طالبان پنهنجي حيران ڪندڙ چال سان صدر بائيڊن کي ڦاسائي وڌو

تحرير: نصرت جاويد

نه رڳو پاڪستان ۾، پر سڄي دنيا ۾ سياسي معاملن جي مبصرن جي اڪثريت افغان طالبان کي صرف جنوني ويڙهاڪ سمجهي ٿي. ان حقيقت کي سمجهڻ ۾ ناڪام ويا آهن ته سندن ڪجهه اڳواڻن کي سفارتڪاريءَ جي فن تي قابل رشڪ گرفت آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ميڊيا ذريعي اهڙيون چالون کيڏندا آهن جو ماڻھون حيران ٿي ويندا آهن.

روايتي ميڊيا جي ناظرين ۽ قارئين جي اڪثريت گذريل ڪجهه سالن کان افغانستان کي وساري ڇڏيو آهي. ان اڪثريت  جي نظر ۾، آگسٽ 2021 ۾، آمريڪي فوجن کي 20 سالن تائين خوار ٿيڻ کانپوءِ انتهائي ذلت واري  طريقي سان افغانستان ڇڏڻ تي مجبور ڪيو. ملڪ آمريڪي فوج جي نيڪالي بعد اڃان تائين طالبان جي حڪومت کي ڪنھن تسليم نه ڪيو آهي،جنھن ڪري سفارتي لحاظ سان ڏسجي تھ ڄڻ افغانستان دنيا کان مڪمل طور ڪٽجي چڪو آهي ۽ اھو ھڪ تنھا ٻيٽ آھي.

عام تصور جي ابتڙ پاڪستان سميت دنيا جا ڪيترائي ملڪ گھڻن  ئي سببن جي بنياد تي طالبان حڪومت سان ”غير رسمي لاڳاپا“ رکڻ تي مجبور آهن. پاڪستان جو فوري مسئلو دهشتگردي جي تازي اڀريل لهر آهي ان جي زد ۾ اچي ڪري تازو اربع ڏينھن تي باجوڙ ۾ اي اين پي جو اهم اڳواڻ ۽ اڳوڻو سينيٽر هدايت الله ٽن ساٿين سميت مارجي ويو. پاڪستان جي حڪومت ٺوس معلومات جي بنياد تي دعويٰ ڪري رهي آهي ته پاڪستان ۾ تازي دهشتگردي جا ذميوار اهي ماڻهو آهن، جيڪي افغانستان مان اسان وٽ اچن ٿا. عوامي جمهوريه چين ان سوچ سان متفق آهي. بيان بازي بدران  توريل تڪيل موقف سان چين ان دعويٰ جي تصديق ڪري ٿو ته اسان وٽ سي پيڪ تحت ڪيترن ئي وڏن منصوبن تي ڪم ڪندڙ چيني ھنرمندن جا قاتل افغانستان ۾ موجود دهشتگرد گروپن سان تعلق رکن ٿا.

دهشتگردي جي حوالي سان پاڪستان ۽ افغانستان جا سنگين ٿيندڙ معاملا  ، اڄ جي ڪالم جو موضوع نھ آھن. هن وقت رڳو اھا ڳالھھ سامھون آڻڻي آھي  ته آمريڪي صدارتي چونڊن کان صرف چار مهينا اڳ، افغان طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد، دوحا ڳالهين جي ٽئين دور جي پڄاڻيءَ تي وڏي چالاڪي سان ”خبر“ بريڪ ڪئي. ان ذريعي آمريڪي ميڊيا ۽ عوام کي ياد ڏياريو ويو آهي ته ٻه آمريڪي شهري اڃا تائين طالبان جي حراست ۾ آهن. ڪابل انهن کي آزاد ڪرڻ جو خواهشمند آهي پر انهن جي آزاديءَ جي بدلي ۾ ڪجهه افغان شهرين جي آزاي چاهي ٿو جيڪي ڏهاڪن کان گوانتانامو بي جي جيل ۾ قيد آهن. ذبيح الله مجاهد  جي زبان مان ٻن آمريڪي شهرين جي افغانستان ۾گرفتاري جي تصديق، مون وانگر مختلف حالتن ۾ نظرانداز ڪري ٿا ڇڏين.پر ذبيح الله مجاهد  اھڙو ذڪر رڳو بائيڊن ۽ ٽرمپ وچ ۾ ايندڙ صدارتي چونڊ لاءِ پهرين بحث کان ڪجهھ ڏينھن اڳ ڪيو آھي.

افغانستان بائيڊن ۽ ٽرمپ جي بحث جو بنيادي موضوع نه هو. صرف هڪ ڀيرو ٽرمپ گھڻي نفرت سان بائيڊن کي  افغانستان مان آمريڪي فوجن جي ذلت آميز واپسي لاءِ ذميوار قرار ڏنو. ذبيح الله مجاهد جو طالبان پاران حراست ۾ ورتل آمريڪي قيدين جو ذڪر آمريڪي عوام کي ياد ڏياريندو ته واشنگٽن اڄ به طالبان سان ڳالهين تي مجبور آهي ۽ خاموش سفارتڪاري ذريعي ڪابل ۾ گرفتار ٿيل ماڻهن کي آمريڪا جي نگرانيءَ ۾ قائم ٿيل جيلن ۾ قيد افغانين جي آزاد آزادي جو خواھشمند آھي.

آمريڪي ”شهرين“ جي افغان ”دهشتگردن“ جي بدلي ۾ آزاد ڪرڻ جي ڪوشش خاموش سفارتڪاري جي مهرباني سان ڪوشش پواري ڳالھ، ٽرمپ کي بائيڊن جي  چڱي خبر وٺڻ لاءِ  مواد مهيا ڪندي. هو اصرار ڪندو ته آمريڪي صدر بائيڊن، جيڪو مبينا طور تي 81 سالن جي عمر ۾ پنهنجي دماغ ۽ توانائي وڃائي چڪو هو، دنيا جي واحد سپر پاور کي ”دهشتگردن“ جي حوالي ڪري ويٺو آهي. اهو چاهي ٿو ته "دهشتگردن” جي بدلي ۾ پنهنجن "شهرين” کي آزاد ڪيو وڃي. پنهنجي تقريرن ۾ ان پهلوءَ کي اجاگر ڪندي، ٽرمپ آمريڪي عوام کي اهو سمجهائيندو ته افغانستان اڄ به ”آمريڪي قومي سلامتي“ جي حوالي سان هڪ اهم ملڪ آهي. ان کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.

خاموش سفارتڪاري ذريعي قيدين جي ادلي بدلي جي ”خبر“ بائيڊن انتظاميه کي دفاعي انداز اختيار ڪرڻ تي مجبور ڪري سگهي ٿي. صدارتي چونڊن جي آخري مرحلي ۾ داخل ٿيندي ئي انتظاميھ آمريڪا کي هڪ ”ڪمزور“ ملڪ طور پيش ڪرڻ نه چاهيندي، جيڪو بظاهر طالبان جي اڳيان جهڪي ٿو. ان امڪان کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي ته پاڻ کي طاقتور ثابت ڪرڻ لاءِ بائيڊن انتظاميه خاموش سفارتڪاري ذريعي پنهنجي شهرين جي آزاديءَ لاءِ جاري ڳالهيون ختم ڪري ڇڏي ۽ ان معاملي تي به سوچڻ شروع ڪندي ته طالبان وٽ قيد ٿيل قيدين کي ٻين طريقن سان آزاد ڪرايو وڃي. بائيڊن انتظاميه جيڪو بھ فيصلوڪري پر ترجمان ذبيح الله مجاهد هن کي صدارتي چونڊن کان ٿورو اڳ وڏي ڳڻتي ۾ وجهي ڇڏيو آهي.

هڪ وسيع مظر ۾ ڏسجي تھ ”انتهاپسند گروهه“  بائيڊن جھڙي  ”لبرل“سڏائيندڙ بدران  وائڙي مزاج واري ٽرمپ سان معاملي کي طئي  ڪرڻ کي اوليت ڏين پيا، طالبان ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهيون باراڪ اوباما جي صدارت دوران دوحا ۾ شروع ٿيون. ڳالهين جو عمل تمام سست هو. اوباما جي ”لبرل“  انتظاميه نه پئي چاهي ته طالبان انتهاپسند اڳيان  ”جھڪيل“ نظر اچي.  افغانستان ۾ حامد ڪرزئي ۽ اشرف غني جون حڪومتون به مٿن شڪ جو اظهار ڪنديون رهيون.پر  اقتدار سنڀاليندي ئي ٽرمپ پنهنجي ساٿين تي واضح ڪيو ته هو هر قيمت تي افغانستان مان آمريڪي فوجن کي ڪڍڻ چاهي ٿو. آخرڪار ان ضد سبب هڪ اهڙو معاهدو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ آمريڪا پنهنجن ڪيترن ئي ”بنيادي اصولن“ کي ڇڏي ڏنو ۽ افغانستان مان پنهنجي واپسيءَ لاءِ رستو هموار ڪيو. ذبيح الله مجاهد جي اقتدار ۾ واپسي جزوي طور ٽرمپ جي پاليسين جي ڪري ممڪن ٿي آهي. هاڻ ٽرمپ جي وائيٽ هائوس ۾ واپسي طالبان لاءِ بائيڊن کان وڌيڪ فائديمند رھندي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.