فرانس ۾پارلياماني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ کاٻي ڌر جي نئين پاپولر فرنٽ کي وڏي ڪاميابي ملي آھي.جنھن جي مقابلي ۾ساڄي ڌر جي نيشنل ريلي اتحاد تي سرسي حاصل ٿي وئي آهي. تنهن هوندي ڪو به اتحاد اڪثريت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب نھ ٿي سگھيو آهي.چونڊن ۾ کاٻي ڌر جي اتحاد ’نيو پاپولر فرنٽ‘ (اين ايف پي) انتهائي ساڄي ڌر تي وڏي سرسي حاصل ڪندي سڀ کان وڌيڪ 182 سيٽون حاصل ڪيون، جڏهن ته فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون جي مرڪزي اتحاد 168 سيٽون کٽيون آھن.
پهرئين مرحلي ۾ ساڄي ڌر جي اڳواڻ ميرين لي پين جي ساڄي ڌر جي ”نيشنل ريلي“ ان جي اتحادين جي ڪاميابي جي اميد هئي، پر تازين رپورٽس موجب اهو رڳو 143 سيٽن سان ٽئين نمبر تي آهي. فرانس جي وزير اعظم گيبرئيل اطال جو چوڻ آهي ته هو کاٻي ڌر جي اتحاد جي ڪاميابي کانپوءِ استعيفيٰ ڏيڻ وارو آهي. جڏهن ته اهو اڃا تائين واضح ناهي ته صدر ماڪرون اھو قبول ڪند يا نھ ڪندو.
فرانس جي پارليامينٽ ۾ ڪل 577 سيٽون آھن. قومي اسيمبلي ۾ اڪثريت لاءِ 289 سيٽون گهربل ھونديون آهن، پر هن وقت تائين ڪا به سياسي پارٽي اڪثريت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي.جنھن ڪري ان کي سياسي اڻ چٽائي سمجھيو پيو وڃي. سامھون آيل نتيجن بعد سمجھيو پيو وڃي تھ اتحادي حڪومت ٺھڻ سواءِ ڪو ٻيو رستو نھ بچيو آھي.
وزير اعظم جي عهدي جي لاءِ ڳالھيون شروع ٿيڻ جو امڪان آھي، صدر ماڪرون ھن وقت هڪ انتهائي غير مقبول اڳواڻ آهي ۽ هاڻي شايد هن کي ملڪ جي ھڪ اھڙي وزيراعظم سان گڏجي ڪري حڪومت جي اڳواڻي ڪرڻي پوندي، جيڪو سندس پارٽي جي پاليسين جي گھٽ ۾ گھٽ مخالفت نھ ڪري.
نئين قومي اسيمبلي جو پهريون اجلاس 18 جولاءِ تي متوقع آهي. اين ايف پي، جي هڪ اتحادي اڳواڻ زان لاڪ ميلنشان، چيو ته اھي نتيجا اسان جي ملڪ جي ماڻهن جي اڪثريت لاءِ گھڻي خوشي جي ڳالھھ آھي.
ساڄي ڌر جي نيشنل ريلي پارٽي جي صدر،جارڊن بارڊيلا، اڳ ۾ ئي وزيراعظم جي عهدي لاءِ خواهش جو اظهار ڪيو هو.پر چونڊن ۾ پارٽي جي مايوس ڪندڙ ڪارڪردگيءَ کان پوءِ چيو تھ فرانس کي انتهائي کاٻي ڌر جي هٿن ۾ ڏنو پيو وڃي. ھن مخالف اتحاد کي بي ايماني تي ٻڌل اتحاد پڻ سڏيو.
فرانس جي پارلياماني چونڊن جي پهرين مرحلي کان پوءِ جيڪي پول جائزن جي سامھون آيل تفصيلن ۾ملڪ جي سياست ۾ انتھائي ساڄي ڌر جي پارٽين جي غلبي جي تصديق ٿي ھئي.
بهرحال، ان کان پوءِ صدر ماڪر جي پارٽي ۽ کاٻي ڌر جي اتحاد ساڄي ونگ جي اتحاد کي اپيل ڪئي هئي ته انهن کي اقتدار کان پري رکيو وڃي. کاٻي ڌر جي ڪيترن ئي ڪارڪنن پيرس ۾ نيشنل ريلي جي بالادستي خلاف مظاهرا پڻ ڪيا ھئا.