قومي ٽيم جي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پهرين ڪاميابي

آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ڪينيڊا کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ايونٽ ۾ پهرين ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي.
ڪينيڊا جي 107 رنسن جو هدف قومي ٽيم ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 18هين اوور ۾ حاصل ڪري ورتو.
نيويارڪ جي نسائو ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندڙ مئچ ۾ پاڪستان ٽاس کٽي ڪينيڊا کي پهريان کيڏڻ جي دعوت ڏني.
پاڪستان طرفان محمد عامر شاندار بالنگ ڪندي چئن اوورن ۾ 13 رنسون ڏئي ٻن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو، حارث رئوف به 2 شڪار ڪيا، نسيم شاهه ۽ شاهين آفريدي هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.
قومي ٽيم طرفان محمد رضوان ذميواراڻي اننگ کيڏندي 53 رنسون ٺاهي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ڪيو.
ڪپتان بابر اعظم 33، صائم ايوب 6، فخر زمان 4 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا، جڏهن ته عثمان خان 2 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو.
محمد عامر کي بهترين بالنگ تي مئچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.
Pakistan T20worldcup2024 BabarAzam

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.