ترقي پسند ڪالم نويس. صحافي ۽ مرد مجاهد محمد وارث مير

تحرير: طفيل مگسي

پاڪستان جي سرزمين تي جبر جي حاڪميت ۽ جهمور جي   جو دستور مارشل لا سان گڏ شروع ٿيو. پر گڏ ئي جهاد جي رسم به هلي پئي.ڪيترائي ڪنڌ ڪٽيا.ڪيترائي شھيد دفنايا ويا.پر ضيا شاهي دور ۾ ظلم وجبر حد کان وڌي ويو.هاڻي شھيدن جو قافلو به مخصر نه رهيو.حق جو آواز بلند ٿيو.اهل حق وارن جو انگ وڌي ويو ۽ ھمت به.تڏھن جبر جي دستورن ۾ سختي ٿي.زبان بند رکڻ جو دستور لاڳو ٿيو.قلم ٽوڙيا ويا.هٿ ٻڌا ويا.ليڪن آواز ۽ لفظ ختم نه ٿيا ۽ ٿي به ڪيئن ٿي سگهيا هئا.نيٺ اها ويهين صدي جي پڇاڙي هئي.اڄ ڪنهن به علائقي ۾ به عوام کي هزارين سال پوئتي ته ڦٽو نٿو ڪري سگهجي.سو بندوقن جي گجگوڙ جي باوجود آواز بلند ٿيندا رهيا.قلم هلندو رهيو.فاستان دارورسن لکبو رهيو ۽ نئين سوچ جا جگنو پابندي جا فصل اورانگهي ڪري ماڻھن جي وسندين ۾ لهندا رهيا.حق جو ڪلمو چوڻ وارن جا اندازالڳ الڳ هئا.حق گهرڻ ۽ پڪارڻ وارا بي نان تحريڪ بڻجي ويا ۽ ان تحريڪ ۾ ڪٿي مزدور هئا.ڪٿي دانشور..ڪٿي عورتون هيون ۽ ڪٿي ڪسرڪن.الڳ الڳ مورچا .ڪٿي ظاهر ڪٿي باطن.

انهن مرد مجاهدن منجهان هڪ محمد وارث مير.جيڪو هن ئي شھر جو رهواسي.هن شھر جو پٽ.جيڪو پنهنجي ذات ۾ هڪ تحريڪ بڻجي ويو.هن جي هستي هن جي مرڻ کان اڳ مي لينجنڊ بڻجي چڪي هئي.هو مسلسل جابر حاڪم جي سامهون حق جي ڪلمي جي ويڙھ وڙھي رهيو هو.مگر ڪڏھن به همت نه هاريائين.

ممحمد وارث مير جيڪو 22نومبر 1938ع ۾ سيالڪوٽ ۾ جنم ورتو.هن جو والد مير عبدالعزيز سيالڪوٽ ۾ فارسي ۽ اردو جو ڄاتل سڃاتل شاعرن منجهان هڪ هو.مير وارث شروعاتي تعليم ڌارووال پائمري اسڪول سيالڪوٽ کان حاصل ڪئي.ميٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول سيالڪوٽ سٽي کان 1955ع ۾ ڪئي.1955ع ۾ ھن مري ڪاليج سيالڪوٽ کان بي اي جو امتحان بهترين نمبرن ۾ حاصل ڪيو.هتي هو مري ڪاليج ميگزين جي ايڊيٽر کانسواءِ ڪاليج جو بهترين مقرر پڻ رهيو.   ۾ ھن پنجاب يونيورسٽي لاهور کان ايم اي صحافت جي ڊگري حاصل ڪئي.1962ع کان 1965ع تائين هو روازاني نوائي وقت لاهور کان سڀ ايڊيٽر .ميگزين ايڊيٽر.ميگزين ايڊيٽر ۽ ڪالم ڪار جي حيثيت سان لاڳاپيل رهيو.بعد ۾ ھو صحافت جي شعبي جامعه پنجاب جو استاد ٿي ويو.1966ع کان 1968ع تائين هو روزاني مشرق ۾ ڪالم.لکندو رهيو.1971ع ۾ روزاني جاويدان ۾ لاڳاپجي ويو.1985 ع کان 1987ع تائين هو روزاني نواءِ وقت لاهور کان ڪالم لکندو رهيو.آڪٽومبر 1987ع ۾ وارٽ مير صحافت ۾ ايم.فل ڪرڻ جي لاءِ لنڊن هليو ويو ۽ جولاء 1988ع تائين نواءِ وقت ۾ “لنڊن ڊائري“جي نالي سان سندس ڪالم شايع ٿيندا رهيا.1980ع ۾ پوفيسر مير وارثلنڊن ۾ تيڻ واري عالمي اسلامي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيو.فيبروري 1981ع ۾ پروفيسر وارثمير هڪ وفد سان گڏ ستن گلف رياستن جو دورو ڪيو.نومبر 1982ع ۾ جنيوا ۾ فلسطين ۽ عالمي قومن جي سيمينار ۾ ھن پنهنجو مقالو پڙھيو.1983ع ۾ هن پاڪستاني صحافين جي هڪ وفد سان گڏ امريڪا جي ليکڪن.سياسي صلاحڪارن۽ دانشورن سان ملاقاتون ڪيون. ۽ مشهور امريڪي اخبارن و رسالن ۾ آزادي صحافت ۽ انساني حقن تي مضمون لکيا.ساڳئي سال هن روم ۽ ڪوريا جي اخباري آفيسن ۽ اعلي تعليمي ادارن جو به دورو ڪيو.

12فيبروري 1983ع لاهور ۾ شاهراه قائداعظم تي پوليس عورتن جي هڪ جلوس تي زبردست لٺ بازي ڪئي ۽ عورت کي اڌ قرار ڏيڻ وارن قانونن جي خلاف احتجاج ڪرڻ وارن کي گرفتار ڪيو ويو.پروفيسر وارث مير انهيءَ واقعي کانپوءِ عورتن سان ٿيڻ وارين زيادتين ۽ انهن جي حقن جي باري ۾ ڀرپور انداز ۾ لکيو. بعد ۾ ھن ريفرنڊم ۽ وري غير جماعتي چونڊن جي پنهنجن ڪالمن ۾ شديد مخالفت ڪئي ۽ جيتوڻيڪ انهيءَ پاداش ۾ نه صرف هن کي پاڪستان ٽيليويزن جي مرڪزي صلاحڪار ڪميٽي.فلم سنسر بورڊ ۽ شعبي صحافت جامعه پنجاب جي چيئرمن شپ کان هٽايو ويو بلڪ ٻين مشڪلاتن جو منهن به ڏسڻو پيس.

1985ع ۾ ھن روزاني جنگ ۾َ لکڻ شروع ڪيو.فيبروري1987ع پروفيسر وارث مير ڀارت جي شھر دهلي ۾ ٿيڻ واري هڪ سيمينار ۾ شرڪت ڪئي.جون 1987ع ۾ ھن کي روس جي عورتن جي حقن واري سلسلي ۾ ٿيڻ واري ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏني وئي. پر پاڪستان جي حڪومت هن کي روس وڃڻ جي اجازت نه ڏني.پروفيسر وارث مير جي وفات 9 جولاءِ 1987ع ۾ اٽڪل 49 سالن جي عمر ۾ لاهو ر ۾ ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.