لاهور (ويب ڊيسڪ) اداڪارا حنا آفريدي پنهنجي نڪاح جي وڊيوز تي تنقيد ڪندڙن کي سخت جواب ڏئي ڇڏيو آهي.
ويجهڙ اداڪارا خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي جتي هن ميزبان سان پروگرام جي مختلف سلسلن ۾ ڀيرو ورتو ۽ شرڪت ڪندڙن جي سوالن جا جواب ڏنا ۽ پنهنجي شادي بابت به ڳالهايو.
پروگرام ۾ موجود هڪ عورت کائنس سوال ڪيو ته توهان کي پنهنجي نڪاح جي جيولري تي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو، توهان ان تنقيد کي ڪيئن منهن ڏنو ؟
جنهن جي جواب ۾ اداڪارا چيو ته ” مون ڪجهه به نه ڪيو، جيڪڏهن ماڻهن کي منهنجا زيور پسند نه آيا ته اهو انهن جو مسئلو آهي منهنجو نه، شادي کانپوءِ ايترو وقت نه هوندو آهي، رسمن ۾ رڌل هوندا آهيون، ڪو انسٽاگرام کولي ناهي ڏسندو، مون به سوشل ميڊيا کولي نه ڏٺي.
ميزبان سوال ڪيو ته نڪاح دوران توهان جي هڪ وڊيو وائرل ٿي جنهن ۾ توهان پنهنجي مڙس کان مهيني جا 5 لک رپيا، بزنس ڪلاس ۾ سفر سميت ٻيا مطالبا ڪيا هئا؟
ان تي حنا آفريدي چيو ته اهو هر ڇوڪريءَ جو حق آهي ته هوءَ پنهنجي مڙس کان ڪجهه به گُهري سگهي ٿي، اڃا ته توهان سڀني کي خبر ئي ناهي ته مون ڪئميرا جي پٺيان پنهنجي مڙس کان ڇا ڇا گهريو آهي، جيڪڏهن ماڻهو ٻڌندا ته پنهنجي ڪنن تي هٿ ڏئي ويهي رهندا.
You might also like