڪري انهن ڪچين آبادين ۽ ڳوٺن کي هڪ آسرو آهي ته بجلي جي وئي ته وري رات جو ايندي يا صفا نه ايندي يا ڪن صورتن ۾ ڳوٺن جا ٽرانسفارمر ۽ بجلي جون لڳل تارون به چوري ٿي وينديون آهن پر شهرن ۾ ان کان به وڌيڪ آزار آهي، جتي هاڻي هزارين روپيا رڳو بجلي جي بلن جي مد ۾ هليا ٿا وڃن، پر بجليءَ جو حال پورو سارو آ، يا مصيبت اها به آهي ته بجلي جي هجڻ سان گيس ۽ پاڻي جا سسٽم به گنڍيل آهن يا وري ٻي مصيبت اها به آهي ته گرميءَ ۾ بجلي ۽ سردين ۾ گيس جو مسئلو هجي ٿو، پوِ شهري آبادي هاڻي ته وڌيڪ پريشانين جو شڪار آهي، جو اهي بجلي نه هجڻ جي صورت ڇا ڪن يا جي گيس نه هجي تا ڇا ڪن، يا مثال هڪڙي ٻي به ڳالھه آهي ته گيس جي نه هجڻ جي ڪري ماڻهو گيس جا سيلينڊر وٺي ڪم هلائي ۽ بجلي نه هجڻ جي صورت ماڻهو سولر پينل وٺي ڪم هلائي پر جيڪي وڏا وڏا پلازا آهن، اهي ته پوءِ بجلي جي هجڻ جي ڪري وڌيڪ مسئلن جو شڪار ٿين ٿا، توڻي جو اهن وٽ اسٽيڊباءِ بجليءَ جنريٽر هجن ٿا، جن جي ڪري انهن جا مينٽيننس ٻيڻا ڇوڻا هجن ٿا، ان هاڻي شهر ۾ به زندگي ڪلاسيفائيڊ ٿي وئي آهي، پوءِ ماڻهو آخر ڪاڏي وڃي يا ڪهڙو حل ڳولهي، ان ڪري ته گهڻي ڀاڱي جيڪي ماڻهو پگهاردار آهن، اهي ته گهڻي پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

ٽريفڪ جام جا مسئلا ته حد درجي جا آهن، جنهن ۾ ماڻهن کي شديد پريشاني ڏسڻي ٿي پئي، ان ڪري جو هڪ ته ڪمپني ٽرانسپورٽ نه هجڻ جي برابر آهي، جو ماڻهو الڳ الڳ گاڏين ۾ جڏهن نڪرن ٿا ته اهي هڪ ته دونهون گهڻو ٿا ڇڏين ٻيو ته ٽريفڪ جام به ڪن ٿا، ٽيون ته سڀني جي آفيس ٽائيمنگ ۽ واپسي نڪرڻ جو ٽائيم به تقريبن هڪ ئي هجي ٿو ۽ ڇوٿون ته ماڻهن ته ليز تي گاڏيون وٺي ڇڏيون آهن ( ۽ اڃان به وٺن ٿا پيا) پر اهو ريشو اڃان ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ گھٽ آهي، جيڪو 1000 تي 12 گاڏيون به ناهي جيڪو ڀارت ۾ 200 گاڏين تائين پهتو آهي، معني هزار مان 200 ماڻهو هر سال نئين گاڏي وٺن ٿا پر پاڪستان ۾ اها شرح سموري ملڪ جي آهي، وري مصيبت اها به آهي ته روڊن جي ايڪسٽينشن نه ٿئي ۽ جيڪي روڊ آهن انهن تي انڪروچمينٽ تمام گهڻي ٿئي ٿي يا اڌ روڊ ته انهن دوڪاندارن جي گاڏين جي لاءِ مختص هوندو آهي ته پوءِ روڊن جون گاڏيون ڪاڏي وڃن يا اهي گاڏيون جڏهن روڊ جا حصا قبضي ۾ رکيون ويٺيون آهن ته روڊ تي ايندڙ گاڏيون ڪاڏي وڃن، ان ڪري صوبائي سرڪار انهن ڳالهين تي به ڌيان ڏئي. ان ڪري جو ماضيءَ ۾ الاهي سارا دفعا جمشيد روڊ جون گاڏيون هٽايون ويون هيون پر وري ساڳي ئي مهيني انهن جون ڳالهيون طئي ٿي وڃڻ جي صورت ۾ وري اهي سڀ گاڏيون هيٺ لاهي بيهارين ٿا ڇڏين، ان ڪري اهڙيون بازاريون ۽ مارڪيٽون جيڪي شهر ۾ هوندي ٽريفڪ جي لاءِ مصيبت جو ڪارڻ آهن ته انهن کي فوري طور تي شهر کان ٻاهر ڪڍيو وڃي. وري شهر جون گٽر لائينون ايتريون ته خراب رهن ٿيون ته انهن جو پاڻي پيئڻ وارين لائينن کي به بگاڙي ٿو ڇڏي، ان ڪري جو اهي لائينيون ڪڏهن به صحيح يا دائمي صحيح نه ٿيون ڪيون وڃن جنهن جي ڪري روڊن جي حالت ويتر خراب ٿي ٿي وڃي، ان ڪري سبب کڻي اهو به هجي ته پاڻي، گيس، بجلي، گٽر لائين جيڪا مثال 200 ماڻهن جو بار يا لوڊ کڻي سگهي ٿي يا ڪيپيسٽي مطابق 200 ماڻهن جو پريشر برداشت ڪري سگهي ٿي ته اها ئي لائين وري 2000 ماڻهن جي لوڊ پوڻ تي يا ڦاٽي ٿيون پون، يا گٽر جو پاڻي ٻاهر روڊن تي نڪري ٿو اچي يا بجلي جي تارن ۾ اهو دم نه هوندو آهي جو اهي لوڊ برداشت ڪري سگهي، ان ڪري آبادي جي ورڇ مطابق ۽ موجود سسٽمن جي پائيدراي ۽ طاقت تحت به سسٽم فعال يا بحال ڪيا وڃن، جنهن سان شيون به صحيح هلن، ماڻهن کي به ڪا تڪليف پهچي ۽ شيون بهترين طريقي سان ڪم به ڪن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.