پياري ملڪ ۾ سياسي پارٽيون ڪيئن ٺهن ٿيون، ان معاملي کي حل ڪرڻ لاءِ هڪ مثال پيش ڪريان ٿو ته 1985ع جي عام چونڊن کان پوءِ جنرل ضياءَ الحق محمد خان جوڻيجو ان خيال سان وزيراعظم جو عھدو ڏنو ويو تھ سياسي تائيد ۽ حمايت بعد ملڪي سربراھ جو عدھو سنڀاليندڙ ھي شخص سڄي عمر ھن جو احسانمند رهندو ۽ جمهوريت جي تماشي لاءِ بهترين ڪٺ پتلي ثابت ٿيندو.پر سنڌ جي مٽيءَ ۽ وزارت اعظميٰ جي عھدي ۾ اھڙي جادوئي طاقت لڪيل آھي جو ڪيترو بھ انڪساري مزاج ماڻھو ھن پر ڊڪٽيشن وٺڻ کان انڪاري ڪري ٿا ڇڏين. وزيراعظم محمد خان جوڻيجو ڪيترن ئي موقعن تي جنرل باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي تھ پارليماني جمھوريت ۾ صدر جي حيثيت رڳو علامتي سربراھ جي ھوندي آھي. مثال طور، جڏهن ميانداد شارجا ۾ آخري بال تي هڪ ڇڪو هڻي ميچ کٽيو ھو تھ، جنرل ضياءَ الحق رانديگرن کي مليل تحفن واري ڪارن تي درآمدي ڊيوٽي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. پر وزيراعظم محمد خان جوڻيجو اهو ڇوٽ واپس وٺي ڇڏي. پارليامينٽ جي پهرين سال پوري ٿيڻ تي جنرل ضياءَ الحق کي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪرڻ جي لاءِ وزيراعظم جي سيڪريٽريٽ مان لکيل تقرير موڪلي وئي.جنرل ضيا الحق جي اصرار تي نھ چاھيندي بھ جنرل اسلم بيگ کي وائس چيف آف آرمي اسٽاف مقرر ڪرڻو پيو. جنرل اختر عبدالرحمان کي هٽائي ميجر جنرل حميد گل ڊي جي آءِ ايس آءِ مقرر پڻ محمد خان جوڻيجو جي چوڻ تي ڪيو ويو،وزيراعظم ٿيڻ بعد ئي محمد خان جوڻيجو پهريون سوال ڪيو ته توهان مارشل لا ڪڏهن هٽائڻ وارا آهيو، 1985ع جون چونڊون غير جماعتي بنيادن تي ٿيون، پر وزير اعظم چند هفتن اندر ان نتيجي تي پهتو ته سياسي جماعت جي موجودگيءَ بنا ايوان کي موثر انداز ۾ هلائڻ ممڪن نه آھي. تنهن ڪري محمد خان جوڻيجي فوري طور تي سياسي جماعت جوڙڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
جنرل ضياءُالحق پنھنجي رواجي مزاج جي عين مطابق صاف انڪار ڪرڻ بجاءِ ٽال مٽول جو کان ڪم وٺندو رھيو. پر پوءِ جڏهن وزير اعظم جو اصرار وڌي ويو ته جنرل ضياءَ الحق هڪ اعليٰ سطحي اجلاس سڏايو ۽ هڪ ڊگهي تقرير دوران سياسي پارٽين جي ناڪاري اثرن بابت پنھنجي خدشن جو اظهار ڪندي شرڪت ڪندڙن کي چيو. تھ وزير اعظم محمد خان جوڻيجو پارليامينٽ جي ڪمن ۾ نظم وضبط آڻڻ لاءِ سياسي جماعت جي موجودگيءَ کي اڻٽر سمجھي ٿو.جيئن تھ مان جمھوريت کي وڌندي ويجھندي ڏسڻ چاھيان ٿو ۽ ڪنھن قسم جي رنڊڪ کڙي ڪرڻ جو قائل نھ آھيان،انڪري وزيراعظم جي خواھش موجب پير صاحب پاڳاري کي گذارش ٿو ڪريان ته هو پنهنجي پارٽيءَ جي قيادت وزيراعظم محمد خان جوڻيجو جي حوالي ڪري ڇڏي.جنرل ضيا جي تقرير کانپوءِ محمد خان جوڻيجي تقرير ڪئي.ھن چيو تھ مان سياسي جماعت ٺاھڻ جي اجازت ڏيڻ تي جنرل ضيا جو شڪرگذار آھيان ۽ پيرپاڳاري جو پڻ احسانمند آھيان تھ ھن پنھنجي پارٽي جي قيات مونکي سونپي ڇڏي آھي.ان بعد پيرپاڳاري جي تقرير جو وارو آيو.پيرپاڳاري جي جملي بازي ۽ مزاحيھ ڳالھين جو ھڪ زمانو ديوانو رھيو آھي.پير صاحب پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي مُرڪندي چيو ته پهرين ڳالهه ته مون کي هن اجلاس جي ايجنڊا جي خبر نه هئي ۽ ڇو ته هن اجلاس ۾ عورتون به موجود آهن، تنهن ڪري مان کليل تبصري ڪرڻ کان پاسو ڪندس ۽ رڳو اھو چوندس تھ اڄ اڳيان ۽ پٺيان ھٿ رکي ڪري مون اڄ جنھن طرح سان عزت بچائي آھي اھو آئون ئي ڄاڻان ٿو.قصو مختصر ھي ته هاڻي جڏھن جنرل صاحب مسلم ليگ جي قيادت وزيراعظم جي حوالي ڪري ڇڏي آهي ۽ محمد خان جوڻيجو اهو عهدو قبول بھ ڪري چڪو آهي. تھ هاڻي مان ڇا ٿو چئي سگھان.اھي ٻئي صاحب رڳو اھو ٻڌائين ته منهنجو منافعو يڪمشت ھوندو يا قسطوار ؟ روڪ ھوندو يا اوڌر ؟ ۽ اهو ڪهڙي شرح يا تناسب سان ھوندو ؟
اھو واقعو ان ڪري ياد اچي ويو تھ نواز شريف جي ڪجهه ساٿين نئين سياسي جماعت ٺاھڻ جو اعلان ڪيو آھي. اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي، اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل، اڳوڻي گورنر ۽ وڏي وزير سردار مهتاب عباسي، اڳوڻي صوبائي وزير زعيم قادري ۽ ٻين اڳواڻن پاران قائم ڪيل ”عوام پاڪستان پارٽي“ جو نعرو ” بدلائينداسين نظام “ آهي، اھي ماڻھون تھ ورھين کان ھن نظام جو حصو رھيا آھن.تڪليف برطرف اھي نظام بدلائيندا ؟ ان معاملي تي ٻيهر گفتگو ڪبي، ھن وقت شاهد خاقان عباسي جو ھڪ جملو غور طلب آهي، نئين سياسي جماعت جو اعلان ڪندي شاھد خاقان عباسي چيو تھ پاڪستان ۾ سياست جي ناڪامي جو سڀ کان وڏو دليل ھي آھي تھ اڄ ھن ملڪ جو عام ماڻهو به سمجهي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ کان سواءِ سياست نٿي ٿي سگهي، اها سوچ ان ڪري پيدا ٿي ته جيڪي سياسي پارٽيون ٺهيون سي انھن ئي ٺاھيون. ماڻھون اسان کان اشارن ۾ پڇن ٿا ته ڇا اسٽيبلشمينٽ توهان سان گڏ آهي؟ جڏهن ته اھا ڳالھھ اشارن ۾ نھ پر سرعام پڇڻ واري آھي بلڪھ منھنجي سمجھه موجب تھ تھ اھو پڇڻ ان جي ترديد يا تڪلف ڪرڻ جي بھ ڪا ضرورت نھ آھي .ڇا توھان ڪنهن اھڙي سياسي پارٽيءَ جو نالو ٻڌائي سگهو ٿا، جيڪا بقول شاهد خاقان عباسي “ھنن“ نھ ٺاهي ھجي.
توھان شايد ڪنھن ھنڌ ان ڪاروباري حڪمت عملي جو مشاھدو ڪيو ھجي آس پاس ھڪ ئي قسم جا ڪيترائي دڪان ھوندا آھن،انھن مٿان مختلف بورڊ ٽنگيل ھوندا آھن.عملو تبديل ٿيندو آھي، پر اهي سڀ دڪان هڪ ئي ڪمپنيءَ جا ھوندا آهن، مقصد اهو ھوندو آهي ته گراهڪ جنهن به دڪان تي وڃي، سرمايو پاڻ وٽ ئي ايندو.هتي به ساڳو اصول ۽ ساڳي سوچ ڪم ڪري آھي،بھرحال ڪجهه سياسي پارٽيون، ڪي سياسي اڳواڻ شعوري ارتقا جي نتيجي ۾ ڪنهن حد تائين سياسي پختگي ۽ بلوغت جو سفر طئي ڪري پنهنجي حد تائين ”ھنن “ جي اثر کان ٻاهر نڪري وڃن ٿا.اصل معاملو تھ ھي آھي جڏھن اھا سياسي جماعت ”هنن“ لاءِ ڳڻتي جو سبب بڻجي رھي ھوندي آھي.تڏهن ئي ڪو نئون نعرو ڏئي ڪري نئين سياسي پارٽيءَ متعارف ڪرائي ويندي آھي.