ملڪي مسئلا ۽ انهن جو حل

تحرير: شهر بانو

پاڻ کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته، اسان جو حڪومتي نظام ڇو نٿو بهتر ٿئي باوجود ان جي ته عوام، جيڪو چونڊن ۾ بيهندڙ اقتداري جماعتن کي ووٽ ڏيندو آهي تنهن جي به ڊيمانڊ سندن بنيادي مسئلاحل ڪرائڻ هوندي آهي.

چونڊ مهم ۾عوام سان واعدا به ڪيا ويندا آهن ته اوهان جا مسئلا حل ڪيا ويندا  پر حڪومت ۾ اچڻ کان پوءِ اهي اقتداري جماعتون اها گهربل ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهنديون آهن باوجود ان جي ته کين ڪافي ڀيرا حڪومت ڪرڻ جو تجربو به هوندو آهي پر پوءِ سندن حڪومتي ڪارڪردگي بهتر ٿيندي نظر ناهي ايندي.

هتي نه عوام جي جان، مال۽ عزت محفوظ آهي،  نه امن امان آهي نه سستائپ آهي، نه روزگار آهي، نه ميرٽ آهي،  نه قانون  ۽ انصاف آهي، نه تعليم جون سهولتون آهن، نه صحت جون، نه اوهان  کي بجلي ملندي نه ئي گيس، نه سٺا روڊ ۽ رستا ملندا، نه سٺو سيوريج جو نظام هوندو. علائقا گٽرن جي پاڻ ۾ ٻڏل نظر ايندا. حياتيون بچائڻ جون دوائون به حڪومت مهانگيون ڪري ڇڏيون آهن، جڏهن ته ٻئي پاسي اوهان عوام کان ڇڪي ٽيڪس به وٺو ٿا، سندن پگهارن تي ٽيڪس، جيڪي شيون عوام خريد ڪري ٿو تن مٿان به ٽيڪس  ۽ عوام جي ان ٽيڪس مان ئي اوهان  حڪمران پگهارون به کڻو ٿا، عياشيون ۽ مراعاتون به حاصل ڪيو ٿا. مٿان وري ڪرپشن جو آزار، هر دور جي حڪمرانن تي ڪرپشن جا مقدما به ٺهندا رهيا آهن پر پوءِ به  ڪرپشن جي خاتمي جو ڪو امڪان ناهي. ايئن ڇو آهي ته اوهان جون زندگيون عياشين ۾ گذرن ٿيون ۽ عام ماڻهن جون زندگيون تڪيليفن ۾ گذرن ٿيون.

مهانگائي ايتري وڌي وئي آهي جو عوام جو جيئڻ تان ارواح ئي کڄي ويو آهي. آخر ان بدحالي کي ڇا چئجي! بيد گورننس کي ڇا چئجي. ڇا اهو سڀ حڪومت جي ناڪامي ناهي؟ حڪمرانن جي نااهلي ناهي يا رياستي نظام سان مسئلا آهن. جيڪڏهن رياستي پاليسين جو ڪو مسئلو آهي ته انهن کي بهتر ڪرڻ، پارليامينٽ ۾ سٺيون پاليسيون آڻڻ ۽ سٺا قانون پاس ڪرڻ به پارلياماني نمائندن جو ڪم آهي نه. ملطب ته ڪنهن به سطح تي ڪو ڪم نٿو ٿئي، حڪومتي ڪارڪردگي ۾ بهتري بلڪل به نظر نه ٿي اچي جنهن ڪري عوام  بيزار آهي روڊن تي احتجاج ۽ مظاهرا  ڪرڻ  تي مجبور آهي پر حڪمرانن تي ان جو ڪو اثر ئي ناهي.

اها صورتحال هاڻي انتهائي ڳڻتي جوڳي ٿي وئي آهي. ملڪ جو ڪو به طبقو خوش ناهي. هاڻي جيڪا بجيٽ پيش ڪئي  وئي آهي تنهن کي ٽيڪسن جي بجيٽ چئجي ٿو، ان تي عام ماڻهو ته ٺهيو پر امير ۽  ڪاروباري طبقو به دانهون ڪري رهيو آهي.

بجلي، گيس، پيٽرول، ڊيزل سميت هر شئي مهانگي کا مهانگي ٿي رهي آهي. اسان ملڪ پنهنجن غلط پاليسين سبب فقيرن وانگر پنڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي، قرضن تي ملڪ هلايو وڃي ٿو ۽ قرض ايترا ورتا ويا  آهن جو اهي هاڻي لاهڻ به ممڪن ناهي . ان کي ئي ته ڏيوالو چئبو آهي، مطلب ته هيٺ کان وٺي مٿي تائين مسئلا ئي مسئلا آهن، پريشانيون ئي پريشانيون آهن ڳڻتيون ئي ڳڻتيون آهن پري پري تائين بهتري جو ڪو امڪان ناهي.

سنڌ سان تاريخي طور تي الڳ ظلم آهي. باوجود ان جي ته سنڌ ئي اهو صوبو آهي جنهن کي باب الاسلام چيو ويندو آهي. ۽ سنڌ ئي اهو صوبو آهي جنهن جي اسيمبليءَ سڀ کان اڳ پاڪستان جي قرارداد پاس ڪئي. معنيٰ ته سنڌ ئي هن خطي ۾ اسلام پکيڙڻ لاءِ پنهنجي سرحد جو دروازو کوليو ۽ ملڪ ٺاهڻ ۾ به بنيادي ڪردار ادا ڪيو. سڄي ملڪ مان سنڌ ئي آهي جيڪا سڀ کان گهڻو روينيو ڏيندي آهي. معدني وسيلا به هتي گهڻا. تيل، گيس، ڪوئلو، ڪارونجهر جبل، سمنڊ، فشريز، لائيو اسٽاڪ، اسٽيل مل، پورٽ قاسم ڇا ڪجهه سنڌ ۾ ناهي. سنڌ جا وسيلا سنڌ تي استعمال ڪجن ته چون ٿا ته هي خطو دبئي کان گهٽ ناهي پر هن شاهوڪار سنڌ جي عوام کي حڪومت ئي غريب ڪري رکيو آهي.

ان شاهوڪار سنڌ جو شاهوڪار عوام بک ۽ بدحالي جو شڪار آهي. سنڌ کي وري به سنڌ جي قوم پرستن، اديبن ۽ ميڊيا جو ساٿ آهي. حڪومت ته سنڌ کي ڪجهه به ناهي ڏنو. سنڌين پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪيترائي تعليمي ۽ صحت جا ادارا کوليا آهن. تعليم جي بهتري لاءِ ڪيترائي اسڪول کوليا آهن پر حڪومت سهولتون ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. ماڻهو اسڪولن جي سهولتن لاءِ اپ گريڊ لاءِ درخواستون ٿا موڪلين ته تعليم کاتو بجاءِ ان جي ته سندن دلچسپي تي کين ايوارڊ ڏي، شڪريو ادا ڪري پر اهو سندن درخواستن تي جواب ئي نه ٿو ڏي. اهڙو رويو سندن هر شعبي ڏانهن آهي. شهر روڊ رستا کندر لڳا پيا آهن، عوام کي ڪا بنيادي سهولت ناهي. ڪراچي جهڙو عالمي شهر گند ڪچري سان ڍونڍ آهي. ٻيو ته ڇڏيو عوام کي پيئڻ جو پاڻي به دستياب ناهي. مطلب ته حڪومتي نظام مڪمل طور تي تباهه آهي.

سو هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته جيڪڏهن ٽي چار ڀيرا اقتدار ۾ ايندڙ جماعتن کان ملڪ بهتر نموني نه ٿو هلي  ته اهي پنهنجي نااهلي جو اعتراف ڪن ۽ ٻين يا نئين جماعتن کي اقتدار ۾ اچڻ جو موقعو ڏين، پاڻ پنج يا ڏهه سال چونڊن ۾ حصو نه وٺن ته جيئن عوام ٻين کي آزمائي ڏسي.

چونڊون به ان ڪري ڪرايون وينديون آهن ته جيئن عوام پنهنجي مرضي تي واري واري سان سڀني جماعتن کي آزمائي پر هتي ڌانڌلين ذريعي مخصوص جماعتن کي ئي اقتدار ڏنو ويندو آهي. جن ۾ وري سٺي حڪومت ڪرڻ جي صلاحيت ئي ناهي هوندي. ان مسئلي جو حل اهو آهي ته صاف شفاف چونڊون ڪرايون وڃن ۽  عوام جي چونڊيل جماعت کي اقتدار ڏنو وڃي ته جيئن اها عوام جي اميدن تي پورو لهي سندس مسئلا حل ڪري سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.