بابا 1976 جي ڪاري ٻوڏ دوران سعودي عرب عمرو ڪرڻ ھليو ويو، عمرو اصل ۾ بھانو ھو، حقيقت ۾ ھو اتي مزوري ڪري پئسا ڪمائڻ ويو ھو ، اسان کي اباڻي ڳوٺ ٽنڊو رحيم ( ڪاڇي ۾ ) مائٽن وٽ ڇڏي ويو، سال کن بعد بابا اسان کي سعودي عرب گھرائڻ لاءِ مقامي دلال ( ايجنٽ ) کي پئسا موڪليا، اسان کي ھڪ ڏينھن اوچتو نياپو مليو ته سڀاڻي صبح اوھان جي فلائيٽ آھي، ڪراچي ايئرپورٽ پھچو، صورتحال اھا ھئي جو ٻوڏ جا اثرات برقرار ھئا ،ڪاڇي کان سڪيءَ جا رستا بند ھئا، اسين تڪڙ ۾ پنھنجي چاچا سميت رات جو دير سان ٻن اٺن تي چڙھي نڪتاسين ، ٽنڊي رحيم مان ڇني تائين ڀاڙي تي اٺ ھلندا ھئا، جن تي پلاکڙا رکي انھن تي بسترا ٻڌي ماڻھن جي ويھڻ جي جاءِ ٺاھي وئي ھئي.
اسين فجر ويل ڇني پھتاسين ، جتان ٻيڙيءَ تي سفر شروع ٿيو ، منڇر ڍنڍ جو پيٽ ھڪ پاسي ڇنيءَ سان لڳل ھئو ته ٻئي پاسي ڀان سيد آباد يا سيوھڻ سان لڳل ھو ،روڊ رستي ھي ڪلاڪ ڏيڍ جو پنڌ آھي پر ٻيڙي تي سڄو ڏينھن لڳي ويو، اسان رستي ۾ ٻيڙيءَ تي مڇي به پچائي کاڌي ، ھي وڏا مسافر بردار ٻيڙا ھئا جن کي سڙھ لڳل ھوندي ھئي ، ٻيڙو ھوائن جي رخ تي ھلندو ھو، خير اسين ڀان سيد آباد پھتاسين ، جتان سيوھڻ ۾ ڪلاڪن کان پوءِ ھڪ کٽارا بس تي سوار ٿي حيدر آباد پھتاسين، ان زماني ۾ بسون گھٽ ھلنديون ھيون ، ھاڻي آڌي رات حيدر آباد پھتاسين ، اسان کي ڪراچي پھچندي پھچندي صبح ٿي وئي.
جڏھن ايئرپورٽ تي پھتاسين ته ڪلاڪ ڏيڍ اڳ اسان جي فلائيٽ سعودي عرب نڪري چڪي ھئي ، اھو ٻڌي اسان جا ته تاڪ نڪري ويا ، ڪجھه سمجهھ ۾ نه پئي آيو ته ڇا ڪرڻ گھرجي، اتي ايئرپورٽ تي ئي ڪجھه مائٽ مليا ، جن اھو نياپو ڏنو ته دلال اھو چئي ويو ته مسافرن کي چئجو منھنجو انتظار ڪن، ان زماني ۾ ڪراچيءَ ۾ ڪو به مٽ مائٽ نه رھندو ھو، تڏھن اسٽار گيٽ وارو پراڻو ايئرپورٽ ھو.
ايئرپورٽ جي ٻاھران ديوين جا گھاٽا وڻ ھجن ،غريب مسافرن لڏو لاھي اتي پنھنجا آستانا ٺاھيا، اسان کي به صلاح ڏني وئي ته اتي ئي ڪجھه ڏينھن گذاريون ،جڏھن ٻي فلائيٽ جي ٽڪيٽ ملي ،پر اسان وارو ايجنٽ ئي الائي ڪاٿي گم ٿي ويو ھجي جو ڪيترن ئي ڏھاڙن تائين ديوين جي وڻن ۾ رھي انتظار ڪندا رھياسين پر اسان کان ڇڏايل اڏام ٻيھر واپس نه آئي ، ھڪ شھري ماحول جو خوف ٻيو جھڙوڪر کليل ميدان ۾ گذارو ،ڏاڍي عجيب صورتحال ھئي.
پر ھڪ رات جو ڏاڍو عجيب واقعو ٿيو، الائي ڪيئن اک لڳي پر رات جي پوئين پھر ۾ اچي نعري بازي شروع ٿي ، ڀاگو ڀاگو ،ڪراچي خالي ڪرو، اسين ٻار ته ڊڄي خوف ۾ ويڙهجي ويا ھئاسين ، ڪجھه دير بعد چاچا اچي ٻڌايو ته ڀٽو جي حڪومت ختم ٿي وئي ملڪ ۾ مارشل لڳي وئي ،
اسان کي شھري ڇورا ڌمڪيون پيا ڏين ،چون پيا ،توھان سنڌين جي حڪومت ختم ٿي ڪراچي مان نڪرو، ان ڪري پاڻ صبح ساجھر ڳوٺ ھلنداسين ، اھا رات 4 جولاءِ 1977 جي ھئي جيڪا 5 جولاءِ ۾ بدلجي چڪي ھئي ، بعد ۾ اھا ڪاري رات يارھن سالن تائين جاري رھندڙ ڊگھي رات ھئي ،جيڪا 5 جولاءِ 1977 کان شروع ٿي ۽ 17 ھين آگسٽ 1988تائين جاري رھي،جڏھن ماڊل ڊڪٽيٽر جو فضا ۾ ئي خاتمو ٿي ويو.