حيدرآباد جي پريٽ آباد واري علائقي ۾30 مئي تي گئس سلينڊر جي دڪان ۾ گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب هي سٽون لکڻ تائين 20 کان وڌيڪ انساني حياتيون موت جي منهن ۾ وڃي چڪيون آهن، ڪيترائي سخت ڦٽي ان کان علاوه آھن هن واقعي ۾ جيڪو جاني توڙي مالي نقصان ٿيو آهي ان نه رڳو حڪومت ۽ ان جي ماتحت ادارن جي پَت وائکي ڪري ڇڏي آهي بلڪه اڳتي لاءِ به ڪيترائي سوال اُٿاري ڇڏيا آهن. باھ جي سڙندڙن لاءِ سڄي سنڌ ۾ صرف ڪراچي ۾ برنس وارڊ آھي.ان جي اربن جي بجيٽ باوجود تسلي بخش علاج ڪونه ٿو ٿئي سھولتن جي پڻ کوٽ آھي.چيو پيو وڃي ته جيڪڏھن حڪومت توڙي ان جي ماتحت ادارا حادثي بعد بروقت متحرڪ ۽ سنجيده قدم کڻن ھا ته شايد ايترو جاني ۽ مالي نقصان نه ٿئي ھا. اسان بلديه فيڪٽري واقعي مان به سبق ناھي سکيو بلديا فيڪٽري سانحي کان حيدرآباد جي پريٽ آباد واقعي تائين ڪو به حادثو پيش ايندو آھي ته اسان وري زيرو کان ڪم شروع ڪندا آھيون. جنھن جو بظاھر سبب حڪومت جو ڌيان نه ڏيڻ ڪرهشن ۽ ميرٽ جو قتل ڪري قابل ماڻھن بدران پنھنجا نوازي آھي.
حيدرآباد سئلينڊر ڌماڪي جو جيڪڏهن هاڻي سان ئي سنجيدگي سان نوٽس نه ورتو ويو ته اهڙا واقعا ايندڙ ڏينهن ۾ پڻ رونما ٿي سگهن ٿا. گئس سلينڊر هاڻي گهمندڙ ڦرندڙ بم بڻجي چڪا آهن جيڪي ڪنهن وقت ۽ ڪٿي به ڦاٽي وڏي تباهي پکيڙي سگهن ٿا. رڪشائن، سوزڪين، اسڪول توڙي مسافر وينن ۽ بسن ۾ وڏا گئس سلينڊر لڳل آهن. اسڪول وين توڙي ٻين مسافر گاڏين ۾ گئس سلينڊر ڦاٽڻ جي ڪري ماضي ۾ وڏو جاني نقصان ٿي چڪو آهي ۽ ڪيتريون ئي انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن. ڪجهه عرصو مسافر گاڏين خاص طور تي اسڪول وينن ۾ سلينڊر لڳائڻ تي پابندي لڳائي وئي هئي، پر ماڻهو ڪٿي ٿا مُڙن. ٻي افسوس جوڳي ڳالهه اها به آهي ته ورهين تائين وري انهن جي فزيبلٽي رپورٽ به ڪونه ٺهندي آهي. حيدرآباد واقعي جو افسوس ناڪ ھڪ رُخ اهو به آهي ته سنڌ جي ٻئي وڏي شهر ۾ ان حوالي سان صحت جي سهولتن جي کوٽ آهي،چيو پيو وڃي ته وقت سر واقعي واري هنڌ تي نه فائربرگيڊ جون گاڏيون پهتيون نه ئي وري ايمبولينسون. سوال اهو به آهي ته وچ آبادي ۾ گئس سئلينڊر جي دڪان کولڻ جي ڪنهن اجازت ڏني؟
اھا ھڪ حقيقت آھي ته حيدرآباد سانحو سنڌ حڪومت جي نااهلي ۽ ڪرپشن جو چٽو ثبوت آهي. جيتوڻيڪ ميڊيا ۾ رپورٽ ٿيل خبرن موجب پيپلزپارٽي پنهنجي دور ۾ صحت جي شعبي ۾ 1900 ارب رپيا خرچ ڪري چڪي آهي، پر عملي طور ڪنهن به سرڪاري اسپتال ۾ بنيادي سهولتون ۽ اسٽاف جي به کوٽ آهي. سموري سنڌ ۾ صرف سول اسپتال ڪراچي ۾ هڪ برنس وارڊ آهي. جيڪڏهن صحت جي سهولتن جي حوالي سان سنڌ جي ٻي نمبر وڏي شهر ۾ اهڙي صورتحال آهي ته پوءِ باقي ٻين شهرن ۾ ڪهڙو حال هوندو؟ سنڌ سرڪار پاران زخمين لاءِ 5 ۽ شهيدن لاءِ 10 لک رپين جي امداد جو اعلان چڱو ڪم آهي، پر امداد ڏيڻ سان مسئلو حل ڪونه ٿيندو. واقعي ۾ هڪ ئي خاندان جا چار ڀاتي فوت ۽ اڪثريت وري معصوم ٻارڙن جي آهي. متاثر خاندان مزدوري پيشي سان تعلق رکن ٿا. حڪومت نه فقط انهن جي ڀرپور پرگهور لهي، پر مستقل بنيادن تي اهڙن واقعن جي تدارڪ توڙي سهولتن جي حوالي سان اڄ کان ئي رٿا بندي ڪري. سنڌ جي مڙني وڏن شهرن ۾ برنس وارڊ ۽ ٻيون ضروري سهولتون فراهم ڪيون وڃن. واقعي جي ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ۽ رهائشي علائقن مان ايل پي جي سلينڊر جي دڪانن کي منتقل ۽ پابندي لڳائي وڃي. سنڌ ۾ گئس جي لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي. سنڌ صوبو جيڪو 70 سيڪڙو کان وڌيڪ گئس پيدا ڪري ٿو اتي جي عوام کي رعايت ته نه ٿي ڏني وڃي، پر لوڊشيڊنگ جو عذاب ڇو آهي.؟ گيس جي لوڊشيڊنگ جي ڪري ئي ماڻهو مجبوري ۾ رڌ پچاءُ لاءِ ايل پي جي سلينڊر استعمال ڪن ٿا.
البته سنڌ حڪومت کي سموري صوبي ۾ غير قانوني گئس ڪٽ لڳائيندڙ ٽرانسپورٽ گاڏين خلاف ڪريڪ ڊائون ڪرڻ گهرجي ۽ اهڙين گاڏين مٿان پابندي لڳائڻ گهرجي، جن ۾ سي اين جي ڪٽ لڳل آهن انهن جي به فزيبلٽي ۽ صحت چڪاس ٿيڻ گهرجي. جن گاڏين ۾ کٽارا ۽ مدي خارج سي اين جي ڪٽس لڳل آهن انهن کي ضبط ڪري عوامي سفر لاءِ پابندي لڳائي وڃي ته جيئن انساني جانين کي زيان ٿيڻ کان بچائي سگهجي. اهو ڪم صرف ڪرپشن جو ذريعو نه بلڪه انساني همدردي ۽ قانون تي عمل درآمد ڪرڻ واري ذميواري کي سامهون رکي ڪيو وڃي.