ڪنڌڪوٽ جي ڪچي ۾ آپريشن، بدنام ڌاڙيل امداد عرف امدو ڀيو مارجي ويو

ڪنڌڪوٽ (ويب ڊيسڪ) ڪنڌڪوٽ جي ڪچي ۾ پوليس ۽ رينجرز جي آپريشن ۾ ڀيو گينگ جو سربراهه امداد عرف امدو مارجي ويو.
سينيئر سپرنٽينڊنٽ آف پوليس (ايس ايس پي) بشير بروهي موجب ڪچي ۾ آپريشن دوران 8 ڏينهن اڳ اغوا ڪيل ٽي واپاري به آزاد ڪرايا ويا، جنهن کانپوءِ آزاد ڪرايل واپارين جو انگ 4 ٿي ويو آهي.
هن ٻڌايو ته مقابلي ۾ 4 ڌاڙيل زخمي به ٿيا، ڌاڙيل امداد ڀيو پوليس چيڪ پوسٽ تي حملو ڪري ٻن اهلڪارن کي شهيد ڪيو هو.
ايس ايس موجب ڌاڙيلن جي 10 کان وڌيڪ ٿاڪن کي باهه ڏني وئي ۽ 15 شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو، ڌاڙيلن جي مورچن کي ڊرون ڪئميرائن جي مدد سان نشانو بڻايو پيو وڃي.

kandhkot sindh awamiaaz

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.