مُلڪي بحران: ماضيءَ مان سبق نه سکڻ جو نتيجو\عوامي آواز جي رپورٽر واحد جان مري سان اسين سڀ گڏ آهيون

اها ڪيڏي نه عجيب ۽ ناقابل يقين صورت حال آهي ته اسان جو حڪومتي نظام وقت سان گڏ بهتر ٿيڻ بدران بد کان بدتر ٿيندو ٿو وڃي. باوجود ان جي ته سائنس جون جديد ٽيڪنالاجيز اچي ويون آهن، ڪميونيڪيشن جو نظام تيز ۽ سگهارو ٿي ويو آهي. اهڙي صورت حال جو جيڪڏهن ڪنهن ڌر ڪنهن کان گهٽ فائدو ورتو آهي ته اها حڪومت آهي. حڪومتن جي نظام کي ڏسجي ٿو ته ائين ٿو لڳي ڄڻ حڪومتون پٿر جي دور جون هجن. حڪمرانن جو مائينڊ سيٽ ڪنهن ريت به جديد دور جي گهرجن سان اپ ڊيٽ ناهي.

حڪومتي نظام جي تباهي جو اصل ڪارڻ غير جمهوري طاقتن جو سسٽم تي حاوي هجڻ آهي. هن ملڪ کي جيڪڏهن شروع کان ئي 1940ع جي ٺهراءُ تحت هلڻ ڏنو وڃي ها ته هي ملڪ به اڄ پاڙيسري ملڪن وانگر پنهنجن پيرن تي بيٺل نظر اچي ها پر افسوس ته اسان جو ملڪ هر دور ۾ ”نازڪ دور“ مان گذرندو رهيو آهي. ان ڪري جو هن ملڪ کي جمهوري طريقي سان نه ٿو هلايو وڃي. هتي هميشه سڌيون ۽ اڻ سڌيون مارشل لائون رهيون آهن ۽ عدالتن به هر دور ۾ نظريه ضرورت تحت انهن سڌين ۽ اڻ سڌين مارشل لائن جي سرپرستي پئي ڪئي آهي.

اڄ ملڪي ادارن ۾ جيڪا ڇڪتاڻ آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت بابت سپريم ڪورٽ جي موجوده چيف جسٽس فائز عيسيٰ قاضي کي جيڪي شڪايتن ڀريا خط لکيا آهن تن جو پس منظر جيتوڻيڪ پي ٽي آءِ جي حمايت آهي پر اها حقيقت پوءِ به پنهنجي جاءِ تي بلڪل آهي ته ملڪ اندر عدالتون ڪڏهن به آزاد ناهن رهيون ۽ اهي برابر اسٽيبلشمينٽ جي ماتحت رهيون آهن. اسان جي ملڪ اندر آئين مطابق پارليامينٽ کي ملڪ هلائڻو آهي ۽ اهو ئي سپريم ادارو آهي پر هتي هميشه کان اسٽيبلشمينٽ جو راڄ رهيو آهي، مارشل لائن جو ڏاڍ رهيو آهي. سو هن ملڪ جو اهوئي سڀ کان وڏو الميو آهي ته اهو نه 1940ع جي ٺهراءُ تي هليو ۽ نه ئي 1973ع جي آئين تي مڪمل طور تي هلي رهيو آهي. 1955ع ۾ ملڪ اندر جيڪو ون يونٽ قائم ڪيو ويو، تنهن جو روح هاڻي به ملڪ اندر موجود آهي. ننڍا صوبا هاڻي به بنيادي ۽ تاريخي حقن کان محروم ڪيل آهي.

هن ملڪ اندر مارشل لائن جي هڪ خوفناڪ تاريخ موجود آهي جنهن جي پڪڙ کان پنهنجو ملڪ اڄ تائين آجو ناهي ٿي سگهيو. مارشل لائن جي تاريخ پڙهبي ته هر مارشل لا ملڪ کي اڳتي ڪرڻ بدران پٿرن جي دور ڏانهن ڌڪيو آهي. مطلب  ته ان کي ترقي ڪرڻ ناهي ڏني ۽ حيرت وري اها آهي ته دعويٰ اها ٿيندي رهي آهي ته مارشل لائي طاقتب ئي ملڪ کي بچايو آهي جڏهن ته غير جانبدار تاريخ غير جمهوري طاقتن کي ئي ملڪ جي تباهي جو ڪارڻ ڄاتو آهي. جن هن ملڪ کي ويلفيئر اسٽيٽ بڻائڻ بدران سڄي ڄمار سيڪيورٽي اسٽيٽ بڻائي رکي آهي. انهن غير جمهوري مفادن ڪري ئي هي ملڪ جمهوري طاقت نه بڻجي سگهيو آهي.

سو ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ماضي جي طويل ناڪام تجربن مان سبق سکجي ۽ ملڪ کي نج جمهوري اصولن تي آئين ۽ قانون موجب هلائڻ جو انتظام ڪجي ته ڪو شڪ ناهي ته ملڪ ٻين ملڪن وانگر ترقي جي راهن تي هلي پوندو.

اها حقيقت رهي آهي ته زمان حال ۾ ڀلي بادشاهه، حڪمران ۽ ظالم طاقتون حاوي هجن پر تاريخ ۾ وري انهن بادشاهن، حڪمران ۽ ظالم طاقتن سان جهيڙيندر ئي سرخرو ٿيا آهن ۽ تاريخ ۾ هيرو ٿيا آهن. سو عوامي آواز جي رپورٽر واحد جان مري سان پوليس زيادتي ڪئي آهي ۽ ضد انا ۾ مٿس ڪوڙو ڪيس داخل ڪري گرفتار ضرور ڪيو آهي پر ترت ئي ان کي وقت ٻڌائيندو ته آخري فتح حق ۽ سچ جي ٿيندي ۽ رپورٽر واحد جان مري ئي آخر ۾ سرخرو ٿيندو.

رپورٽن موجب ٽين رات ٽنڊو آدم ويجهو شاهنواز چوڪ وٽ ٽرالر جي ٽڪر ۾ مٽياري و اسي گلبهار مري سخت زخمي ٿي پيو، جنهن تان ٻنهي ڌرين وچ ۾ منهن ماري ٿيڻ کان پوءِ ٽرالر جي عملي زخمي ٿيل نوجوان گلبهار مري تي سخت تشدد ڪيو، جنهن خلاف مٽياري جي مري برادري جي ماڻهن ٽنڊو آدم جي شاهنواز چوڪ تي انصاف لاءِ ڌرڻو ڏنو. ان ڌرڻي جي رپورٽنگ ڪرڻ لاءِ عوامي آواز جو رپورٽر واحد جان مري پهتو ته ٽنڊو آدم سٽي ٿاڻي جو ايس ايڇ او ان رپورٽر تي ڏمرجي پيو ۽ کانئس پريس ڪارڊ ۽ ڪيميرا ڦري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو. بعد ۾ رپورٽن موجب ايس ايڇ او مري برادري جي ٻين ماڻهن مٿان داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ سندس نالو به شامل ڪري ڇڏيو.

عوامي آواز جي رپورٽر رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته هن ڌرڻي جي رپورٽنگ ڪئي ته پوليس اهلڪار اتي پهتا جن ڌرڻو ختم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. هن ان دوران موبائيل ويڊيو رڪارڊ ڪئي ته پوليس اهلڪار کانئس موبائيل فون ڦري ورتو ۽ پريس ڪارڊ به ڏيکارڻ جو چئي پاڻ وٽ رکي ڇڏيو. يعني پريس ڪارڊ جي عزت نه ڪيائين. هن چيو ته ڇا به ٿي پوي هو حق ۽ سچ جو ساٿ نه ڇڏيندو.

پوليس جي ان ذيادتي دوران رپورٽر واحد جان مري اڪيلو هو پر هاڻي هو اڪيلو ناهي رهيو. عوامي آواز جي سٿ سميت سڄي صحافتي برادري ساڻس گڏ آهي. جيڪا سندس گرفتاري خلاف هاڻي سراپا احتجاج آهي. صحافين ۾ هن وقت تاءُ پکڙيل آهي صحافين مطالبو ڪيو آهي ته ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيل عوامي آواز جي رپورٽر واحد جان مري کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.