مودي، جي گھڙي ابتي ھلڻ لڳي

تحرير: محمد حنيف

ھي ان وقت کان اڳ جي ڳالھھ آهي جڏهن مودي صاحب کليل نموني چوڻ شروع ڪيو ته ڪڏهن ڪڏهن ائين لڳي ٿو تھ پاڻ ئي ڀڳوان آهيون.

وزيراعظم بڻجڻ کانپوءِ سندس پهريون آمريڪي دورو هو. جڏهن هو گجرات جو وڏو وزير هو ته مٿس مسلمانن جي قتل عام جو الزام ھو ۽ آمريڪا ۾ ھن جي داخلا  تي پابندي ھئي، پر وزيراعظم مودي کي ڪير روڪي پئي سگهيو.سرڪاري مصروفيتن سان گڏ، هو آمريڪي شهرن ۾ وڃي ڪري  وطن ڇڏي ايندڙ هندستاني ميڙاڪن کي خطاب ڪري رهيو هو. جھڙي طرح وطن ڇڏي ايندڙ پاڪستاني  شھرين جي اڪثريت عمران خان جي ديواني آهي ڇاڪاڻ ته انهن کي لڳي ٿو ته کين  آخرڪار ھڪ اهڙو ليڊر مليو آهي جيڪو اولھھ جي اڳواڻن سان اکين ۾ اکيون وجھي ڏسي سگهي ٿو.

اهڙي طرح مودي جي وزيراعظم بڻجڻ کان پوءِ سڄي دنيا ۾ پکڙيل  وطن ڇڏي آيل هندستانين پنھنجي هندو هجڻ تي فخر ڪرڻ  شروع ڪيو۽ پنهنجي قومي، مذهبي تشناخت کي گلي لڳايو.

مودي جو جلسو  نيويارڪ جي ميڊيسن اسڪوائر گارڊن ۾  پڻ ھو، مان بھ اتفاق سان نيويارڪ  ۾ ھوس. جلسي ۾وڃڻ جي ڪوشش ڪيم، پر معلوم ٿيو ته ڪيترائي با اثر هندستاني پڻ نھ پيا وڃي سگھن، ڇاڪاڻ ته ھائوس ڪڏھوڪو فل ٿي چڪو ھو.

مودي جي تقرير ھڪ مقامي چينل تي ٻڌي ۽ ڏٺي. جلسي گاھ ۾ ھن جو آڌر ڀاءُ ائين ئي ٿيو جئين ڪنھن راڪ اسٽار جو ٿيندو آھي. تقرير ۾ اھي ساڳيون ئي ڳالھيون ھيون انڊيا شائننگ واريون.سينو ٺوڪي اھو چوڻ  ته مان هندو آهيان، پوءِ هندستان ۽ آمريڪا جي اسپيشل رشتي جي ڳالهه ڪندي، مودي جي ھٿ جي ڪرائي مان پنھنجي گھڙي لاٿي ۽ چيو،ڏسو ھينئر نيويارڪ ۾ گھڻو وقت ٿيوآهي.وري گھڙي کي ابتو ڪري ڏيکاريائين ۽ چيو ته گھڙي کي ابتو ڪري  ڏسندؤ ته دهلي ۾ بھ اهو وقت آهي.

مونکي اھا ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. مان به پنھنجي گھڙي کي ابتو ڪري ڏٺو ته ڪراچي اڌ ڪلاڪ دھلي کان پوئتي هئي. ميڊيسن اسڪوائر گارڊن تاڙين ۾ گونجڻ  لڳو. مونکي  ابتي گھڙي جو منطق تڏھن بھ سمجھھ ۾ نھ آيو.

مون سوچيو ته ڪراچيءَ ۾ جيڪڏهن ڪو اهڙيءَ ڳالهه ڪري ته چوندا آهن ته وائڙو يا چريو ٿي ويو آهي، ڀاءُ.گھٽي جي ڪنڊ تي ٻُڌل جيڪا ڳالھھ وائڙي لڳي ٿي  اھا ئي ڳالھھ دنيا جي سڀ کان وڏي جمهوريت جو پرڌان منتري ڪري تھ گيان لڳندي آهي.

ڏھن سالن تائين، مودي جي،. هندستان جي جنتا ۽ ان کانپوءَ  دنيا جي طاقتور ترين  ليڊرن  کي ڀاڪر پائي پنھنجو گيان پھچائيندو رھيو، ڳالهھ ايستائين پھتي جو گذريل سال مائڪروسافٽ واري بل گيٽس کي ويهاري آرٽيفيشل انٽيليجنس بابت ليڪچر ڏيندو رھيو. هندستان ايتري وڏي مارڪيٽ آهي جو دنيا جي ڪنھن سيٺ جي اها جرئت نه آهي جو ھن کي چئي سگھي تھ وائڙو ٿيو آھين ڀاءُ.

ھندوستان ۾ چونڊ مهم شروع ٿي.مودي جي، جي پارٽي چار سئو پار جو نعرو ھنيو ۽ پوءِ چونڊ مھم ۾مودي جي، جو گيان ڌرتيءَ تان کڄي ڪري آسمان ڏانھن پرواز ڪرڻ لڳو.

پھرين ھو ماڻھن کي ٻڌائيندو ھو تھ ھو ننڍپڻ ۾ ريلوي اسٽيشن تي چانھھ وڪڻدو ھو،غربت ۾ پليو وڌيو وڏو ٿيو آھي.چاليھن سالن تائين ڀڪشا تي گذارو ڪندو رھيو آھي،ھاڻي فرمائڻ لڳو تھ ھن جي پيدائش ئي ھڪ معجزو ھو.

پھرين مغل بادشاھن جي راڄ جو بدلو ھندستان جي مسلمان کان وٺندو ھو،ھاڻي چونڊ مھم ۾ فرمائڻ لڳو تھ ھن جي سياسي مخالف ھندوئن جي  دولت کسي انهن کي ڏئي ڇڏيندو، جيڪي وڌيڪ ٻار پيدا ڪندا آھن يعني مسلمانن کي.

پوءِ خيال آيو ھوندو تھ جن  ووٽرن کي دولت ڦرجي وڃڻ کان ڊيڄاري رھيو آھيان، اھي تھ سرڪاري راشن ڳولي رھيا آھن.وري ھن چئي ڇڏيو ته  توهان جون مينھون ڦري وٺنداسين.توھان جا منگل سوتر ڦري وٺنداسين. ان کان پوءِ وري هڪ تقرير ۾ چوڻ لڳو ته سندس سياسي مخالف ،مسلمانن جا ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ مجرا ڪندا پيا وتن.شايد ڪنهن سندس ڪن ۾ چئي ڏنو ھجي تھ ته مودي جي.ڪجھ وڌيڪ نھ ٿي ويو آھي،ان ڪري هن هڪ انٽرويو ۾ فرمائي ڇڏيو تھ مون تھ پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به هندو مسلم سياست  ڪئي ئي نھ آهي.

نريندر مودي پنهنجو سفر هڪ نظرياتي ۽ سياسي ڪارڪن طور شروع ڪيو ھو ٻيڙين پٺيان ڪوڪا ٺوڪيندو ھو۽ هندو راشٽر جا خواب وڪڻدو ھو،اھو دنيا جي سڀ کان وڏي جمهوريت جو طاقتور حڪمران بڻيو.

پوءِ هن کي آئيني ۾ ڀڳوان  ڏسڻ ۾ اچڻ لڳو.ھن اليڪشن جي نتيجن کيس وزيراعظم تھ بڻائي ڇڏيو پر کيس ٻيھر سياستدان به بڻائي ڇڏيو. ھاڻي ھو شايد پنھنجي گھڙي کي ڏسندو ھجي ۽ سوچيندو ھجي تھ اھا تھ ابتي ھلڻ لڳي آھي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.